پانامه بعد پيراڊايئز ليڪس جا ٻڙڌڪ…

دنيا ۾ هلچل مچائيندڙ پاناما ليڪس کانپوءِ آءِ سي آءِ جي طرفان ” پيراڊائيز  ليڪس “  ميدان تي اچي ويو آهي جنهن ۾ به مختلف ملڪن جي اهم شخصيتن بابت اهم انڪشاف ٿيا آهن . ان ڏس ۾صحافين جي عالمي ڪنسور  شيم ( آءِ سي آءِ جي )  پيراڊائيز  ليڪس جاري ڪيو آ هي.  جنهن ۾ هڪ ڪروڙ 34 لک کان وڌيڪ دستاويز سامهون آيا آهن.  پيراڊائيز ليڪس ۾ 25 هزارن کان وڌيڪ ڪمپنين جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته ليڪس جو وڏ حصو ڪمپني ايپل بائي جي دستاويز ن تي ٻڌل آهن. اهي دستاويز سنگاپور  ۽ برمودا  جي ٻن ڪمپنين مان حاصل ڪيا آهن. پيرا ڊائيز پيپرز جرمن اخبار حاصل ڪيو  ۽ آءِ سي آءِ جي سان شيئر ڪيو. دستاويزن ۾180 ملڪن جي 25 هزارن کان وڌيڪ ڪمپنين، ٽرسٽ ۽ فنڊن جا انگ اکر  شامل آهن، جڏهن ته  پيپرز ۾ 1950 کان 2016 تائين جي ڊيٽا موجوجود آهي. هن جاچ ۾ 67 ملڪن جي 381 صحافين حصو ورتو جنهن ۾ آءِ سي آءِ جي  ميمبر  پاڪستان جي سينئر صحافي عمر  چيما به شامل هو. پيراڊائيز ليڪس ۾ پرويز مشرف جي دور ۾ پاڪستان جي وزير اعظم شوڪت عزيز جو نالو هئڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي  جنهن ۾ هن جا ٻه ٽرسٽ سامهون آيا آهن، سٽي ٽرسٽ لميٽيڊ ۽ سٽي بينڪ طرفان بهاماس ۾ قائم ڪيو ويو.شوڪت عزيز  بحيثيت بينڪ عهديدار  جي ڊائريڪٽر بڻيو. شوڪت عزيز انٽارڪٽ ترسٽ به قائم ڪيو. جنهن ۾ سندس گهر واري رخسانا عزيز پٽ عابد عزيز، ماها عزيز  ۽ ان جون ڌيئر لبنيٰ خان ۽ تانيا خان فائدو حاصل ڪيو. دستاويزن موجب ناڻي وارو وزير بڻجڻ کان ڪجهه عرصو پهريان شوڪت عزيز ڊيلا ويز  ( آمريڪا ) ۾ ٽرسٽ قائم ڪيو جنهن مان بر مودا  مان هلايو ويندو هو. پيراڊائيز  ليڪس موجب شوڪت عزيز اهي اثاثا ڪڏهن به  ظاهر نه ڪيا. شوڪت عزيز نيويارڪ ۾ پنهنجي وڪيل ذريعي ٻڌايو ته هن کي ٽرسٽ پاڪستان ۾ ظاهر ڪرڻ جي ضرورت نه هئي.پاڪستان جي هڪ ٻئي وڏي شخصيت جو نالو ظاهر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن ۾ اين آءِ سي ايل جي اڳوڻي چيئرمين اياز خان نيازي جو نالو شامل آهي جنهن ۾ برٽش ورجن آئلينڊ  ۾ چار آف شور اثاثا ظاهر ٿيا آهن. جنهن ۾ هڪ اينڊا لوشين ڊسڪريشنري ٽرسٽ، اينڊا لوشين اسٽيبلشمينٽ، اينڊا لوشين انٽر پرائسز لميٽيڊ ۽ اينڊا لوشين هولڊ نگز لميٽيد شامل آهن. اياز نيازي جا ٻه ڀائر حسين خان نيازي ۽ محمد علي خان نيازي ان مان فائدو حاصل ڪيو ۽ سندس والد عبدالرزاق خان  ۽ والده فوزيا رزاق  ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. ٻاهرين ملڪن مان برطانيا جي راڻي ملڪه ايلزبيٿ  ٽو جو نالو سامهون آيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن، آمريڪا جي واپار واري وزير ولبر راس ، آمريڪي صدر ڊولنڊ ٽرمپ جي ويجهن 13 ساٿين،  ڪينڊيا جي اڳوڻن ٽن وزير اعظم، ساٿين ۽ وزيرن ۽ صلاحڪارن جا نالا به شامل آهن. پيراڊائيز  ليڪس جي نون انڪشافن مان گوڪاره ميڊونا ۽ پاپ سنگر بونو به شامل آهن .   پيراڊائيز  ليڪس  ۾ جن ملڪن جا وڌيڪ شهري شاملآهن انهن ۾ پهرين نمبر تي آمريڪا آهي، آمريڪا جا 25 هزار 414 شهري شامل آهن، ٻئي نمبر تي برطانيا آهي جنهن جا 12 هزار 707 شهري شامل آهن ۽ ٽئين نمبر تي برموداس آهي جنهن جا 5 هزار 124 شهري شامل آهن  جن جا غير قانوني اثا آهن.نوازشريف جي ٻارن، سعودي شاهه، ڀارتي سياستدانن، چيني صدر ۽ ترڪ وزيراعظم جي مائٽن جا نالا به شامل، قطر جي اڳوڻي وزير اعظم،  اڳوڻي آمريڪي جنرل ۽ ٻين جا به نقلي اثاثا ظاهر ٿي پيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *