پانامه ليڪس تي جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم..!

ڪالهه ملڪ جي اهم ترين ڪيس جو فيصلو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان  جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جي آءِ ٽي ۾ ايم آءِ، ايف آءِ اي، ايس اي سي ٽي جا نمائندا شامل هوندا، جي آءِ ٽي 60 ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪندي، سپريم ڪورٽ روم نمبر هڪ ۾ بينچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسي پاناما ڪيس جو 540 صفحن تي ٻڌل پهريان کان محفوظ ٿيل فيصلو پڙهي ٻڌايو، اهو فيصلو جسٽس اعجاز افضل خان لکيو، بينچ ۾ شامل 5 مان 2 ججن جسٽس آصف سعيد کوسي ۽ جسٽس گلزار احمد وزيراعظم کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو چيو، وڌيڪ 3 ججن معاملي جي جاچ جو اظهار ڪيو، قانون موجب 3 ججن جي فيصلي تي عمل ٿيندو، فيصلي جي شروعاتي نقطن ۾ چيو ويو ته رقم ڪيئن قطر منتقل ڪئي وئي ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، اهو به ٻڌايو ويو ته نيب جو چيئرمين راضي نه ڏٺو ويو ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، نيب جي چيئرمين پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ان لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي، وزيراعظم نواز شريف ۽ ان جو خاندان حسن ۽ حسين نواز کي جي آءِ ٽي جي اڳيان پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي وئي ته جي آءِ ٽي هر هفتي کانپوءِ سپريم ڪورٽ بينچ اڳيان پنهنجي رپورٽ پيش ڪري،

پرڏيهي خابرو اداري موجب چيف جسٽس ان رپورٽ جي روشني ۾ هڪ جدا بينچ جوڙيندو، گڏيل جاچ ٽيم ۾ ايف آءِ اي جو هڪ نمائندو هوندو جيڪو ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي عهدي کان گهٽ نه هوندو، انکانسواءِ هڪ هڪ نمائندو نيب، سيڪيورٽي ۽ ايڪسچينج ڪميشن ۽ اسٽيٽ بينڪ مان هوندو، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ مان به 2 تجربي وارا آفيسر ان ڪميٽي ۾ شامل هوندا، سمورن نمائندن کي ان جي ادارن جا سربراهه نامزد ڪندا، ان ادارن جا سربراهه 7 ڏينهن ۾ نمائندن جا نالا بينچ اڳيان جمع ڪرائين، سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي وائيٽ ڪالر ڪرائيم جي جاچ ۾ ناڪام رهي آهي، ياد رهي ته جسٽس آصف سعيد کوسي، جسٽس عظمت سعيد شيخ، جسٽس اعجاز افضل، جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل 5 ميمبرن واري بينچ روز جي بنياد تي ٻڌڻي کانپوءِ پاناما ڪيس جو فيصلو 23 فيبروري تي محفوظ ڪيو هو.

پاناما ڪيس جي فيصلي تي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري نجي ٽي وي کي خاص انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته پنجن مان ٻن ججن وزيراعظم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته باقي ٽن ججن به وڌيڪ تحقيق جو چيو آهي اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته نواز شريف حڪمراني ڪرڻ جو اخلاقي جواب وڃائي ويٺو آهي. معزز عدالت ان طرف به ڌيان ڇڪايو آهي ته نواز شريف تقرير ۾ قطري خط، سرمائيڪاري جو ذڪر ناهي ڪيو ۽ بعد ۾ اهي شيون به ثبوت طور پيش ڪيون ويون اهڙي طرح نواز شريف عوام سان ڪوڙ ڳالهايو، اهو ئي سبب آهي ته پاناما ڪيس جي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته ان غلط بيان ڪئي آهي ۽ قوم سان ڪوڙ ڳالهايو آهي جنهن تي تحقيق جي آءِ ٽي ۾ موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ته جيئن تفصيلي تحقيق سامهون اچي سگهي، انهن معنائن ۾ ڏٺو وڃي ته معزز عدالت جو فيصلو وزيراعظم خلاف آهي پر فيصلي کان پوءِ حڪمران جماعت مٺائي ڪهڙي ڳالهه تي ورهائي رهي آهي ان تي مونکي گهڻي حيرانگي ٿي رهي آهي. وزيراعظم جي آءِ ٽي اڳيان به ڏوهاري طور بيٺل هوندو ۽ ان کان پهريان ڪڏهن ايئن ناهي ٿيو ته وزيراعظم کي جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيڻو پيو هجي، جي آءِ ٽي ۾ نالي وارو ڏوهاري بيٺل هوندا آهن جيئن اجمل پهاڙي ۽ ڪامران ماڌوري وغيره جن سئو سئو قتل ڪيا هوندا آهن ان لاءِ وزيراعظم کي سوچڻ گهرجي ته هاڻي اهو ڪهڙن ڏوهارين سان بيٺل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *