ٿرپارڪر ۾ موت جو راڪاس

ٿرپارڪر جتي اڄڪلهه موت جو راڪاس ابهم ٻارن جو ساهه نپوڙڻ لاءِ مٺي جي سرڪاري اسپتال ۾ گهر ڪري ويهي رهيو آهي ۽ اهو ڏينهن خالي نه آهي جنهن ڏينهن موت جي ان راڪاس ڪنهن تازي ڄاول ٻار جو ساهه نه نپوڙيو هجي ڪالهه به 4 معصوم ٻارڙا ان راڪاس جي خوني چنبن جو شڪار ٿي ويا اهڙي ريت گذريل 40 ڏينهن ۾ 61 ٻارڙا موت جو شڪار ٿي چڪا آهن اهو سلسلو ڪيستائين هلندو رهندو يا موت جو راڪاس ڪيستائين مٺي جي اسپتال ۾ آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندو رهندو تنهن جي ڪو به آخري خبر ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته فوت ٿيندڙ ٻارڙا غذائي کوٽ سبب فوت نه ٿيا آهن پر ٿڌ ۽ ٻين بيمارين وگهي فوت ٿيا آهن. جڏهن ته داين ذريعي ٻارن جي پيدائش جي ڪري به ٻارڙن جي موت ۾ اضافو ٿيو آهي. جڏهن ته ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ تقرير ڪندي چيو آهي ته مٺي ۾ فوت ٿيندڙ ٻارڙن تي واويلا ڪندڙن کي سنڌ جي ٻين اسپتالن ۾ روزانو 600 ٻارن جو مرڻ ڇو نظر نه ٿو اچي. شرجيل ميمڻ سڄي سنڌ جي اسپتالن ۾ روزانو 600 ٻارن جي مرڻ واري ڳالهه ڪري ڄڻ ته هڪ ٻيو پينڊورا باڪس کولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ ۾ صحت جو کاتو حڪومت جي اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم وٽ هو جنهن گذريل 20 سالن تائين ان کاتي مان ڍئو ڪيا آهن. ڪيترن ئي حلقن جو چوڻ آهي ته متحدا جيڪڏهن اسپتالن جي حالت سڌارڻ جي ڪوشش ڪري ها ته يقينن اڄ متحدا کي ڪيتريون واڌو مارڪون مليل هجن ها پر اسان جي خيال ۾ متحدا ان سلسلي ۾ ڪو خاص ڌيان نه ڏنو جنهن ڪري سڄي سنڌ جون اسپتالون پنهنجو اڳوڻو سوجهرو به وڃائي ويٺيون آهن. هن وقت حالت اها آهي جو ڪا به اسپتال ان قابل نه آهي جو اها اسپتال ۾ داخل ٿيندڙ ڪنهن مريضن جو تسلي بخش علاج ڪري سگهي. چيو وڃي ٿو ته سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن کي اسپتال جي اندر دوائون مفت فراهم ڪرڻ جي پٺيان سنڌ سرڪار جي کڻي ڪيتري به نيڪ نيتي هجي ليڪن ان نيڪ نيتي جو فائدو انهن جعلي ڪمپنين کي پهتو آهي جيڪي ٽنڊي آدم جي ڪيترن ئي گهرن ۾ ٺهيل نام نهاد فيڪٽرين ۾ ٻه نمبر دوائون ٺاهي رهيون آهن ۽ اهي دوائون سرڪاري اسپتالن ۾ گذريل 20 سالن کان وڏي پئماني تي فراهم ڪيون ويون آهن جيڪي ڪنهن مريضن کي ٽڪي جو به فائدو نه ڏيئي رهيون آهن. سنڌ جي اسپتالن ۾ مريضن کي اڄ به اهي دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن جنهن لاءِ مٺي سميت سڀني اسپتالن ۾ مريضن کي سرڪاري طرح ملندڙ دوائن جي چڪاس ڪرائي وڃي ۽ جعلي ڪمپنين پاران فراهم ٿيل دوائن کي نه رڳو اسپتالن مان ڪڍي ٻاهر اڇلايو وڃي پر جعلي دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي وڃي اسان جي خيال ۾ مٺي ۾ جيڪي ٻارڙا فوت ٿيا آهن يا ٿي رهيا آهن تن بابت به اها ڳالهه ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ڪٿي ان اسپتال ۾ ته اهڙيون جعلي دوائون استعمال ته نه ٿي رهيون آهن جيڪي ٻارڙن جي موت جو سبب بڻجي رهيون آهن. اسان کي حيرت ان ڳالهه تي آهي ته ٿر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ جيڪي هيڊ ڪوارٽر اسپتالون آهن ڇا علاج جي ذميواري رڳو انهن ٻن ضلعي هيڊ ڪوارٽر وارين اسپتالن مٿان لاڳو ٿئي ٿي ڇا ضلعي ۾ ٻين اسپتالن کي تالا لڳايا ويا آهن جو انهن اسپتالن ۾ ڪنهن به ٻار جو علاج نه پيو ڪيو وڃي جو ٿر واسين کي هڪ ڊگهو پنڌ ڪري ڪشالا ڪڍي مٺي ۽ عمرڪوٽ جي ضلعي اسپتالن ۾ پنهنجن معصوم ٻارڙن کي آڻڻو پئجي رهيو آهي. اسان جي صلاح آهي ته هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ضلعي هيڊ ڪوارٽر وارين اسپتالن کان علاوه جيڪي تعلقن ۾ اسپتالون موجود آهن انهن اسپتالن کي به هنگامي بنيادن تي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن واريون سهوليتون ڏيئي سرگرم ڪيو وڃي ۽ سڀني تعلقي اسپتالن ۾ ميٽرنٽي هوم جا خاص بندوبست ڪيا وڃن ته جيئن غريب ماڻهو داين ذريعي ويم ڪرائڻ بجاءِ ماهر ڊاڪٽرياڻين کان ويم ڪرائين اهڙي ريت جيڪڏهن يو سي سطح تي حڪومت اناج ۽ پاڻي جي موجودگي کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجن ڪوششن کي تيز ڪري، هر ڳوٺ ۾ غير سياسي ڪاميٽيون جوڙيون وڃن جن ۾ اسڪول جو هڪ استاد، مسجد جو پيش امام ڳوٺ جا 2 چڱا مڙس شامل ڪيا وڃن ۽ ان ڪاميٽي کي ذميوار ڪيو وڃي ته اها ضلعي ۽ تعلقي انتظاميا سان لهه وچڙ ڪري ۽ ڪنهن به ڳوٺ ۾ خوراڪ يا پاڻي جي کوٽ آهي ته ان لاءِ اها حڪومت کي ڄاڻ فراهم ڪري اهڙي ريت ٿر ۾ موبائل ڊسپينسريون هر ڳوٺ ڏانهن اماڻي هر ٿر واسي کي سندن گهرن جي در تي خوراڪ ۽ علاج جو بندوبست ڪرڻ سان ئي ٿر جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو اسان کي اميد آهي ته حڪومت ٿر جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هاڻ پنهنجون سڀئي توانائيون خرچ ڪندي. ٻي صورت ۾ اڃا ته رڳو ڪجهه ميڊيا وارا حڪومت جي پٺيان پيل آهن پر جڏهن اهو مسئلو سياسي پارٽين گڏيل طور تي هٿ ۾ کنيو ته پوءِ حڪومت کي شايد جان ڇڏائڻ مشڪل ٿي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *