پاڪ فوج جي نئين سپهه سالار ڪمان سنڀالي ورتي…..!

نئين چيف آف  آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪ فوج جي ڪمان سنڀالي ورتي. رٽائر ٿيندڙ  آرمي چيف جنرل راحيل شريف روايتي ڇڙي نئين آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي حوالي ڪئي. پاڪ فوج جي ڪمان جي تبديلي جي اهم تقريب جي ايڇ ڪيو سان لاڳاپيل آرمي هاڪي اسٽيڊيم ۾ ٿي، ان سان گڏ ئي پاڪ فوج ۾ اعليٰ عهدن تي تبديلين جو اهم مرحلو مڪمل ٿي ويو. تقريب ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق، دفاع وارو وزير خواجا آصف، مملڪتي وزير دفاع ۽ پيداوار رانا تنوير، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز،  وزير سيفرون عبدالقادر بلوچ، مملڪتي وزير سڌ سماءَ ۽ نشريات مريم اورنگزيب سوڌو پارليامينٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. پاڪ فوج جي تبديلي ڪمان جي تقريب ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير حيات، هوائي ۽ سامونڊي فوج جا سربراهه، پرڏيهي ملڪن جا سفارتڪار ۽ اڳوڻي آرمي چيف  جنرل اشفاق پرويز  ڪياني سوڌو رٽائرڊ فوجي آفيسر ۽ انهن جا گهرڀاتي به شريڪ هئا.تقريب جي خاص مهمان جنرل راحيل شريف کي فرنٽيئر فورس رجمنٽ جي جٿي ۽ جنرل قمر جاويد باجوه کي بلوچ رجمنٽ جي جٿي سلامي ڏني، نئين فوجي سربراهه جو واسطو بلوچ رجمنٽ سان آهي. نئين مقرر ٿيل آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي، مون تي وڏي ذميوار اچي وئي آهي، ميڊيا پاڪ فوج جي عظمت کي بلند رکي، پاڪ فوج جي ڪمان سنڀالڻ ميڊيا ۾ مايوسي جون ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن، جلد توهان سان ملندس ۽ صحافين کي گڏ کڻي هلندس. تقريب جي پڄاڻي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا تقريب ۾ شامل ٿيندڙن سان ملندو رهيو، هو شهيدن جي وارثن سان مليو ۽ ٻارڙن سان هٿ ملايو، تقريب ۾ شامل ٿيندڙ مهمانن آرمي چيف سان تصويرون پڻ ڪڍرايون.

پاڪ فوج جي اڳواڻ جي تبديلي واري تقريب ۾ بطور آرمي چيف آخري خطاب ۾ راحيل شريف ڀارت سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان جي صبر جي پاليسي کي ڪمزوري سمجهڻ سندس لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو،  خطي ۾ سيڪيورٽي جي حالت ڏکي آهي، سي پيڪ جا دشمن پنهنجي ڪوششن کي رد ڪري ان جي فائدي ۾ شامل ٿين، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي جا نتيجا ملي رهيا آهن، فوج جي ساٿ ڏيڻ سان سياسي قيادت، انٽيليجنس ادارن، قوم ۽ ميڊيا جو ٿورائتو آهيان. دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي اسان تاريخ کي موڙي ڇڏيو آهي، سي پيڪ، ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن جهڙا فيصلا ڪندي قومي مفادن کي ترجيح ڏني، پڪو يقين اٿم ته پاڪ فوج قوم جي اعتماد تي هميشه پورو لهندي. پرڏيهي خطرن سان منهن ڏيڻ لاءِ اندروني خطرن، ڏوهاري عنصرن، ڪرپشن ۽ انتهاپسندي کان نجات حاصل ڪرڻي پوندي، نيشنل ايڪشن پلان تي ان جي روح مطابق عمل کي به لازمي بڻائڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *