ڌيان طلب ايڇ آر سي پي جي رپورٽ…!

پاڪستان ۾ انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي ملڪ ۾ انساني حقن جي صورتحال جي ٽه ماهي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پهرين اپريل کان 31 جون تائين 77 ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي ۽ 32 کي موت جي سزا ملي، حڪومتي ادارن وڌيڪ 144 کي کنڀي گم ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. حڪومت جي جوڙيل گم ڪيل ماڻهن بابت جاچ ڪندڙ ڪميشن انگ اکر جاري ڪيا آهن ته ملڪ ۾ ماڻهن کي کنڀڻ جا وڌيڪ 144 ڪيس سامهون آيا آهن. رپورٽ ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ انتهاپسندي ۽ عوام جي پاڻ منصف بڻجڻ واري رجحان جو به ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ 13 اپريل 2017ع تي مردان جي ولي خان يونيورسٽي ۾ هجوم هٿان شهيد ڪيل شاگرد مشعال خان جو خاص طور ذڪر ڪيو ويو آهي. ايڇ آر سي پي جو چوڻ آهي ته مختلف سببن جي ڪري فردن کي هجوم پاران نشانو بڻائڻ وارو رجحان وڌي رهيو آهي.جي آءِ ٽي مشعال جي قتل کي منصوبابندي تحت قتل قرار ڏنو ۽ هڪ شاگرد اڳواڻ ۽ ملازم يونين اڳواڻ کي ملوث قرار ڏنو آهي. مشعال جو قتل ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪيئن مذهب ۽ توهين رسالت جي الزام کي ذاتي دشمني ڪڍڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هن ڪيس جي جوابدارن کي سزا ڏئي ٻين ماڻهن لاءِ مثال بڻائي سگهجي ٿو. اهڙا ٻيا واقعا به پيش آيا. 21 اپريل تي چترال ضلعي ۾ به ماڻهن هڪ مستاني کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي مسجد جي پيش امام بچايو. مانسهره ۾ هڪ نينگر کي ڇوڪريءَ سان ناجائز لاڳاپن جو الزام هڻي تشدد ڪري ماريو ويو. اهي واقعا رياست جي عوام کي تحفظ ڏيڻ جي صلاحيت کي ڪمزور ڪرڻ کي ثابت ڪن ٿا ۽ اهو به ظاهر آهي ته اسان جو معاشرو ڪيترو رت پياڪ بڻجي چڪو آهي. ان کي روڪڻ لاءِ معاشري کي مستقل بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. مئي ۾ بدين ضلعي مان رضا جروار، علي احمد ٻگهئي، شادي خان سومري ۽ عبدالعزيز گرگيز کي کنڀيو ويو. اسلام آباد ويجهو 9 جون تي پسند جي شادي لاءِ نڪتل ڇوڪريءَ کي پڪڙي گولي هڻي زخمي ڪيو ويو. ساڳئي ڏينهن لاهور ۾ مذهبي معاملن جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافي راڻا تنوير کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو. 23 جون تي پارا چنار ۾ عيد کان اڳ ٻن خودڪش حملن ۾ 72 ڄڻا مارجي ويا، جنهن جي ذميواري لشڪر جهنگوي قبول ڪئي. ساڳئي ڏينهن ڪوئيٽا ۾ جماعت الاحرار جي حملي ۾ 14 ڄڻا مارجي ويا. 5 اپريل تي بنو ويجهو مڙس ڪارنهن شڪ ۾ زال ۽ ڀاءُ کي ماري ڇڏيو. 27 اپريل تي هنزه گلگت بلتستان ۾ سياسي ڪارڪن تي سندس ئي پارٽي جي اڳواڻ تشدد ڪيو. 13 مئي تي گوادر ۾10 پورهيت قتل ڪيا ويا. 18 مئي تي ايف آءِ اي هڪ صحافي کي سوشل ميڊيا سرگرمين تي گرفتار ڪيو. 19 مئي تي هشاب بلوچستان ۾ خيرپور سنڌ جا 3 پورهيت قتل ڪيا ويا. 12 مئي تي مستونگ ۾ جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ عبدالغفور حيدري تي خودڪش حملي ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب ٽن مهينن ۾ موت جي سزا مليل 77 ڄڻن کي ڦاهي ڏني وئي، جڏهن ته عدالتن 32 ڄڻن کي موت جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته ان کان اڳين ٽماهي جنوري کان مارچ 2017ع تائين اهو انگ 13 هو. هي رپورٽ رياست جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي ته مذهب جي آڙ ۾ پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪندڙ ڪئين انساني جانين سان کيڏي رهيا آهن، رياست کي عرض آهي ته مذهب جو غلط استعمال ڪندڙن خلاف مثال بڻجندڙ ڪارروائي ڪئي وڃي جئين اڳتي ڪو به مذهب کي پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ استعمال نه ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *