ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو 45 هون صدر

ري پبلڪن پارٽي جو ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو 45 هون صدر چونڊجي ويو آهي. واشنگٽن پوسٽ موجب ڊونلڊ ٽرمپ صدر جي عهدي جي لاءِ 276 ووٽ اليڪٽورل کنيا جڏهن ته عهدي لاءِ 270 ووٽ اليڪٽورل گهربل هئا. ٻئي پاسي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي هيلري ڪلنٽن شڪست قبولي ورتي آهي. ۽هيلري ڪلنٽن شسڪت حاصل ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به نه ڪندي.  هيلڪري ڪلنٽن جي حمايت به شڪست قبولي ورتي آهي جڏهن ته شڪست بعد هيلري خطاب لاءِ نه پهتي، جنهن بعد حامي مايوس ٿي واپس موٽي ويا.هيلري ڪلنٽن ڊولنڊ ٽرمپ کي ٽيليفون ڪري چونڊن ۾ شڪست تسليم ڪئي ۽ ان کي مبارڪباد ڏني ان فتح کان پوءِ 70 سالن جو ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ ويندڙ آمريڪي صدر بڻجي ويو.

نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته رڳو ري پبلڪن جو نه پر ڊيموڪريٽڪ ۽ سمورن آمريڪين جو صدر آهيان، صدر چونڊجڻ جي لاءِ آمريڪي عوام جو ٿورائتو آهيان. دنيا ڄاڻي ڇڏي ته آمريڪي مفاد پهرين ترجيح هوندي، تنهن هوندي جيڪي قومون گڏ هلڻ چاهن انهن کي گڏ کڻي هلنداسين. چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ ٽرمپ هيڊڪوارٽر ۾ پهرين خطاب ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا جي عظيم روايت کي اڳتي وڌائينداسين ۽ سڀني کي اڳتي کڻي هلنداسين.  آمريڪي ترقي جي لاءِ معاشي پيداورا به کي ٻيڻو ڪيو ويندو. عوام جي حمايت ۽ راءِ سان اڳتي وڌنداسين ۽ رنگ ۽ نسل کان هٽي آمريڪي عوام جي خدمت ڪنداسين. زبردست مقابلو ڪرڻ تي ڊيموڪريٽڪ اميدوار هيلري ڪلنٽن کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو.

ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو نئون صدر چونڊجڻ کانپوءِ هيلري ڪلنٽن جا حامي روڊن تي اچي ويا آهن، جن ڊونلڊ ٽرمپ خلاف نعريبازي ڪئي آهي، جڏهن ته پوليس ڪيترن ئي مظاهرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رپورٽن موجب آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي کانپوءِ واشنگٽن، ڪيليفورنيا ۽ ٻين رياستن ۾ هيلري ڪلنٽن جي حامين احتجاجي مظاهرا شروع ڪري ڇڏيا آهن. واشنگٽن ڊي سي ۾ احتجاج ڪندڙن روڊ تي بيهي ٽريفڪ کي روڪي ڇڏيو ۽ ٽرمپ خلاف نعريبازي ڪندا رهيا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن وائيٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي پر پوليس انهن کي روڪي ورتو. مظاهرو ڪندڙ ”نو مور ٽرمپ“ جا نعرا هڻي رهيا هئا، جڏهن ته انهن ٽرمپ جي پتلي کي پڻ باهه ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيائي رپورٽن موجب لاس اينجلس، سان فرانسسڪو، سان ڊياگو ۽ ٻين رياستن ۾ پڻ ٽرمپ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *