ٿري ڏڪار ۽ انتظامي نااهلي

ٿر ۾ ڏڪار جون تباهه ڪاريون جاري آهن. وڌيڪ 3 ٻارڙا ۽ ٻه عورتون فوت ٿي ويون آهن. ڪالهه اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ٻورمي جو رهواسي ڇهه مهينن جو ٻارڙو غلام رسول ولد گلزار مهراڻپوٽو شهر جي نجي اسپتال ۾ ۽ ڏهه ڏينهن جي ٻارڙي شانتي ڌيءُ پاتو ميگهواڙ ڳوٺ کارو جاني ۾ فوت ٿي ويا. جڏهن ته ڇاڇري جي ڳوٺ جيتراڙ ۾ 10 مهينن جو علي خان پٽ نهال نهڙي ۽ ڳوٺ مٺاتڙ ۾ ڌاپو زال رڻڇو فوت ٿي ويا. اسلام ڪوٽ جي مختلف ڳوٺن ۾ پنج ڏينهن دوران ست معصوم ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن. ڳوٺ کاريو غلام شاهه ۾ روزينا ڌيءُ ارباب مهراڻپوٽو، ساڳئي ڳوٺ ۾ بي بي آف اسحاق سنگراسي، ڳوٺ موڙاڻو ۾ 15 ڏينهن جو ذڪاءُ الله ولد قاسم وسائيپوٽو، ڳوٺ ٻورلي ۾ ڇهن مهينن جو غلام رسول ولد گلزار مهراڻپوٽو ۽ ڳوٺ کارو جاني ۾ شانتي ڌيءُ پاتو ميگهواڙ سميت ٻيا فوت ٿي چڪا آهن. اسلام ڪوٽ جي شهر ۾ قائم نجي اسپتال ۾ ڳوٺ راٺي جي رهواسڻ ستٻائي زال صادق سمون ويم دوران ڪمزور هئڻ ۽ گهڻو رت وهڻ سبب تڙپي تڙپي موقعي تي فوت ٿي وئي. عورت جي فوت ٿيڻ باوجود لاش کڻڻ تائين به رت وهندو رهيو ۽ بند نه ٿيو. عورت جا وارث نصيب جو لکيو سمجهي لاش کڻي ڳوٺ روانا ٿي ويا آهن. اهم ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب قائم نجي اسپتال جعلي آهي. جتي مونيڪا هارون نالي ڊاڪٽرياڻي عورتن جي ڊليوري ڪرائي رهي آهي. وڌيڪ مليل ڄاڻ موجب عورت جو موت عطائي ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب ٿيو آهي. صحافي جڏهن واقعي واري هنڌ اسپتال پهتا ته فوتي عورت جا وارث لاش کڻائي وڃي چڪا هئا ۽ اسپتال جي ٻاهران به رت جا فرش تي نشان نظر آيا. فوتي عورت جو تازو ڄاول ٻار ته بچي ويو پر سندن جيجل ماءُ حياتي وڃائي چڪي. رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽرياڻي مونيڪا هارون ٻڌايو ته عورت ڪمزور هئي ۽ ايڇ بي تمام گهٽ هئي. ويم بعد عورت جو ٻار ته بچي ويو پر عورت جو تمام گهڻو رت هلندو رهيو. اسان رت جي بوتل به لڳائي، ان جي باوجود رت بند نه ٿيڻ ڪري عورت فوت ٿي وئي. ٻئي طرف پ پ اڳواڻ غلام جان سرهندي چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ هئڻ ڪري ٿر جا مسڪين ماڻهو عطائي ڊاڪٽرياڻين وٽ مجبورن وڃن ٿا.

 

ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جي منصوبي تي صحيحون ڪيون ويون

 

پاڻي ۽ بجلي واري وزارت ۽ اينگرو ڪمپني ۾ ٿـَر جـَي ڪوئلي مان 6 سئو 60 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبي تي صحيحون ڪيون آهن، وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ٿر جي ڪوئلي مان سستي بجلي پيدا ٿيندي، ٿر ٻارڙن جي موت ۽ ڏڪار سبب مشهور ٿيو آهي، جيڪا شرم جهڙي ڳالهه آهي. اسلام آباد ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت ۽ اينگرو ڪمپني ۾ ٿر مان بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبي “ ليٽر آف انٽريسٽ” تي صحيحون ڪيون ويون، ان موقعي تي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف ۽ اينگرو ڪمپني جي سي اي او معاهدي تي صحيحون ڪيون.منصوبي تي صحيحن واري تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان پاور جنريشن جو هي پهريون منصوبو آهي، ٿر جي ڪوئلي مان سستي بجلي پيدا ڪئي ويندي. خواجه آصف چيو ته منصوبو ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ڊسمبر 2017 تائين بجلي سسٽم ۾ اچي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته ٿر ٻارڙن جي موت ۽ ڏڪار سبب مشهور ٿيو آهي، قوم جي حيثيت سان کين ان تي شرم اچي رهيو آهي. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير چيو ته اينگرو ڪمپني ٿر ۾ پاور پلانٽ لڳائيندي، ڏڪار ماضي جو قصو بڻجي ويندو ۽ علائقي ۾ خوشحالي ايندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *