پ پ آئين ۾ تبديلي ۽ ڪلثوم نواز جي مخالف…!

اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي پانامه ڪيس ۾ نااهلي بعد سندس گهر واري بيگم ڪلثوم نواز ميدان ۾ لٿي آهي جنهن چونڊ وڙهڻ لاءَ نامزدگي ڪاغذ به جمع ڪرائي ڇڏيا آهن،  پاڪستان عوامي تحريڪ کان پوءِ پيپلز پارٽي به بيگم ڪلثوم نواز جي نامزدگي وارن ڪاغذن کي اليڪشن ڪميشن ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي جي اين اي 120 مان اميدوار فيصل مير به  اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست ڪندي چيو آهي ته بيگم ڪلثوم نواز نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ گهڻيون شيون لڪايون آهن جنهن تي هو صادق ۽ امين ناهي رهي ان ڪري آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي تحت ان کي اليڪشن جي لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي. مٿان وري پ پ قيادت به واضح طور مخالفت ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئين ۾ ترميم لاءِ نوازليگ جو ساٿ نه ڏينداسين، قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جا پنهنجا اصول آهن، اسان پنهنجن اصولن تي سياست ڪنداسين، ملڪ جي امن امان لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين، نوازشريف جي نااهلي بعد حڪومت حد کان وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ آئين ۾ ترميم ڪرڻ جي پويان پئجي وئي آهي، جيڪڏهن اهي ماڻهو ترميم ڪندا به ته ان جو نوازشريف کي ڪو فائدو نه ٿيندو، جيڪو هي چاهين ٿا اهو نه ٿيندو، جڏهن ته پيپلزپارٽي ان معاملي ۾ نوازليگ جو ڪڏهن به ساٿ نه ڏيندي، موجوده صورتحال ۾ سياسي ڇڪتاڻ مناسب ناهي، ان مشڪل وقت ۾ سوچڻ گهرجي ته اسان جي سرحدن تي ڇا ٿي رهيو آهي، سمورين ڌرين کي پنهنجي ملڪ بابت سوچڻ گهرجي. دبئي موجود اڳوڻي صدر ۽ پ پ شريڪ چيئرمين آصف زرداري  انٽرويو ۾ واضاحت ڪندي چيو آهي ته نواز شريف معافين ۽ منٿن جا پيغام پيو موڪلي، پر بلاول سرچاءُ نه ٿيڻ بابت چئي ڇڏيو آهي.  نواز شريف پنجاب ۾ حصو ڏيڻ جي آڇ به ڪئي پر بلاول انڪار ڪيو. نواز شريف پرڏيهي مدد وٺي. پاڪستاني ادارن سان اٽڪي رهيو آهي. نواز شريف جي نااهلي سان جمهوريت تي فرق نه پوندو. نواز شريف وزارت عظميٰ لاءِ ڪلثوم نواز کي ايم اين اي بعد وزيراعظم چونڊرائڻ چاهي ٿو، جنهن بعد هو ان ذريعي حڪومت ڪرڻ چاهي ٿو. اهو قوم سان مذاق هوندو. گيلاني جي نااهلي خلاف ريلي ڪڍون ها ته نقصان ٿئي ها. اسان ادارن خلاف نه وڙهياسين. مير شڪيل سدائين پ پ خلاف رهيو پر اسان جيو جي دفتر تي حملو نه ڪيو. ڪجهه ماڻهو عهدن لاءِ ملڪ کي ڪمزور ڪن ٿا، افتخار چوڌري عهدي لاءِ ڇاڇا نه ڪيو. نواز شريف مني ٽريل نه ڏئي سگهيو. نواز شريف عوام کي رستن تي آڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *