ڌرڻي وارن جي سهولتن جي بندش جا حڪم

سپريم ڪورٽ فيض آباد وٽ لڳل ڌرڻي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ماڻهن کي تڪليف اچي رهي آهي، هڪ ٻار به رستو نه ملڻ جي ڪري فوت ٿي ويو، الله ڪري اهو ٻار اسان کي بخش ڪري، اسان کي صرف اهو ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي شريعت ۾ رستو بند ڪرڻ جو ذڪر موجود آهي يا ان جي اجازت ڏنل آهي. جڏهن رياست ختم ٿي ويندي آهي ته فيصلا رستن تي ئي ٿيندا آهن. هڪ وڻ لڳائڻ به نيڪي آهي پر اهو ڪم ڪير به نه ٿو ڪري، اهڙن معاملن سان اسان به پريشان ٿيون ٿا پر گاريون ناهيون ڏيندا، اسلام ۾ اهو ته ڪٿي به ناهي لکيل جيڪو ڪيو پيو وڃي ۽ هي سڀ انا جي لاءِ ڪيو پيو وڃي ۽ انا ۽ تڪبر سڀ کان وڏا گناهه آهن. هن وقت رياست جو ڪنڌ جهُڪيل آهي. ميڊيا اهڙن ماڻهن کي ڇا لاءِ گهرائي ٿي جيڪي انهن جي ها ۾ ها ملائين ٿا، هي ته الٽو چور پاران چوڪيدار کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڳالهه آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته معاملو تشدد طرف نه وڃي اسلام ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي لکيل جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا توهان کي اسلام جو پتو ناهي، پاڪستان به دليل جي بنياد تي ٺهيو ۽ جڏهن دليل جو بنياد ئي ختم ٿي وڃي ته ڏنڊي جي زور تي سٺي ڳالهه به صحيح نه ٿي لڳي، دشمنن جي لاءِ اهو سولو ڪم آهي، ڪٿي باهه لڳائي ڇڏين ۽ اسان پاڻ ۾ وڙهندا رهون، اهو سڀ ڪجهه پنهنجي شهريت جي لاءِ ٿي رهيو آهي، اٽارني جنرل چيو ته ڳالهين جي لاءِ عالمن کي شامل ڪيو آهي جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته توهان هيستائين ڪيترا ڪيس داخل ڪيا آهن. اٽارني جنرل چيو ته 18 ڪيس داخل ڪيا آهن، 169 ماڻهو گرفتار ڪيا آهن. چهلم جي ڪري اسان خون خرابو نه ٿئي چاهيو جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڌرڻو هڻندرن کي سهولتون فراهم نه ڪيون وڃن، هاڻي ائين ٿا ڪريون ته ڪيس رستي تي کڻي ٿا وڃون ۽ پوءِ ڪجهه ڪريون ٿا.

ٻڌڻي دوران جسٽس مشير عالم پڇيو ته اٽارني جنرل صاحب توهان رپورٽ جو جائزو ورتو آهي. جڏهن ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته رسول پاڪ صه ته مسڪرائڻ کي به صدقو قرار ڏنو آهي پر هتي ته مون کي ڪو به مسڪرائيندي نظر نه پيو اچي، گاريون سرعام ڏنيون پيون وڃن ڇا معاشرو ائين هلندو. جيڪڏهن ڪا شرعي ڳالهه ٿي آهي ته ان جي لاءِ شرعي عدالت موجود آهي، مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته اسلام امن سان پکڙيو آهي يا ڏنڊي جي زور سان. اتحاد، ايمان ۽ تنظيم ڪٿي نظر نه پئي اچي، جنهن کي مرضي پوي ٿي اهو گاريون ڏي ٿي، جيڪڏهن اهي اسلامي ڳالهيون آهن ته مون کي قائل ڪيو وڃي. ڪيترن ئي ڏينهن کان ماڻهن کي تڪليف ٿي رهي آهي جڏهن رياست ختم ٿي ويندي آهي ته رستن تي قتل ٿيندا آهن، اسان ڪنهن کي به تشدد ڪرڻ جو نه چونداسين، آرٽيڪل 5 کي اسان نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن آرٽيڪل 5 جي پوئيواري ناهي ڪرڻي ته پوءِ پاڪستان جي شهريت ڇڏي وڃي. ڌرڻي ۾ موبائيل فون هلي رهي آهي، ڌرڻي سبب عدالتي نظام خراب ٿي ويو آهي، ڌرڻي واري پارٽي ته چونڊ به وڙهي ان نالي سان سياسي پارٽي رجسٽرڊ ڪيئن ٿي، حڪومت جو پلان آف ايڪشن ڇا آهي، ڌرڻي وارن کي ڇا حڪومت چانهه پيش ڪندي آهي اسلام جي عظمت تي ڪڏهن به ٺاهه نه ٿيندو. ٻڌايو وڃي ته 17 ڏينهن کان اهي ماڻهو ڪٿان کائي پي عيش ڪري رهيا آهن.ڌرڻي سبب هڪ ٻار لاڏاڻو ڪري ويو جيڪڏهن اها ڳالهه ڌرڻو هڻندڙن کي سمجهه ۾ اچي ها ته اهي توبهه ڪري هليا وڃن ها. ايمبولينس کي رستو ڏيڻ کان اسان جي انا وڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *