پاڻي مسئلو…………

ا67سالن پڄاڻان سنڌي ماڻهو ويچاري ٿو ته آزاديءَ واري آسري تي کانئس ڇا ڇا ڦُريو ويو آهي ته کيس سکڻي پانڌ سواءِ وٽس باقي ڪجهه بچيل نظر نه ٿو اچي. تاريخ، تمدن، ٻولي، ثقافت توڙي وسيلن جي جهڙيءَ ريت انهيءَ سڄي عرصي دوران ڀيل ٿي آهي، تنهن جو مثال ماضيءَ جي سمورين ڪاهُن دؤران نه ٿو ملي. حالت هيءَ آهي جو ماڻهو پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي بي وطنو بڻجي ويو آهي، نه ته شهر انهن جي هٿ وَس آهن نه وري حالتون! سنڌ جا ماڻهو ڪيترو ئي چڱو چاهيندا هجن، پر پوءِ به ٿئي اُهوئي ٿو، جيڪو مقتدر ڌريون چاهينديون اچن ٿيون. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڪيترائي ڀيرا متفقه طور ٺهراءَ منظور ڪرڻ باوجود به ڪالاباغ جهڙي ڪروڌ ۽ نفرتون وڌائيندڙ منصوبي تان هٿ کڻڻ جو نانءُ نه ٿو ورتو وڃي. ويتر سنڌ کي سزا ڏيڻ لاءِ مختلف بهانن سان نت نوان ڪئنال جوڙي سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هنيو ويندو رهي ٿو. تازو اهڙو ڌاڙو ارسا پاران تڪراري چشما- جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ واري فيصلي سان هڻڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. انهيءَ فيصلي خلاف جمعي ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ متفقه طور ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو آهي. سينئر وزير نثار کهڙي اهڙو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ فنڪشنل ۽ مسلم ليگ (ن) به حمايت ڪئي. ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان ارسا جي چشما لنڪ ڪئنال کولڻ واري فيصلي تي سخت احتجاج ڪري ٿو ۽ ان کي صوبن سان ڪيل ٺاهه جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ٿو. ايوان مطالبو ڪري ٿو ته چشما لنڪ ڪئنال کي کولڻ جو فيصلو تيستائين واپس ورتو وڃي، جيستائين سنڌ ان تي اتفاق نٿي ڪري. ٺهراءُ تي ڳالهائيندي ميمبرن ارسا ۽ وفاق تي تنقيد پڻ ڪئي. سينئر وزير نثار کهڙي جو چوڻ هو ته 1970ع ۾ چشما لنڪ ڪئنال جڏهن ٺهيو، تڏهن فيصلو ڪيو ويو هو ته اهو ڪئنال صرف ٻوڏ دوران کوليو ويندو ۽ ان ۾ ٻوڏ جو پاڻي وڌو ويندو پر بدقسمتيءَ سان آمرن جيئن آئين جي ڪتاب کي اهميت نه ڏني، تيئن ئي هن فيصلي کي به پٺي ڏئي ڇڏي. ان کانپوءِ 1991ع ۾ جيڪو پاڻي ٺاهه ٿيو، ان ۾ به اهو ڄاڻايو ويو ته چشما لنڪ ڪئنال صرف اضافي پاڻي دوران کوليو ويندو پر خريف جي مند ۾ اهو ڪئنال کولي تڪراري فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان سنڌ کي وڏو نقصان ٿيندو. سينئر وزير جو چوڻ هو ته پاڻي ٺاهه ۽ عالمي قانونن موجب پاڻي تي سڀ کان پهرين پڇڙي وارن جو حق هوندو آهي، ان ڪري پاڻي جا اهڙا فيصلا سنڌ جي منظوري کانسواءِ نٿا ٿي سگهن. ايم ڪيو ايم جي سيد سردار احمد جو چوڻ هو ته ارسا کي اهڙو فيصلو ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي، ان ۾ سنڌ جي اتفاق کان سواءِ ڪو به فيصلو نٿو ٿي سگهي. ڇو ته سنڌ پڇڙي واري آهي، ارسا ۾ فيصلا اتفاق راءِ سان ٿيڻ گهرجن يا وري اهڙو طريقيڪار هجي جو متاثر ٿيندڙ صوبو فيصلي کي ويٽو ڪري سگهي. اجلاس دوران ميمبرن ڳالهائيندي چيو ته وفاق ۽ ارسا جي اهڙي پاليسي سنڌ دشمني کي ظاهر ڪري ٿي. ارسا تڪراري ڪئنال کولي 91ع واري پاڻي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اهو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سنڌ جو عوام ڀرپور ردعمل ظاهر ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *