پانامه ليڪس فيصلو ۽ وزير اعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو…!

سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس ڪيس جي حوالي سان فيصلو اچڻ کانپوءِ مخالف ڌر جي مک پارٽين ۽ سپريم ڪورٽ بار پاران وزيراعظم نواز شريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ سپريم ڪورٽ بار جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي ۾ موجود آفيسر وفاقي حڪومت جا ملازم هوندا ۽ وزيراعظم جي عهدي تي ويٺل نواز شريف جي موجودگي ۾ اهي صحيح نموني جاچ ڪري نه سگهندا ۽ پراڻي تاريخ اها ٻڌائي ٿي ته نواز شريف انهن تي اثر انداز ٿيڻ جي سڌي ۽ اڻسڌي ڪوشش ڪندو، جنهن ڪري ڪيس جي جاچ تي اثر پئجي سگهي ٿو، فيصلي ۾ ٻن سڀني کان سينئر ججن نواز شريف کي نااهل ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو، ان ڪري اخلاقي طور تي به نواز شريف کي هاڻي هن عهدي تي رهڻ جو ڪو به جواز ڪونهي. اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽيءَ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري موجب  ٻن سينيئر ججن کي سلام ٿو پيش ڪيان جن اهو فيصلو ڪيو ته وزير اعظم کي نااهل قرار ڏنو وڃي، وزيراعظم کي فوري طور استعفيٰ ڏيڻ گهرجي. مون کي خبر آهي ته هو آخري ساهه تائين استعيفيٰ نه ڏيندو پر اسان پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين.سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهي رد عمل ڏينداسين نواز شريف جو بيان ٿاڻي ۾ ورتو ويندو يا آفيسر وزيراعظم هائوس اچي بيان وٺندا؟، جونيئر ججن جي اڪثريت عوام جو مذاق اڏايو. جي آءِ ٽي جوڙڻ نواز شريف کي ڀڄڻ جو رستو ڏيڻ جي برابر آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه جو چوڻ آهي ته ملڪي تاريخ  ۾ اهڙو فيصلو ناهي آيو، سپريم ڪورٽ جي ججن کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو، جي آءِ ٽي بڻائڻ جو مقصد اهو آهي ته نواز شريف جي موقف کي رد ڪيو ويو آهي. 2 ججن وزير اعظم کي صادق ۽ امين قرار ناهي ڏنو، جاچ ٽيم وزير اعظم جي استعيفيٰ کان سواءِ ڪم نٿي ڪري سگهي ۽ وزير اعظم ان عهدي تي رهڻ وارو اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي. نواز شريف وٽ عهدي تي رهڻ جو اخلاقي جواز ناهي، نواز شريف جو عهدي تي رهڻ ان ڪري بهتر ناهي جو هن خلاف جاچ ٿيندي، جي آءِ ٽي جي جاچ تائين نواز شريف استعيفيٰ ڏئي. مسلم ليگ ق به وزيراعظم نواز شريف کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ۲ ججز فيصلو ڏنو آهي ته وزيراعظم نوازشريف نااهل آهي ۽ آرٽيڪل ٦۲،٦۳ تي پورو ناهي لٿو، جي آءِ ٽي کي رد ڪيون ٿا، ڪنهن جج ناهي چيو ته وزيراعظم صادق ۽ امين آهي، ان لاءِ وزيراعظم نوازشريف استيعفيٰ ڏئي جوائينٽ انويسٽيگيشن ٽيم جي سامهون پيش ٿئي. سراج الحق  به اهو چيو آهي ته اخلاقي طور تي پاناما جو فيصلو وزيراعظم لاءِ ٿپڙ آهي، نواز شريف تي ڪرپشن ثابت ٿي وئي آهي، وزيراعظم فوري طور استعيفيٰ ڏي، پنجن مان ٻن ججن اهو چيو آهي ته وزيراعظم هاڻي اهل ناهي رهيو، پنجن ججن اهو به لکيو آهي ته ڪرپشن ڪئي وئي آهي پر ان جي وڌيڪ جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ جي آءِ ٽي هجڻ گهرجي، وزيراعظم ۽ سندس حڪومت کي ڪلين چٽ ناهي ملي، ان ڪري وزيراعظم فوري طور تي استعيفيٰ ڏي، اسان نه جهڪيا آهيون نه ئي وري ٿڪا آهيون، نه ئي دٻاءُ ۾ آهيون، انشاالله اهو سفر جاري رهندو، جيستائين ملڪ مان ڪرپشن ختم نٿي ٿئي، سپريم ڪورٽ بار جي سيڪريٽري آفتاب باجوا چيو آهي ته وزيراعظم جي موجودگي ۾ جي آءِ ٽي معاملي جي شفاف جاچ نٿي ڪري سگهي، ڇو جو سمورا آفيسر وزيراعظم جي ماتحت آهن، وزيراعظم نواز شريف استعيفيٰ ڏئي ته جيئن جي آءِ ٽي معاملي جي آزاداڻي جاچ ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *