پاڪ فوج قومي جدوجهد جو هر ول دستو….

پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته قومي تاريخ جي نازڪ موڙ تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو مدي ۾ واڌ نه وٺڻ جو اعلان وقت کان اڳ آهي. سياسي معاملن، احتساب يا ٻين معاملن ۾ فوج جو امڪاني ڪردار ڳولڻ مناسب ناهي. فوج جي جدوجهد ۽ قربانين کي سياسي اختلافن ۽ موقعي پرستي جي نذر نه ڪرڻ گهرجي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته اندريان ۽ ٻاهريان دشمن گڏجي ملڪي سلامتي، امن ۽ قوم کي بدترين خطرن جو شڪار ڪري رهيا آهن. ان ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نازڪ موقعي تي ذاتي اعتراضن، سياسي معاملن ۽ هر قسم جي انا يا خود پرستي کي مٿانهون رکي قوم ۽ سياسي قوت هٿياربند فوج سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي دهشت گردي کي پاڙان ختم ڪريون. هٿياربند فوج ضرب عضب آپريشن شروع ڪيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي ۽ دهشت گردي خلاف جاري جنگ ۾ نمايان ڪاميابي ملي. فوج قومي جدوجهد جو هر ول دستو آهي ۽ وڏي اميد آهي ته جنرل راحيل شريف بنا ڪنهن خوف ۽ مدبراڻي قيادت ۾ تمام جلد اها جدوجهد پنهنجي انجام تائين پهچندي. اهو تاثر نه ڏيڻ گهرجي ته فوج قوم جانباز سپاهي ۽ بهادر آهيون. ان جي قربانين کي نٿي ساراهي. جنرل راحيل شريف جو گذريل ڏينهن توسيع نه وٺڻ جو بيان تحسين جوڳو ۽ ساراهه جوڳو آهي. قوم ۽ ميڊيا کي افواهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي پر اسان بجا طور سمجهون ٿا ته قوم جي نازڪ موڙ تي جنرل راحيل جو اعلان وقت کان ا ڳ آهي. دهشت گردي خلاف جنگ ۾ قوم متحد آهي. ان اعلان سان عوام جي اميد مايوسي ۾ بدلجڻ جو امڪان آهي. اڳوڻي صدر چيو ته معروضي حالتن ۽ عوامي خواهشن کي نظر ۾ رکي سياسي قيادت کي قومي مفاد ۽ ملڪي سلامتي جي تناظر ۾ وقت اچڻ تي فيصلو ڪرڻ گهرجي. پوري قوم ۽ پ پ فوج سان هن عظيم جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ بيٺل آهي. هن چيو ته گذريل سال آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي دهشت گرد حملي کانپوءِ صورتحال گهڻي سنگين ٿي وئي. سڄي ملڪ ۾ خوف ۽ هراس جي لهر پکڙجي وئي. سڄي ملڪ ۾ دهشت گردي جا واقعا، فرقيوار تڪرار، بلوچستان ۾ شور تي ۽ ڪراچي ۾ منظم ڏوهه، ڀتي خوري ڀوائتي سازش آهي. عليحدگي پسند  غير ملڪي آقائن جي اشاري تي ملڪ کي منتشر ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *