پورهيتن جي اجرت وارو بل ترميمن سان منظور

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن پاران شديد هنگامه آرائي ۽ شور شرابي دوران سنڌ پئمينٽ آف ويجز بل 2015ع کي مختلف ترميمن بعد اڪثريت سان منظور ڪرايو ويو، اپوزيشن جي ميمبرن قائم مقام اسپيڪر جي نشست آڏو بيهي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، شديد نعريبازي جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير نثار احمد کهڙو ايم ڪيو ايم ميمبرن کي طعنو ڏنو ته هو ڪراچي ۾ گذريل آچر واري ڏينهن ٿيندڙ هڪ وڏي جلسي بعد ايوان ۾ سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هاڻي انهن کان ڪجهه به نه پيو ٿئي. نثار کهڙو ايم ڪيو ايم کي اهو به طعنو ڏنو ته هو هميشه ڪنهن جي اشاري جي منتظر رهندي آهي، هاڻي ان کي اهڙو ڪو به اشارو ڪونه پيو مليو ۽ هي ماڻهو سنڌ جي حقن جي باري ۾ به سنجيده ناهن، ايوان جي ڪارروائي پرسڪون ماحول جاري هئي ته ان دوران جڏهن پورهيتن جي اجرتن متعلق بل تي غور ڪرڻ وارو مرحلو آيو ته نثار احمد کهڙو قائم مقام اسپيڪر سيده شهلا رضا کي چيو ته هو اها گذارش ڪرڻ چاهي ٿو ته ايوان پنهنجي گذريل ڪارروائي دوران سنڌ پئمينٽ آف ويجز بل جي شق نمبر 2 ۾ گڏيل طور ترميم جي منظوري ڏني هئي پر هو سمجهي ٿو ته هن بل تي وڌيڪ غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ان حوالي سان ڇنڇر ڏينهن هن ايم ڪيو ايم جي پارلياماني اڳواڻ سيد سردار احمد محنت ۽ قانونن وارن کاتن جي لاڳاپيل اعليٰ عملدارن سان مشاورت به ڪئي هئي. رول 256 تحت ڪلاس-2 پاس ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي اها اسيمبلي جي ملڪيت آهي. چاهيان ٿو ته ڪلاس-2 جهڙي طريقي سان پاس ٿي ان کي واپس وٺڻ ۽ ان تي هڪ دفعو ٻيهر نئين سري سان غور ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ائين ڪرڻ پورهيتن جي حقن ۽ قانوني پيچيدگين جي خاتمي لاءِ ضروري آهي جيڪڏهن ايوان اجازت ڏئي ڇڏي ته مان تحريڪ پيش ڪريان.  بل کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته پهريان ان کي پراڻي شڪل ۾ آندو وڃي. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو نثار کهڙي جي موقف جي حمايت ڪندي چيو ته صوبي ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جو تحفظ ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ اهو ڪهڙي طرح ممڪن آهي ته صوبائي حڪومت پنهنجي 37 انتظامي کاتن جي ڪمن متعلق هر معاملي ۾ وفاق کي پڇندي رهي.  ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن ۽ سردار احمد چيو ته اسان بل جي اصل روح جي خلاف نه آهيون، اڪثريت جو اهو مطلب ناهي ته هر شيءِ کي بغير ڪنهن سوچڻ سمجهڻ جي منظور ڪرايو وڃي، سنڌ حڪومت وفاق کي خط لکڻ چاهي ٿي ته ڀل لکي جيڪڏهن توهان اڪثريتي بنياد تي هن بل کي منظور ڪئي ته اسان ان جي مخالفت ڪنداسين. ڇنڇر ڏينهن اسان جي ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ضرور ٿي هئي، هن تجويز پيش ڪئي ته جيستائين وفاق سان مشاورتي عمل مڪمل نه ٿي وڃي تيستائين ان بل کي جيئن آهي تيئن جي بنياد تي رکيو وڃي. ايم ڪيو ايم پاران منظور ٿيل ترميم واپس وٺڻ لاءِ مسلسل مخالفت ڪئي وئي جنهن تي نثار کهڙو ڪاوڙجي پيو ۽ هن انتهائي تلخ لهجي ۾ چيو ته مون تي ڪو به فرق نٿو پوي ته توهان مخالفت ڪندا آهيو ڇاڪاڻ ته توهان ماڻهن جي اندر صوبائي خودمختياري جو جذبو اڃا پيدا ئي ناهي ٿيو پر هي ماڻهو پاڻ کي سنڌ جو پٽ سڏرائين ٿا، صوبائي وزير جي اهڙي رمارڪس تي اپوزيشن ميمبر ڪاوڙجي پيا ۽ هنن شور شرابو شروع ڪري ڇڏيو.  شديد شور شرابي دوران نثار کهڙو مرحليوار بل ۾ ترميمون پيش ڪندو رهيو. اهڙي هنگامه آرائي دوران ايوان اڪثريت سان بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *