چونڊن جو ٻيو مرحلو ڇا پر امن ٿي سگهندو…؟

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي بعد ٻئي مرحلي جي شروعات کان پهرين مرحلي ۾ ٿيل خامين کي ختم ڪرڻ لاءِ گذريل ڏينهن وزير اعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاھ جي صدارت هيٺ امن مان جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو، گڏجاڻي ۾ ڪيل فيصلن بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ تعليم جي سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو چيو ته 19 نومبر تي صوبي جي 15 ضلعن ۾ ٿيندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن جي موقعي تي هٿيار بند فوج کي تيار رهڻ لاءِ درخواست ڪئي ويندي، ان کانسواءِ ريپڊ ريسپانس فورس ۽ رينجرز جا اهلڪار به موجود هوندا ته جيئن اهي چونڊون مڪمل طور پر امن نموني ٿي سگھن، . هن چيو ته اهڙو فيصلو سياسي جماعتن پاران ٿيندڙ مطالبن کي آڏو رکي ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس ايندڙ سومر ڏينهن چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪري کيس چونڊن جي موقعي تي هٿيار بند فوج جي نوجوانن جي تيار رهڻ جي درخواست ڪندا. صوبائي وزير چيو ته 15 ضلعن ۾ 2820 پولنگ اسٽيشنن کي تمام گھڻوحساس ۽ 5571 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو يو آهي هن چيو ته ريپڊ ريسپانس فورس پنجن کان ستن منٽن اندر ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي جي صورت ۾ ان هنڌ تي پهچي حالتن تي ڪنٽرول ڪندي. حڪومت ٽن ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي جوڙي آهي جيڪا انهن 15 ضلعن ۾ سڪيورٽي جي ضرورتن بابت رپورٽ تيار ڪري حڪومت کي پيش ڪندي. حڪومت هٿيار کڻي هلڻ ۽ ان جي نمائش تي مڪمل پابندي مڙهي آهي ۽ ان قانون تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو. هن انهن عناصرن کي تنقيد جو نشانو بڻايو جيڪي هر وقت حڪومت خلاف مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ دير ڪرڻ جا الزام لڳائيندا هئا. وقت ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته موجوده عوامي حڪومت مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائي اختيار هيٺئين سطح تي چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪرڻ ۾ پوري طرح مخلص آهي. موجوده حڪومت  مڪاني ادارن جي چونڊن دوران ووٽرس کي مڪمل طور تحفظ فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي ويندي. هن اهو به چيو ته چونڊن جو پهريون مرحلو خيرپور واقعي کان سواءِ پر امن هو ۽ خيرپور واري وقعي تي اسان سڀني کي سخت افسوس آهي. حڪومت جا پهرين مرحلي ۾ کنيل قدم ۽ وري انهن قدمن کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ بهتري آڻن جو فيصلو بهتر قدم آهي، ان ڪري اسان به سرڪار سڳوري کي اهو عرض رکنداسين ته مڪاني چونڊن ۾ ووٽرن کي پنهنجي ووٽ جو حق کليل نموني استعمال ڪرڻ جو حق حاصل هئي گهرجي، ووٽ جي بهاني هڪي ٻئي مٿان حملا ۽ قتل و غارت ڪنهن به نموني عوام جي حق ۾ نه آهي ان ڪري ان کي نه ورجايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *