پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ مودي جو يو ٽرن

وزيراعظم جي مشير طارق فاطمي ۽ سرتاج عزيز چيو آهي ته اسان کي يقين آهي ته اڙي حملو ڀارت پاڻ ڪرايو آهي. ڀارت ڪشمير تي ظلمن تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو. ڀارتي قيادت بوکلاهٽ جو شڪار آهي.  نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هنن چيو ته سنڌ طاس معاهدي ۾ آمريڪا جو به ڪردار آهي. اهو معاهدو ختم ٿيو ته ڪنهن به حد تي وڃڻ لاءِ تيار آهيون. ايران سان لاڳاپن تي پريشاني نه هئڻ گهرجي. ان سان سٺا لاڳاپا آهن. ڪابل جا پنهنجا اندريان مسئلا آهن. ڀارت ڪشمير مسئلي تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو. ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ تائين ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ جا پاڇا برقرار رهندا. ڀارت ڪشمير ۾ آزادي تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪريل حرڪت تي لهي آيو آهي. ايل او سي تي حالتون معمول تي آڻڻ چاهيون ٿا. ڪشمير تي نئين قومي پاليسي ٺهڻ ضروري آهي. ڀارت طرفان پيغام آيو آهي ته ڇڪتاڻ گهٽائڻ چاهيون ٿا.

دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارتر نام نهاد سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ڊرامو رچايو. ڀارتي ڳجها ادارا پاڻ اهڙا واقعا ڪندا  آهن. برهان واني جي شهادت کانپوءِ به ڪشمير ۾ ڪرفيو لاڳو آهي. سيالڪوٽ ۾ ڳالهيون ڪندي ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ ڪشمير فتح ڪرڻ سان همڪنار ٿيندي. سي پيڪ کي دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نه ٿي سگهي. افغانستان اسان جي دشمن سان گڏ ٿيو آهي ته ڪا ڳالهه ناهي. اسان به پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪري سگهون ٿا.

هوڏانهن وري ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته ڀارت نه ڪڏهن ٻئي ملڪ تي حملو ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن ملڪ جي زمين جو بکيو آهي. ڀارت ٻين جي مفاد لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. ٻن عالمي جنگين ۾ مفاد نه هجڻ باوجود ڏيڍ لک ڀارتي فوجين قربانيون ڏنيون، مودي چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ ڀارتي به ٻين برادرين سان گڏجي رهن ٿا. قربانين باوجود دنيا ڀارت جو قدر نه ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *