ڇا وڏو وزير عوام کي ملندڙ پاڻي پاڻ پيئندو؟ 

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار، جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجادعلي شاهه تي ٻڌل  ٽي رڪني بينچ سنڌ  ۾ پيئڻ جوصاف پاڻي نه ڏيڻ  ۽ پاڻي جي نيڪالي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ، صحت جو سيڪريٽري،ماحوليات کاتي جو سيڪريٽري، آبپاشي جو سيڪريٽري، صنعت کاتي جو سيڪريٽري، مڪاني کاتي جو سيڪريٽري ،گهرو کاتي جي سيڪريٽري ، ڪراچي جو اڳوڻو سٽي ناظم  مصطفيٰ ڪمال،ايم ڊي واٽر بورڊ، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، وفاقي پلاننگ ڪميشن سيڪريٽري، انيس قائم خاني، رضا هارون ۽ ڊاڪٽر صغير سميت ٻيا پيش ٿيا.  عدالت جي ڪمري ۾ خراب پاڻي بابت درخواستگذار شهاب اوستو طرفان پيش ڪيل دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سي ايم صاحب دستاويزي فلم ڏسي احساس ٿيندو آهي، ڇا توهان کي ناهي ٿيندو؟ هن زمين تي سڀ کان وڏي نعمت ئي پاڻي آهي ۽ شاهه صاحب اسان ماڻهن کي صاف پاڻي به ناهيون ڏئي رهيا، ان ڪيس کي مخالفاڻو نه ورتو وڃي، اسان وڏي عزت ۽ احترام سان توهان کي گهرايو آهي.توهان جتي چئو اتي وڃي ان پاڻي جي هڪ هڪ بوتل پيئون ٿا، جيڪڏهن توهان چئو ته اسان به مٺي وڃي ندي مان هڪ گلاس پاڻي پيئون. ڇا اوهان تيار آهيو؟ اسان ۽ توهان گڏجي مسئلي جي حل لاءِ ڳولا ڪيون ٿا ۽ جيڪڏهن اسان جي مدد جي ضرورت آهي ته اسان کان مدد وٺو.توهان جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري منهنجن ٻارن جيان آهي ۽ هو ڏسي ته لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن جا ماڻهو ڪهڙو پاڻي پي رهيا آهن، خواهش هئي ته بلاول به هتي هجي ها ۽ صورتحال ڏسي ته ان کي به خبر پوي ها ته لاڙڪاڻي جي ڪهڙي صورتحال آهي. جسٽس فيصل عرب چيو ته توهان کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عوام چونڊيو آهي، انتظاميا جي ناڪامي کان پوءِ ماڻهو عدالتن ڏانهن منهن ڪندا آهن، پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت ۾ ڪو به معاملو عدالت تائين نه آيو.عدالت کي انتظاميا جي اختيارن کي استعمال ڪرڻ ڪو به شوق نه آهي . عدالتي ڪمري ۾ روسٽرم تي موجود سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪا ويڊيو عدالت ۾ ڏيکاري وئي آهي اها درخواستگذار جي بڻايل آهي،  صورتحال ايتري سنگين ناهي، موقعو مليو ته جلد سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي ويڊيو پيش ڪندس. چيف جسٽس چيو ته شاهه صاحب توهان ان ويڊيو کي ڇڏيو پر ڪميشن جي رپورٽ به ڏسي وٺو ۽ ان جي سنگيني جو جائزو وٺو، ڪميشن جي رپورٽ مسئلي جي حل تائين پهچڻ جو ذريعو آهي ۽ رپورٽ ۾ جيڪا نشاندهي ڪئي وئي آهي ان کان مدد وٺو. جيڪا ويڊيو ڪورٽ ۾ ڏيکاري وئي آهي ميڊيا جا نمائندا پنهنجن پنهنجن چينلن تي ڏيکارين ته جيئن عوام کي خبر پئي، سپريم ڪورٽ پنهنجا ڪلها توهان کي ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر شاهه صاحب توهان کي به ڪم مڪمل ڪرڻ جي گارنٽي ڏيڻي پوندي، توهان هن قوم جا چونڊيل اڳواڻ آهيو، علم، ليڊر شپ ۽ قانون تي عمل ڪندڙ قومون ئي ڪامياب ٿينديون آهن. ماضي ۾ جيڪو اسان ٻئي مرحلي ۾ ذميوارن جي ڳولا به ڪنداسين، پيئڻ جو صاف پاڻي صوبائي معاملو آهي، توهان ئي حل ڪندا، شاهه صاحب ٻڌي ڇڏيو ته هاڻ اهو مسئلو حل ڪرڻو آهي، جيڪڏهن خراب پاڻي کان ڇوٽڪارو نه ڏياريو ويو ته پنهنجن ٻارن کي ڪهڙو مستقبل ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *