پي ٽي آءِ جو ڌرڻو ۽ حڪومتي قدم

حڪومت پي ٽي آءِ جي ڌرڻي کي روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. ڌرڻي کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ پي ٽي آءِ ۽ (ق) ليگ جي قيادت کي نظربند ڪرڻ جو فيصلو ڪندي فوج جي مقرري جي مدي ۾ ٽن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن موجب وفاقي حڪومت تحريڪ انصاف جي ڌرڻي کي روڪڻ جي لاءِ راولپنڊي ۽ لاهور جو زميني رابطو ختم ڪرڻ جي لاءِ پهرين نومبر کان پشاور کان اسلام آباد ۽ لاهور کان اسلام آباد موٽروي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ڌرڻي کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ پي ٽي آءِ ۽ (ق) ليگ جي اڳواڻن کي نظربند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊويزن ۽ ضلعي سطحن تي پڻ پارٽي جي سرگرم ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويندو، نوازليگ جو چوڻ آهي ته ڌرڻي جي صورت ۾ امن امان ۾ خلل برداشت نه ڪيو ويندو. جڏهن ته حڪومت جهلم درياءَ ۽ اٽڪ جي پلين کي ڪنٽينر هڻي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته پنجاب ۾ تحريڪ انصاف کي سختي سان منهن ڏيڻ جو پڻ رٿيو ويو آهي.

ٻئي طرف گهرو وزارت آئين جي آرٽيڪل 245 تحت اسلام آباد ۾ پاڪ فوج جي دستن جي قيام ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. فوج جي قيام ۾ واڌ جي منظوري چيف ڪمشنر اسلام آباد جي درخواست تي ڏني وئي آهي. چيف ڪمشنر اسلام آباد فوجي دستن جي قيام ۾ 90 ڏينهن جي واڌ لاءِ هڪ سمري موڪلي هئي ۽ گهرو وزارت ان جي منظوري ڏيندي ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ 350 فوجي جوان حساس جاين ۽ ڪوئيڪ ريسپانس فورس طور موجود آهن، ان کان اڳ ۾ 1500 رينجرز ۽ 50 گلگت بلتستان اسڪائوٽس جي قيام ۾ به ٽن مهينن جي واڌ ڪئي وئي آهي. حڪومت فوج، رينجرز ۽ ٻي فورس کي ضرورت پوڻ تي طلب ڪري سگهي ٿي. آئين جي آرٽيڪل 245 تحت فوج ۽ رينجرز جي جوانن کي مليل اختيارن کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج نه ٿو ڪري سگهجي.

پي ٽي آءِ جي ڌرڻي جي اعلان بعد حڪومتي نمائندن ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۾ ميڊيا ذريعي بيان بازي جو سلسلو به جيئن جو تئين تيز ٿيندو پيو وڃي، حڪومت جا کنيا ويندڙ قدم ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا، حڪومت کي گهرجي ته ٽئين ڌر کي وچ ۾ آڻي معاملن کي بهتر نموني سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري جئين اڳتي هلي آرمي پبلڪ اسڪول جهڙو واقعو رونما نه ٿئي جنهن سان پوري قوم ڌڏي اٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *