پوليو جو خاتمو ممڪن بڻايو وڃي

هن وقت جهڙي ريت پوليو جو مرض هڪ خطرناڪ بيماري جي شڪل ۾ نظر اچي رهيو آهي، تهڙي ريت اڄ کان 30 سال اڳ تائين ماتا به ائين ئي هڪ خطرناڪ بيماري هوندي هئي ۽ شايد ئي ڪو گهر هوندو هو جنهن مان ڪو ٻار ماتا جي مرض ۾ مبتلا نه ٿيو هجي يا ڪنهن گهر مان ڪنهن ٻار جو لاش نه کڄيو هجي. ليڪن ماتا کي ختم ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ به وڏي پيماني تي مهم هلائي وئي، انهن ڏينهن ۾ به عام ماڻهو ٻارن کي ٽڪا هڻائڻ بجاءِ پنهنجن ٻارن کي گهرن ۾ لڪائي ڇڏيندا هئا. تنهن هوندي به وڏي مٿاڪٽ کانپوءِ اهي ٽڪا هر ننڍي وڏي کي لڳايا ويا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سڄي دنيا مان ماتا جي بيماري جو مڪمل خاتمو اچي ويو. 18 هين صدي ۾ ته ڪيتريون ئي بيماريون ڄڻ ته سڄي انسان ذات جون دشمن بڻجي نڪري نروار ٿيون هيون. جيستائين انهن بيمارين جو هڪ هڪ ڪري علاج نه ڳوليو ويو، تيستائين ته عام ماڻهو کرٽيو، ٽائيفائيڊ، الٽيون ۽ دست جهڙين بيمارين وگهي به هزارن جي تعداد ۾ موت جو شڪار ٿي ويندا، انهن ڏينهن ۾ ٽي بي به خطرناڪ بيمارين ۾ شمار ٿيندي هئي ۽ جنهن به شخص کي ٽي بي ٿي ويندي هئي، تنهن لاءِ ڄڻ ته مرڻ جو ٽائيم ٽيبل اڳواٽ ئي طئي ٿي ويندو هو، ليڪن هاڻ اهي سڀيئي بيماريون انسان جي ضابطي هيٺ اچي چڪيون آهن. هاڻ جيڪڏهن ڪوشخص انهن بيمارين وگهي مري ٿو ته ان ۾ ان جو پنهنجو قصور به سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته صحيح علاج ئي انهن بيمارين جو آخري حل آهي. بهرحال جتي انسان ڪيترين ئي نين بيمارين سان به متعارف ٿيو آهي، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته انسان اڃا هڪ بيماري جو علاج ڳولي هٿ ڪري ٿو ته قدرت ان کان به وڌيڪ خطرناڪ بيماري انسان جو سامهون آڻي بيهاريو ڇڏي ۽ انسان ان بيماري خلاف جنگ جوٽڻ ۾ لڳيو وڃي.

                      هن وقت انسان ايڊز جو علاج اڃا هٿ ئي نه ڪيو آهي ته وري ايبولا نالي هڪ ٻي بيماري انسان جي خاتمي لاءِ چئلينج طور سامهون اچي رهي آهي، هن وقت انسان ايڊز جي بيماري جو علاج اڃا ڳولي مس هٿ ڪندو ته ان کي وري ”ايبولا“ بيماري کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجيون سڀيئي توانائيون خرچ ڪرڻيون پونديون. هن وقت اسان جو مسئلو ايڊز ۽ ايبلولا بيمارين کان وڌيڪ پوليو جي بيماري آهي، جنهن لاءِ پاڪستان کي هيلتائين مختلف عالمي ادارا کربين رپيا ڏيئي چڪا آهن، پر پوليو جو مرض ختم ٿي نه سگهيو آهي، جنهن ڪري هاڻ انهن ادارن به پاڪستان طرف ڪاوڙيل نظرن سان ڏسڻ شروع ڪيو آهي شايد اها ڪاوڙ ئي آهي، جنهن گذريل ڏينهن وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ پاڪستان جي چئني صوبن جي وڏن وزيرن صحت جي عالمي اداري يونيسيف، عالمي بينڪ ۽ جائيڪا جي نمائندن کي اسلام آباد ۾ گڏجي ويهي سوچڻ تي موجبور ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان عالمي برادري جي خدشن کي سمجهون ٿا، پر دنيا به اسان جي مجبورين کي سمجهي پوليو جي خاتمي لاءِ ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان کي ڪيترائي مسئلا درپيش آهن. پاڪستان ۾ پوليو و رڪرن کي نشانو بڻايو ويو، تنهن هوندي به اسان کي پنهنجن ٻارڙن جي مستقبل کي محفوظ ٺاهڻ لاءِ پوليو جو خاتمو ضروري آهي. هن اهو به چيو ته ڏکڻ وزيرستان ۾ پاڪ فوج جو آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي. 2012ع ۾ جن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارجي نه سگهيا هئا، تن ٻارڙن کي به هاڻ پوليو جا ڦڙا پياريا پيا وڃن.

                      ان موقعي تي گڏجاڻي کي ڄاڻ ڏني وئي ته جاپان پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ 55 ڪروڙ رپيا فراهم ڪندو، جڏهن ته بل گئٽس پاران 37 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا. جنهن کانپوءِ وزيراعظم ان عزم جو اظهارڪيو ته اسان پاڪستان ۾ 6 مهينن اندر پوليو جو مڪمل خاتمو ڪري ڇڏينداسين. پوليو جي خاتمي لاءِ وزيراعظم پاران ڏيکاريل عزم جي ته واکاڻ ڪري سگهجي ٿي، پر زميني حقيقتون اهي آهن ته 6 مهينن اندر پوليو جو خاتمو ٿيندو نظر نه ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته پوليو جا ڦڙا جن ٽيمن ذريعي گهرن تي پهچايا وڃن ٿا، انهن ڦڙن کي محفوظ رکڻ لاءِ جنهن احتياط جي ضرورت آهي، اهو احتياط ٿيندي ڪٿي به نظر نه ٿو اچي، جنهن ڪري پوليو وارا ڦڙا پنهنجو اثر وڃائي ويهن ٿا. اهڙي ريت اڄ به ڪجهه ڌرين پاران پوليو جي ڦڙن بابت ڪجهه افواهه پکيڙيل آهن ته انهن ڦڙن ۾ خانداني رٿابندي واري دوا شامل آهي يا اهي ڦڙا حرام جزن مان تيار ڪيا و ڃن ٿا جي ڪري به ماڻهو اهڙا ڦڙا پيارڻ کان پاسو ڪن ٿا، ان لاءِ ضروري آهي ته هڪ ته افواهن جو ٽوڙ ڳوليو وڃي ته ٻئي طرف پوليو جي ڦڙن کي محفوظ ڪرڻ ۽ منتقل ڪرڻ واري عمل جو جائزو وٺي اها جاچ ڪرڻ گهرجي ته ڪٿي اسان کان ڪوتاهيون ٿي رهيون، جنهن ڪري اهي ڦڙا پنهنجو اثر ڏيکارڻ ۾ ڪارگر ثابت نه ٿي رهيا آهن.

                      بهرحال بل گيٽ، جاپان ۽ٻين ادارن پاران جيڪا امداد ڏني پئي وڃي، اها آخري اميد سمجهڻ گهرجي، جيڪڏهن اهو موقعو هٿن مان نڪري ويو ته پوءِ شايد پوليو جي خاتمي واري مهم لاءِ اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ شايد ڪو به نه اچي، ان ڪري اسان جي صلاح آهي ته هن آخري مهم کي اثرائتو بڻائي پوليو جي خاتمي واري مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سڀئي وسيلا استعمال ڪيا وڃن ته جيئن پوليو جو خاتمو اچي سگهي ته ٻئي طرف عالمي ادارن وٽ به پاڪستان جو اعتماد بحال رهي ته جيئن آئينده به اهي ڪنهن اهڙي ٻي مهم لاءِ پاڪستان تي ڀروسو ڪري سگهن ۽ پاڪستان خطرناڪ بيمارين کان بچندو رهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *