پيادل لانگ مارچ جي ڪراچي ۾ پڄاڻي…!

سنڌ هيومن رائيٽس، قوم پرستن ۽ وائيس آف مسنگ پرسن پاران سنڌ جي گُم ٿيل نوجوانن جي آزادي جي لاءِ حيدرآباد مان نڪتل لانگ مارچ جي تاريخي پُڄاڻي ڪراچي پريس ڪلب آڏو ٿي، 29 جولاءِ تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس جو اعلان ڪيو ويو آهي. عالمي ضمير ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان نوجوانن جي آزادي ۾ مدد جو مطالبو ڪيو ويو آهي، پير پِٿون ڪري سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي پهتل گُم ٿيل نوجوانن جي مائرن ۽ قومي ڪارڪنن سميت سول سوسائٽي جي اڳواڻن جو چوڻ  هو ته سنڌ جي باشعور ۽ حقن جي ڳالهه ڪندڙ نوجوانن کي ڏوھ ٻڌائڻ بِنا ئي کنڀي گُم ڪيو پيو وڃي. گذريل ڏينهن کنڀيل نوجوانن جي آزادي لاءِ نڪتل پيادل لانگ مارچ ڪراچي پريس ڪلب وٽ پڄاڻي تي پهتو، مارچ ۾ ڪراچي جي سنڌي نوجوانن ۽ قومي ڪارڪنن شريڪ عورتن کي اجرڪون اوڍايون ۽ مٿن گُلن جي ورکا ڪئي. جڏهن ته ڪراچي پريس ڪلب اڳيان گُم ٿيل ماڻهن جي آزادي جي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو پڻ هنيو ويو. ان موقعي تي سول سوسائٽي جي اڳواڻ پنهل ساريو، جسقم آريسر جي ڊاڪٽر مير عالم مري، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سورٺ لوهار، معشوق چانڊيو، امر فياض، تنوير آريجو، ادل سولنگي، نيلم آريجو، سسئي لوهار ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مان نوجوانن کي کنڀي گُم ڪرڻ وارو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي. جنهن تي ڳڻتي آهي. سنڌ جي ماڻهن کي ڳجھا ادارا کنڀي گُم ڪرڻ کان اڳ کين پنهنجو ڏوھ ئي نه پيا ٻڌائين. جنهن ڪري نوجوانن جي گھرن ۾ ڪهرام متل آهي. پيادل مارچ وقت گُم ٿيل نوجوانن جو انگ 50 هيو پر پيادل مارچ دوران وڌيڪ 11 نوجوانن کي کنڀي گُم ڪيو ويو آهي. جنهن بعد انگ 61 ٿي ويو آهي. کنڀي گُم ڪيل نوجوانن مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي. پر ڪو به ادارو توڙي جمهوري حڪومتون سنڌ جي ماڻهن مٿان ٿيندڙ ان ظلم خلاف آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهن. 29 جولاءِ تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪانفرسن ڪوٺائي وئي آهي. جنهن ۾ سنڌ جا ليکڪ، شاعر اديب شرڪت ڪندا. سنڌ جي ماڻهن کي اپيل ڪئي  وئي آهي ته هر ماڻهو ان ڪانفرنس ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري جيئن گُم ٿيل نوجوانن جو آواز بين الاقوامي سطح تائين پهچائي سگھون. ڳجھا ادارا سنڌ جي شعور کي گُم ڪري رهيا آهن، اها اهڙي سازش آهي جنهن کي سنڌ ڪڏهن به برداشت نه ڪندي. سنڌ جا ماڻهو پرامن ۽ پنهنجي حقن خاطر اظهار جي آزادي جو استعمال ڪري رهيا آهن پر کين کنڀي گُم ڪري انهن جا لاش گھرن ڏانهن موڪليا پيا وڃن. اهڙو عمل مذمت جوڳو آهي. انساني حقن جون تنظيمون ان معاملي جو نوٽس وٺن. ۽ هن اها پڻ گھُر ڪئي آهي ته کنڀي گُم ڪيل نوجوانن کي جلد آزاد ڪيو وڃي.اسين هنن کي قومي ڪارڪن نه پر سنڌ جا سپوت چونداسين، جيڪي پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪرڻ سبب عتاب هيٺ آهن، آئون انهن جو ڪيس مفت ۾ وڙهندس، اسان کي ڪڏهن زهر پياري ماريو وڃي ٿو ڪڏهن ساڙي لاش ڏنا وڃن ٿا، ڌرتي سان محبت يا پنهنجا حق گهرڻ دهشتگردي ناهي، جيڪڏهن اسان جا نوجوان ڪنهن ڏوهن ۾ گهربل آهن ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *