پيٽرول اگهه ۾ گهتٽائي ڇا عوام کي فائدو ملي سگهندو..؟

 

وزيراعظم محمد نواز شريف پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ، نئين قيمتن موجب پيٽرول جي قيمت 7.99 رپيا، هاءِ اوڪٽين 11.82 رپيا، ڪيروسن آئل 10.48 رپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل 5.62 رپيا، لائيٽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 9.56 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، حڪومت پيٽرول بحران جي معاملي تي جاچ ڪري رهي آهي ۽ ان معاملي کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، افغانستان دهشتگردي جي خلاف اسان سان تعاون ڪري رهيو آهي، افغان صدر جي پاڪستان جي دوري دوران طئي ٿيل معاملن تي ٻئي ملڪ عملدرآمد ڪري رهيا آهن. ڇنڇر ڏينهن هتي ايليٽ ٽريننگ اسڪول بيديان ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري فورس جي بيچ جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب حڪومت کي 68 ارب رپين جو نقصان ٿيو، حڪومت ان مان 28 ارب رپيا تيل جي قيمتن مان روينيو گڏ ڪندي جڏهن ته 40 ارب رپين جو نقصان پوءِ حڪومت کي برداشت ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته پيٽرول جون قيمتون جيڪي 10.75 رپيا گهٽ ٿيڻيون هيون پر ان مان 2.76 رپيا حڪومت رکندي ۽ عوام کي قيمتن ۾ 7.99 رپيا گهٽتائي جو فائدو ٿيندو. اهڙي طرح هائي اوڪٽين جي قيمت 14.98 رپيا گهٽ ٿيڻي هئي ان مان 3.61 رپيا حڪومت رکندي، ڪيروسن آئل مان 2.42 رپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل مان 3.18 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل مان 2.28 رپيا حڪومت رکندي جنهن سان حڪومتي خسارو گهٽ ڪيو ويندو. محمد نواز شريف چيو ته 31 آگسٽ 2014ع کان هيستائين پيٽرول جي قيمت ۾ 37.68 رپيا، هائي اوڪٽين جي قيمت ۾ 54.32 رپيا، ڪيروسن آئل جي قيمت ۾ 35.61 رپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 28.71 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 35.33 رپيا گهٽتائي ٿي. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ حڪومتن پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل نه ڪيو پر موجوده حڪومت ان ڏس ۾ فوري طور تي عوام کي فائدي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا فائدا عوام ڏانهن منتقل ڪيا، اسان جي دعا آهي ته غريب ملڪن جي فائدي لاءِ اهي قيمتون ٻيهر نه وڌن. وزيراعظم چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي تنهن هوندي به ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ جيتري گهٽتائي ٿيڻ گهرجي ها ايتري ناهي ٿي پر ان سلسلي ۾ صوبائي حڪومتن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ته جيئن ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻي سگهجي. وزيراعظم چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو زرعي ۽ صنعتي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي به پهچندو جنهن سان ڀاڻ جون قيمتون گهٽ ٿينديون ۽ ان جو اثر ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ کاڌي پتي جي شين تي به پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ تيل جي بحران جي معاملي تي حڪومت جاچ ڪري رهي آهي جنهن جو هڪ سبب پي ايس او ۽ نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي وچ ۾ قيمت طئي نه ٿيڻ هو. هوڏانهن حڪومت تيل سستو ٿيڻ بعد عوام جي خوشين تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت تيل سستو ٿيڻ کانپوءِ پيٽروليم شين تي 5 سيڪڙو واڌو سيلز ٽيڪس لڳائي ڇڏيو آهي، جنهن سان تيل سستو ٿيڻ جو عوام کي اڌ فائدو ملندو.  ناڻي واري وزارت پاران هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سيلز ٽيڪس ۾ واڌ جو اعلان ٿيل آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس جي شرح ۾ پنج سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس 22 سيڪڙو مان وڌي 27 سيڪڙو ٿي ويو آهي. پهرين فيبروري کان سيلز ٽيڪس ۾ 5 سيڪڙو واڌ لاڳو ٿي ويندي. ملڪ ۾ باقي شين تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو آهي.  ماهرن جو چوڻ آهي ته تيل تي سيلز ٽيڪس ۾ پنج سيڪڙو واڌ جو عوام کي وڏو نقصان ٿيو آهي. ماهرن موجب تيل تي واڌو ٽيڪس لڳڻ سان هاڻي ان جي اگھن ۾ 10 رپين بدران 8 رپيا لاٿ ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *