پاڪ ڀارت لاڳاپن ۾ بهتري جي اميد

 

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان ڏهاڙي تي وزيراعظم نواز شريف کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته کيس يقين آهي ته ٻه طرفن ڳالهين ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سمورا تڪرار حل ٿي سگهن ٿا. دهشت گردي کان پاڪ ماحول ۾ ڳالهيون ٿين ته ڳالهين جا مثبت نتيجا نڪري سگهن ٿا. ڀارتي وزيراعظم چيو ته ٻئي ملڪ دهشت گردي جي ماحول کان پاڪ ڳالهين لاءِ رستو ڳولين ته سمورا تڪراري ۽ حل طلب معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا. ٻئي طرف هندستان ٽائيمز جي رپورٽ موجب ڀارت، پاڪستان کي سڌيءَ ريت ڳالهين جي آڇ ڪندي ڪشميري حريت اڳواڻن کي ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ڀارتي موقف ۾ غلطي جي ڪا به گنجائش موجود ناهي. ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان سيد اڪبر الدين سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان سان سڌي ريت ڳالهيون ٿينديون.ان لاءِ ڪنهن به ٽئين ڌر جي ضرورت ناهي، هن چيو ته ڀارت پنهنجي ڳالهه پاڻ ڪري سگهي ٿو، پاڪستان سان ڳالهين ۾ حريت اڳواڻن کي شامل نه ڪيو ويندو. ترجمان جو چوڻ هو ته سمورن تڪراري مسئلن جي حل لاءِ اڳيان وڌڻ ئي واحد رستو آهي، شملا معاهدي ۽ لاهور ڊڪليئرشن جي فريم ورڪ اندر پرامن ٻه طرفن ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط چيو آهي ته طاقت جي زور تي مسئلا حل نٿا ڪري سگهجن، ڀارتي قيادت کي  مڃڻ گهرجي ته ٻنهي ملڪن ۾ مسئلن جو حل رڳو ڳالهيون ئي آهن. ان کان اڳ نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي هاءِ ڪمشنر عبدالباسط چيو ته ڀارت کي پاڪستان سان ڳالهين ۾ ڪشميري اڳواڻن جي مداخلت تي ڪو به اعتراض ناهي، هن چيو ته ڀارت سان  ڪشمير سميت سمورن معاملن تي ڳالهيون چاهيون ٿا. هُن چيو ته مسئلن جو حل رڳو ڳالهين ۾ ئي آهي، پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط چيو ته پاڪستان ۽ ڀارتي وزيراعظمن جو هدف اقتصادي ترقي ئي آهي، ٻنهي ملڪن کي سمجهڻ گهرجي ته مسئلن جو حل رڳو پر امن ڳالهين ۾ ئي آهي.

نافرمان اولاد پيرسن پيءُ کي جهنگ ۾ اڇلائي ڇڏيو

ٽنڊي باگي ۾رشتن تان ويساهه کڻائيندڙ واقعو پيش آيو آهي، جتي نافرمان اولاد بيماري کان تنگ ٿي پيرسن پيءُ کي جهنگ ۾اڇلائي ڇڏيو.ٽنڊي باگي لڳ نافرمان پٽ رڪشا تي پيءُ کي کڻي ديوين جي ڪنڊيدار وڻن ڀرسان اڇلائي ويو. ان موقعي تي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل پيرسن بهرام بادشاهه ٻڌايو ته هو چنبڙي ڳوٺ جو رهواسي آهي، جنهن کي موذي مرض هجڻ ڪري گهر وارا تنگ ٿي ويا آهن. هن ٻڌايو ته سندس ڦٽ ناسو بڻجي ويا آهن، جنهن جي ڪري پٽ هتي اڇلائي ويو آهي. جڏهن ته هتي ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ به تمام ضروري آهي ته جنهن هنڌ پيرسن کي اڇلايو ويو آهي، ان هنڌ ڀرسان پوليس چوڪي به آهي، پر تنهن باوجود اتي مقرر اهلڪارن کي به پيرسن تي رحم نه آيو آهي، جن بيمار پيرسن کي کڻائي اسپتال پهچائڻ بدران کيس پنهنجي حال تي ئي ڇڏي ڏنو آهي. ان حوالي سان هتان جي رهواسين جو اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي ته پيرسن کي اسپتال داخل ڪري سندس زندگي بچائي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *