پ پ سرڪار جي آبادگارن ۽ هارياڻين سان ارهه زورائي…!

گذريل ڏينهن آبادگارن پاران سنڌ سرڪار جي ڪمند جي اگھن بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي شگر مِل مالڪن پاران عمل نه ٿيڻ، پوڇڙي جي زمينن تي پاڻي نه پهچڻ، زراعت بابت واضح پاليسي نه هئڻ، نقلي دوائن جي وڪري خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ سميت 14 مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ ايڪريڪلچر ريسرچ ڪائونسل (سارڪ) فارمر آرگنائيزيشن ڪائونسل ۽ ننڍن وڏن آبادگارن توڙي هاري عورتن پاران علي پَلهه، جاويد جوڻيجو، ڊاڪٽر شڪيل پلهه، مير مرتضيٰ اوٺو، عباس علي ڪالرو، ولي محمد ٿيٻو، ايڊووڪيٽ نهال لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بوٽ بيسن بينظير پارڪ کان بلاول هائوس تائين مارچ ڪيو ويو. جنهن کي پوليس بوٽ بيسن وٽ بلاول هائوس پهچڻ کان اڳ ئي روڪي ورتو. بلاول هائوس ويندڙ سمورا رستا رڪاوٽون رکي سِيل ڪيا ويا هئا. آبادگارن کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جي لاءِ پوليس آبادگارن مٿان لٺبازي ڪري ڏني ۽ واٽرڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال به ڪيو ويو. پوليس جي بدترين تشدد سبب علي خاصخيلي سميت 10 ڄڻا زخمي به ٿي پيا. جڏهن ته پوليس احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ علي پلهه، جاويد جوڻيجو، ولي محمد، غلام محمد ناگور سميت 100 کان مٿي ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪري ورتو. جن کي آرٽلري ميدان، بوٽ بيسن، صدر سميت ٻين مختلف ٿاڻن تي رکيو ويو. ان حوالي سان آبادگار اڳواڻن شڪيل پَلهه ۽ ٻين چيو آهي ته پرامن احتجاج ڪري رهيا هئاسين. سنڌ سرڪار ڪمند جو سرڪاري اگھه 182 روپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو آهي پر ان تي شگر مِل مافيا عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جنهن ڪري آبادگارن جو مسئلو اگھه مقرر واري نوٽيفڪيشن بعد به حل ناهي ٿي سگھيو. آبادگار پنهنجو ڪمند ساڙڻ تي مجبور آهن پر حڪومت شگر مِل مافيا جي ونگار وهڻ بند نه ٿي ڪري. بلاول هائوس اسان 14 نڪاتي چارٽر آف ڊمانڊ کڻي وڃي رهيا هئاسين جنهن ۾ مطالبا هئا ته ڪمند جي آبادگارن لاءِ هر سال پيش ايندڙ مسئلو حل ڪيو وڃي، ۽ آبپاشي کاتي جو صوبائي وزير مقرر ڪيو وڃي. زراعت بابت ڪا به پاليسي ناهي ان ڪري مستقل پاليسي جوڙي وڃي. نقلي دوائن جا بااثرن جي آشيرواد سان دڪان هلي رهيا آهن نقلي دوائون کپائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪڻڪ جي بارداڻي جي هر سال منصفاڻي ورڇ ڪئي وڃي. جيئن ننڍن آبادگارن کي به ڪڻڪ جو بارداڻو ملي سگھي. هنن الزام هنيو ته ڪڻڪ جو بارداڻو هر سال ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ٿو. جنهن جا ثبوت اسان عدالت ۾ به جمع ڪرائي چُڪا آهيون. اسان جا مُک اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا آهن، جن جي آزادي بعد اڄ اسان ايندڙ لائحه عمل بابت اهم اعلان ڪنداسين. احتجاج کان سواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو به رستو ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *