ڇا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي گم ٿيل آزاد ٿي ويندا

سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان پورهيت سرويچ پيرزادي سميت گم ڪيل ماڻهن کي هٿ ڪري ٽن ڏينهن اندر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم، جي جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سيد فاروق شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ٻڌڻيون ٿيون، عدالت گم ٿيل پورهيت سرويچ پيرزادي بابت ڊي آءِ جي ڏکڻ عبدالخالق شيخ کي حڪم جاري ڪندي چيو ته گم ٿيل سرويچ پيزادي کي آزاد ڪرائي ٽن ڏينهن ۾ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي عدالت ۾ درخواست گذار گم ٿيل سرويچ پيزادو جي امڙ مهرالنساءِ جي وڪيل بئرسٽر ضمير گهمرو پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته پورهيت سرويچ پيرزادي کي 11 سيپٽمبر تي صدر واري علائقي ريگل چوڪ ڀرسان دوائن واري ڪمپني جي موٽر سائيڪل ۽ سامان سميت کنڀيو ويو آهي جيڪو اڃان تائين گم آهي،  عدالت گم ٿيل پورهيت سرويچ پيرزادي بابت ڊي آءِ جي ڏکڻ عبدالخالق شيخ کي حڪم جاري ڪندي چيو ته گم ٿيل سرويچ پيزادو کي آزاد ڪرائي ٽن ڏينهن ۾ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ساڳئي بئنچ بن قاسم ٿاڻي جي پپري سنڌي ڳوٺ مان 13 آگسٽ 2014 تي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او هارون ڪورائي طرفان فهيم ڀُٽي کي اغوا  ڪري گم ڪرڻ بابت گم ٿيل فهيم جي ٻڌڻي درخواست گذار گم ٿيل فهيم ڀُٽي جي والده فرزانه جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته فهيم لاڙڪاڻي جو رهندڙ آهي هتي مائٽن وٽ گهمڻ آيو هو هن کي ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون هارون ڪورائي اغوا ڪري کڻي ويو ۽ اڃان تائين گم آهي جنهن جي ايف آءِ آر عدالتي حڪم تي داخل ٿي هئي پر پوليس ملي ڀڳت ڪري اسان جي ايف آءِ آر اي ڪلاس ۾ خارج ڪري ڇڏي آهي ، عدالت ڊي آءِ جي اوڀر منير شيخ کي حڪم ڏنو ته هو ڪيس جي ٻيهر جاچ ڪري 11 ڊسمبر تي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ،ساڳي بئنچ ۾ نيول ڪالوني مان گم ٿيل علي احمد بلوچ بابت ٻڌڻي ٿي گذري عدالت ۾ گم ٿيل 21 سالن جي بي ڪام جو شاگرد علي احمد بلوچ جي والد حسنه بي بي ۽ چاچي وهاب بلوچ جي وڪيل عدالت کي دليل ڏيندي چيو ته علي احمد بلوچ کي 3 ڊسمبر تي ماڙيپور جي علائقي نيول ڪالوني مان پوليس موبائيل ۽ هڪ ڪار تي پوليس ۽ ماڻهو آيا اغوا ڪري کڻي ويا هن جو اڃان تائين ڪو به ڏس پتو ناهي، ته هو ڪٿي آهن وڪيل جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ ، عدالت گم ٿيل علي احمد بلوچ جي آزاديءَ لاءِ آءِ جي پوليس سنڌ ، ڊي جي رينجرز ، ايس ايس پي اتر ۽ ٻين کي نوٽس جاري ڪندي 11 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي .ساڳي   بئنچ ۾ گم ٿيل ضياءِ ڪالوني ڪورنگي جي رضوان جي آزاديءَ  بابت ٻڌڻي ٿي گذري عدالت ۾ گم ٿيل رضوان جي والده جي وڪيل عدالت کي دليل ڏيندي ٻڌايو ته رضوان کي ضياءِ ڪالوني مان 21 آڪٽوبر تي ايس ايڇ او جهان خان لاشاري ، اي ايس آءِ خالد پرويز ، اي ايس آءِ انور ، پي سي عاشق ۽ نذاقت علي اغواه ڪري کڻي ويا آهن ۽ هاڻي هن کي آزاد ڪرڻ لاءِ 4 لک روپيا رشوت وٺن ٿا ٻڌڻي دوران عدالت ۾ موجود ايس ايس پي سٽي شيراز نذير ٻڌايو ته گم ٿيل رضوان پوليس وٽ نه آهي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي آءِ جي ڏکڻ عبدالخالق شيخ کي حڪم ڏنو ته هو گم ٿيل رضوان کي آزاد ڪرائي ذاتي طور تي تفصيلي رپورٽ سميت 11 ڊسمبر تي عدالت ۾ پيش ٿئي، گم ٿيل ماڻهن جي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ماڻهو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان ڊڄي ڪري بلوچستان ڇڏي ڪراچي منتقل ٿيئن ٿا ، پر ڪراچي ۾ به حساس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خلاف شڪايتون ملن ٿيون ته ماڻهن کي حساس ادار ئي گم ڪري قتل ڪن ٿا پوليس به عدالت کان مٿانهون ڪم ڪري رهي آهي ۽ مسلسل عدالتي حڪمن کي نذرانداز ڪري رهي آهي عدالتن سان سرڪار ۽ پوليس جو رويو افسوس جوڳو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *