ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي اتفاق

سياسي ۽ عسڪري قيادت چيو آهي ته ڀارت جي ڪنهن به ايڊوينچر جي لاءِ اسان پوري طرح تيار آهيون، سرحدن جي حفاظت لاءِ سياسي ۽ عسڪري قيادت ۽ پوري قوم متحد آهي. لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فورسز جي هروڀرو جي فائرنگ جو موثر جواب ڏنو ويو، ڀارت جو سرجيڪل اسٽرائيڪ جي دعويٰ بي بنياد ۽ ڪوڙي آهي جيڪا هاڻي بي نقاب ٿي وئي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ جي نازڪ موڙ تي لائين آف ڪنٽرول ۽ اوڀرندي سرحدن تي ڇڪتاڻ ۾ اضافي سان دهشتگردن کي فائدو پهچي سگهي ٿو پر هر قسم جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج تيار آهي. نيشنل ايڪشن پلان ۽ قومي سلامتي بابت اجلاس وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيا. اجلاسن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کان ملڪ کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هيستائين حاصل ٿيندڙ فائدن جي سگهه ڏيڻ لاءِ قومي سطح تي اجتماعي ڪوششون ۽ صوبائي سطح  خاص طور تي ڪوششن جي ضرورت آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقا جتي اڳڀرائي غير تسلي بخش رهي آهي، اتي اڳتي وڌڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. قومي سلامتي واري صلاحڪار ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمدي ڪميٽي جي ڪنوينر ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه اجلاس کي نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي صورتحال ۽ ان مرحلي تي درپيش چئلينجن کان آگاهه ڪيو. نيشنل ايڪشن پلان جي هر رخ تي ڌار ڌار تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، وزيراعظم هائوس طرفان جاري بيان موجب قومي سلامتي جي صلاحڪار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ صوبائي حڪومتن جو ڪردار اهم آهي ۽ اسان سڀني لاءِ مشينري جذبي سان گڏجي ڪم ڪرڻ اڻٽر آهي، اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي مختلف جزن لاءِ هدف ۽ نظام وقت جي حوالي سان ايندڙ جي لائحه عمل تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سول آرمڊ فورسز (سي اي ايف) جي قربانين جو اعتراف ۽ کين ساراهيو ويو، شرڪت ڪندڙ وفاقي ۽ صوبائي انٽيلي جنس ادارن جي ڪم جي به واکاڻ ڪئي جنهن سان سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي دهشتگردن جي ڪيترن ئي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ ۾ مدد ملي ۽ کين قانون جي دائري ڪار ۾ ڪم لاءِ ساز گار ماحول فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم جي سيڪريٽري فوجداري نظام انصاف ۾ سڌارن جي ڪجهه رخن تي بريفنگ ڏني، آئنده لائحه عمل جي باري ۾ اتفاق راءِ جوڙڻ جي لاءِ دهشتگردي بابت ڪيسن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جاچ، پڇاڻو ۽ عدالتي طريقيڪار جي حوالي سان قانون ۾ سڌارن جون تجويزون به شرڪت ڪندڙن کي پيش ڪيون ويون، شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ جامع رابطن جي ضرورت آهي، دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ انٽيلي جنس رايا حاصل ڪرڻ، تجزيا، جاچ پڙتال ۽ استعمال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف چيو ته نيشنل ايڪشن پلان سمورن ڌرين جي وچ ۾ ڊگهي بنياد جي اتفاق راءِ جو نتيجو آهي، قومي پاليسي گهرجن تحت اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي خلاف منهن ڏئي رهيا آهيون، قوم اسان مان معاشري کي انهن براين مان سدائين جي لاءِ ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي اميد رکي ٿي ۽ اسان هر حالت ۾ ان جي اميدن تي پورو لهنداسين. جڏهن ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *