پانامه ليڪس معاملو۽ تيل جا اگهه برقرار رکڻ جو اعلان

وزيراعظم پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ واري سمري رد ڪري ڇڏي، بجلي به اڍائي رپيا سستي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، مانسهره ۾ عوام کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته مون کي پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي، جنهن کي مون رد ڪري ڇڏيو، هلندڙ مهيني تيل جي اگهن ۾ ڪنهن به قسم جي واڌ نه ڪئي ويندي، وزيراعظم اعلان ڪيو ته بجلي جا اگهه به سستا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، بجلي اگهن ۾ اڍائي رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي ويندي، پيٽروليم شين ۾ واڌ نه ڪرڻ سان حڪومت کي 8 ارب رپين جو خسارو ٿيندو، جنهن کي خوشي سان قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، آئون جلسن جلوسن لاءِ نه پر پاڪستان جي ترقي جي سفر تي نڪتو آهيان، اسان ڌرڻن جي نه پر ملڪ جي ترقي، ڪاميابي ۽ خوشحالي جي ايجنڊا رکون ٿا، پاڪستان کي دنيا جو بهترين ملڪ بڻائڻ جو عزم ڪري رکيو آهي، اسان نعرا ناهيون لڳرائي رهيا پر عملي طور تي ڪم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان هن وقت ترقي جي رستي تي هلي رهيو آهي، مهانگائي جو جن بوتل ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ هن وقت معاشي ٽيڪ آف جي پوزيشن ۾ اچي ويو آهي، دهشتگردي ختم ٿي رهي آهي، 2018ع انشاالله لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو سال هوندو، پاڪستان جي ترقي جي ايجنڊا سبوتاز ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت نه هجڻ باوجود وڏا منصوبا مسلم ليگ ن جي حڪومت بڻايا آهن، حويليان کان شنڪياري تائين موٽر وي به شروع ٿي رهي آهي برهان کان شنڪياري تائين جو سفر هاڻي ڏيڍ ڪلاڪ ۾ طئي ٿيندو، جنهن لاءِ ان کان اڳ سفر طئي ڪرڻ ۾ 5 ڪلاڪ لڳندا هئا، شنڪياري موٽر وي 2018ع تائين مڪمل ٿي ويندو، مانسهره ٽن ترقياتي رٿائن جو بنياد رکيو، مانسهره ۽ هزارا لاءِ گيس جي فراهمي سميت ڪيترن ئي ترقياتي رٿائن ۽ هزارا يونيورسٽي کي هڪ ارب رپيا ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

مونکي چيو ويو ته پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون دنيا ۾ وڌڻ سبب پاڪستان ۾ به پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو وڃي. مون کي سفارش ڪئي وئي هئي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 3 روپيا، ايڇ او بي سي ۾ 3 روپيا 25 پئسا، ڊيزل 4 روپيا 41 پئسا ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ به اضافي جي سفارش ڪئي وئي هئي، پر مون اها سمري رد ڪري ڇڏي آهي. پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي سمري تي لاڳاپيل عملدارن کي ٻڌايو آهي ته آئون ڍڍيال ۽ شنڪياري جلسو ڪرڻ وڃي رهيو اهيان ۽ هي وڏي عجيب ڳالهه هوندي ته هتان آئون جلسو ختم ڪري نڪران هتي پيٽرول مصنوعات جون قيمتون وڌڻ جي خبر اچي وڃي،

ڪجهه ڏينهن کان پاناما ليڪس معاملو زور شور سان جاري آهي جنهن جي زور تي اپوزيشن سميت اهي پارٽيون به ميدان ۾ لٿل   آهن جن وٽ يوسي جي به سيٽ ناهي، وزير اعظم خلاف گهيرو تنگ ٿيندو پيو وڃي ۽ عين ان موقعي تي وزير اعظم جو تيل جا اگهه نه وڌائڻ ان ڳالهه طرف واضح اشارو آهي ته پاناما ليڪ معاملي وزير اعظم کي منجهائي ڇڏيو آهي ان ڪري هو عوام ۾ پنهنجي ساک کي برقرار رکڻ خاطر اهڙو قدم نه پيو کڻن گهري جنهن سان اپوزيشن بعد عوام به سندس جي خلاف ٿي وڃي، ان ڪري ئي وزير اعظم تيل جا اگهه وڌائڻ جي سمري به رد ڪري ڇڏي آهي جئين عوام پنهنجي روز مرهه جي معمول ۾ مشغول رهي ۽ پانامه ليڪس معاملي ۾ نه پوي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *