پنجاب پوليس جي معذورن تي ڪاهه

 

پنجاب سرڪار جيڪا اڃا ماڊل ٽائون سانحي مان پنهنجي جان آجي ڪرائي نه سگهي آهي ۽ 14 ماڻهن جي قتلن جو خون اڃا تائين فرياد ڪري پنهنجي رت جي انصاف جي گهر ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف پنجاب پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر قهري ڪارروائي ڪندي معذورن جي عالمي ڏينهن تي لاهور ۾ نابينن پاران ڪڍيل ريلي تي لٺ بازي ڪري نه رڳو پنجاب سرڪار خلاف هڪ نئين ”چارج شيٽ“ تيار ڪرائي آهي، پر عالمي سطح تي پاڪستان کي به بدنامي جو ”نوبل انعام“ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

نابينن پاران پنجاب جي وزيراعليٰ هائوس آڏو جڏهن مظاهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ساڻن اهو سلوڪ ڪيو ويو، جيڪو دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن سان به نه ڪيو ويندو آهي، اهي نابين جن کي عام لفظن ۾ اسپيشل ماڻهو ڪوٺيو وڃي ٿو. اهي وزيراعليٰ هائوس آڏو ان ڪري مظاهرو ڪري رهيا هئا ته کين نوڪرين ۾ سندن ڪوٽا موجب ڀرتي ڪيو وڃي. مظاهرو ڪندڙ نابينن مان اڪثريت نه رڳو پڙهيل لکيل نوجوانن جي هئي، پر انهن مان ڪجهه اهڙا به هئا، جيڪي پوزيشن هولڊر هئا. پنجاب پوليس پاران ظلم ۽ بربريت جو مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ به اهي نابين پنهنجي جاءِ تي اٽل رهيا ۽ تيستائين اتي ڌ رڻو هڻي ويٺل رهيا جيستائين انهن سان ڳالهيون ڪري انهن جا مطالبا منظور نه ڪيا ويا. جيتوڻيڪ حڪومت نابينن جي مظاهري تي لٺيون وسائڻ جي الزام هيٺ 5 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو آهي، ليڪن ڇا ڪجهه اهلڪارن کي معطل ڪرڻ سان پاڪستان خلاف عالمي سطح تي بدنامي وارو جيڪو داغ لڳو اهو داغ ڌوپجي ويندو؟

اسان سمجهون ٿا ته پوليس کي عوام جو نوڪر هجڻ وارو سبق جيستائين نه رٽايو ويندو، تيستائين هر پوليس اهلڪار عام شهرين ۽ بي وس ماڻهن سان دهشتگردن ، ڌاڙيلن ۽ چورن سان ٿيندڙ سلوڪ جهڙو ورتاءُ ڪندو رهندو. اسان ڏٺو آهي ته جڏهن به ڪي مظاهرين پنجاب يا سنڌ جي گورنر هائوس، وزيراعليٰ هائوس آڏو مظاهرو ڪندا آهن، تڏهن انهن سان اهڙو ئي سلوڪ ڪيو ويندو آهي، جهڙو ڪالهه نابينن جي مظاهري دوران ساڻن ٿيندڙ سلوڪ نظر آيو آهي. جڏهن ته گورنر هائوس يا وزيراعليٰ هائوس نه ته ڪي ”پينٽاگون جو هيڊڪوارٽر“ آهن ۽ نه ئي اتي ڪي اهڙا حساس نوعيت جا اوزار لڳل آهن جن کي نقصان پهچڻ جو ڪو انديشو هجي ۽ نه ئي ڪنهن مظاهري سان ڪنهن صوبائي حڪومت جو ڪو تختو اونڌو ٿي ويندو،اهي هائوس عوام جي ملڪيت آهن ان ڪري انهن جي آڏو مظاهرو ڪرڻ کان ڪنهن کي به روڪي نه ٿو سگهجي.

اسان پنجاب سرڪار پاران ڪيل بي رحماڻي ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گهر ڪنداسين ته پنجاب سرڪار هوش کان ڪم وٺي ۽ رياستي طاقت جي زور تي ڪنهن جي آواز کي دٻائڻ کان پاسو ڪري جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ مسلم ليگ(ن) کي هينئر ساڻ ئي سمجهڻ شروع ڪري ڇڏڻ گهرجي ته ايندڙ چونڊن ۾ انهن ايوانن ۾ شايد ڪو ٻيو ويٺل نظر ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *