ڀارتي فوج جون سرگرميون جنگبندي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي آهن

 

ڀارتي فورسز ڪنٽرول لائن ۽ ورڪنگ بائونڊري تي بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري ڪري عورت سميت 4 پاڪستاني شهرين کي شهيد  ۽ 8 ڄڻن کي زخمي ڪري وڌو. جڏهن ته پنجاب رينجرز ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي سڪيورٽي فورسز، سيالڪوٽ جي چپڙار سيڪٽر ۾ صلاح پور، جميان ۽ پتوال ڳوٺن ۾ بنا جواز فائرنگ ۽ گولاباري ڪئي. ڀارتي فورسز جي حملي ۾ 3 پاڪستاني شهري غلام مصطفيٰ، راحت ۽ بوٽا شهيد جڏهن ته پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڀارتي گولاباري سبب ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پڻ پهتو جڏهن ته ڪيترائي ڍور به مري ويا. ڀارتي فورسز طرفان لائين آف ڪنٽرول تي راولاڪوٽ جي نيزا پير سيڪٽر ۾ نند پور ۽ ٻين ڳوٺن ۾ به بنا جواز فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت شهيد ٿي وئي. ورڪنگ بائونڊري ۽ ڪنٽرول لائن تي ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۽ گولاباري تي پنجاب رينجرز پاران ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن به جنگي جنون ۾ ورتل ڀارتي سڪيورٽي فورسز سيالڪوٽ ۾ ورڪنگ بائونڊري جي ڦوڪ ليان سيڪٽر تي فائرنگ ۽ گولاباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب رينجرز پاران به ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي.هوڏانهن پاڪستان، ڀارتي جاسوس جهاز جي سرحدي حدن ۾ گھڙي اچڻ تي ڀارت آڏو سخت احتجاج ڪيو آهي، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري جو چوڻ آهي ته سرحد تي ڀارتي فوج جون سرگرميون جنگبندي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي آهن. پاڪستان ۾ مقرر ڀارتي هاءِ ڪمشنر ٽي سي اَي رگهوان کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو. ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ڀارتي جاسوس جهاز جي پاڪستاني سرحدي حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو. اعزاز چوڌري چيو ته جاسوس جهاز پاڪستان جي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندي تصويرون حاصل ڪري رهيو هو. هن چيو ته اهڙي قسم جا واقعا روس ۾ پاڪ ڀارت وزيراعظمن جي ملاقات بعد پيدا ٿيل خوشگوار ماحول کي متاثر ڪري سگهن ٿا. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ڀارتي سرگرميون جنگ بندي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي آهن، نئين دهلي هوائي حدن واري معاهدي تي عمل ڪري. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو. ياد رهي ته گڏيل ڏينهن ڪنٽرول لائن تي ڀمبر سيڪٽر وٽ پاڪستاني حدن ۾ ڀارتي جاسوس جهاز داخل ٿيو جنهن کي ڪيرايو ويو. ٻئي طرف پاڪستان ڪشمير تي غير قانوني قبضي واري ڀارتي الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪشمير تڪراري علائقو آهي، ڪنهن به قسم جا هڪ طرفا فيصلا ان جي اها حيثيت ختم نٿا ڪري سگھن ۽ ڪشمير مسئلي جو واحد حل گڏيل قومن جي ٺاهه تي مڪمل عمل ڪرڻ ۾ آهي، پرڏيهي وزارت جي هفيتوار نيوز بريفنگ ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان خليل الله قاضي جو چوڻ هو ته روس جي شهر اوفا ۾ پاڪ-ڀارت وزير اعظمن ملاقات دوران سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان ڀارت سان سمورن مسئلن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي. سندس چوڻ هو ته ڪشمير مسئلي جو واحد حل گڏيل قومن جي ٺاهه تي عمل سان آهي. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي گهرائي ڊورن جهاز سان پاڪستان جي جاسوسي ڪرڻ تي ڀارت سان سخت احتجاج ڪيو آهي.سندس چوڻ هو ته 11 جولاءِ تي ايل او سي جي ڀڃڪڙي تي به ڀارت سان احتجاج ڪيو آهي، ڀارتي جاسوسي جهاز گڏيل قومن جي قانون ۽ 1991ع جي پاڪ-ڀارت ٺاهه جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن ڀارتي فوج جي فائرنگ سان 4 شهري شهيد ٿيا آهن. ڀارت 5 جولاءِ تي به ڪنٽرول لائن جي ڀڇڪڙي ڪئي هئي.ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته 10 جولاءِ پاڪستان جي سفارتي تاريخ جو اهم ڏينهن هو، ان ڏينهن پاڪستان شنگهائي سهڪاري تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻيو. ايس سي او جي مڪمل  رڪنيت جو درجو ملڻ پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي. وزيراغظم نوازشريف چين، روس ۽ افغانستان جي صدر سان ملاقات ڪئي. چيني صدر سان ملاقات ۾ لاڳاپن کي نئين مٿانهين تي کڻي وڃڻ تي به اتفاق ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *