پانامه ليڪس تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو

چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ پاناما ليڪس جي جاچ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي شروع ٿيندي سلمان اسلم بٽ وزيراعظم جو جواب جمع ڪرايو. وزيراعظم طرفان داخل ڪرايل جواب ۾  چيو ويو آهي ته منهنجي ڪا به آف شور ڪمپني نه آهي، آئون لنڊن جي فليٽن، آف شور ڪمپنين ۽ ٻي ڪنهن به جائيداد جو مالڪ نه آهيان، ٽيڪس قانون موجب ادا ڪريون ٿا، ٻار منهنجي زير ڪفالت نه آهن جڏهن ته 2013ع ۾ سمورن اثاثن جو اعلان ڪري چڪو آهيان، آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت نااهل قرار نه ٿو ڏئي  سگهجي. جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته وزيراعظم جي ٻارن جا جواب ڇو ناهن جمع ڪرايا ويا، توهان اسان جو وقت ضايع ڪري رهيا آهيو، توهان کي 15 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو هو، اصل ڌر جو ته جواب آيو ئي نه آهي، لکي ڏيو ته مريم نواز منهنجي ڪفالت ۾ نه آهي جنهن تي سلمان اسلم بٽ چيو ته مريم صفدر، حسن ۽ حسين نواز ملڪ کان ٻاهر آهن جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڇا ايندڙ سال جواب جمع ڪرايو ويندو، جيڪڏهن خبر هجي ها ته ائين ڪرڻو آهي  ته اسان عدالت ئي نه لڳايون ها جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسا ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته قانون موجب جيڪڏهن جواب جمع نه ڪرايو ويو ته الزام تسليم ڪري وٺنداسين جنهن تي وزيراعظ۾ جي وڪيل چيو ته جواب داخل ڪرڻ جي لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني وڃي، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته اسان ٻه ڀيرا توهان کي مهلت ڏئي چڪا آهيون، جنهن کانپوءِ عدالت سندن هفتي واري گذارش رد ڪندي سومر تائين جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ جي جج تي ٻڌل هڪ رڪني ڪميشن قائم ڪئي ويندي، ڪميشن بااختيار هوندي ۽ معاملي جي جاچ ڪندي ۽ سموريون ڌريون ڪميشن جي ڪم ڪار طريقي بابت تجويزون جمع ڪرائين. ميڊيا جهڙي طرح رپورٽنگ ڪري رهيو آهي ان سان اداري کي نقصان پهچي رهيو آهي، اسان ڪو به فيصلو ڪريون ٿا ته ميڊيا تي تبصرا شروع ٿي وڃن ٿا، اسان ڌرين جي ضابطي ڪار جا پابند نه آهيون.ٻڌڻي دوران سلمان اسلم بٽ چيو ته مريم صفدر وزيراعظم جي ڪفالت ۾ نه آهي، جنهن تي جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته اها ڳالهه لکي ڏني وڃي. جنهن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي جڏهن ته ان کان اڳ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف، شيخ رشيد ۽ جماعت اسلامي سپريم ڪورٽ ۾ ٽي او آر جمع ڪرايا جڏهن ته عدالت ۾ وفاقي وزير خواجه آصف، خواجه سعد رفيق، دانيال عزيز، شيخ رشيد، عمران خان، شيرين مزاري، شاهه محمود قريشي، جماعت اسلامي جو امير سراج الحق پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *