پاناما ليڪس جو پينڊورا باڪس

پانامه ليڪس پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي سياستدانن ۽ وڏن خاندانن جا پرڏيهه ۾ اثاثا وائکا ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته پاڪستان جي ٻه طاقتور  ڀٽو خاندان ۽ شريف فيملي جا نالا ان لسٽ ۾ شامل آهن، ميڊيا رپورٽن موجب ڪاغذن جي حوالي سان لکيو ته 2007 ۾قتل ٿيل پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو ، سينيٽر رحمان ملڪ ۽ سندس ڀائيٽيو حسن علي جعفري به فونسا موسيڪ جا گراهڪ هئا، دستاويزن مطابق بينظير ڀٽو شارجه ۾ موجود پنهنجي ڪمپني پيٽروفائن ايف زيڊي کي تيل جو ٺيڪو ڏيارڻ لاءِ عراقي صدر صدام حسين جي حڪومت کي ڳري رشوت ڏني ۽ بعد ۾ 2001 ۾ برطانيا ۾ پٽرولائن انٽرنيشنل ان ڪارپوريشن جي نالي سان ڪمپني ٺاهي، فونسا موسيڪ جي رڪارڊ مطابق بينظير ڀٽو جي ٻي ڪمپني پيٽرو لائن انٽرنيشنل ان ڪارپوريشن جو تعلق سياسي گروپ سان هجڻ جي ڪري بطور ڪلائنٽ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو،

2005 ۾ گڏيل قومن جي پروگرام هيٺ ٿيندڙ جاچ۾ انڪشاف ٿيو ته بينظير ڀٽو جي  ڪمپني  صدام حسين کي ٻه ملين آمريڪي ڊالر ڏنا جنهن جي بدلي ۾ 115 کان 145 ملين ڊالر جو آئل ڪنٽريڪٽ حاصل ڪيو ويو، هي انڪوائري آمريڪي فيڊرل سروسز جي سربراهه پال وا ڪر جي سربراهي ۾ ڪئي وئي، رپورٽ جي مطابق 2006 ۾ نيب به دعويٰ  ڪئي هئي ته پيٽروفائن ايف زيڊ سي جي مالڪ بينظير ڀٽو آهي، پر بينظير ڀٽو ۽ پيپلزپارٽي ان الزامن کي رد ڪندي پنهنجي خلاف سياسي سازش قرار ڏنو هو. ۽ هاڻ به اهڙن الزامن کي رد ڪيو پيو وڃي.

ميڊيا رپورٽن موجب پاناما پيپرز ۾ پاڪستانين ۾ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو، رحمان ملڪ ۽ سندس ڀائيٽو حسن علي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي دوست جاويد پاشا شهباز شريف جو مائٽ الياس معراج، ثمينه دراني، لڪي مروت جو خاندان سيف الله خاندان، وزيراعظم نواز شريف جا ٻار مريم، حسن ۽ حسين نواز شريف پاڻ، احمد علي رباني ذوالفقار لاکاڻي، شهباز ياسين، ذوالفقار پراچه، اعظم سلطان، شهباز ياسين ملڪ، شاهد نذير، خليل حسينه گوهر اعجاز شامل ڄاڻيا ويا آهن، جڏهن ته ملڪي سربراهن ۾ شامي صدر بشرالاسد، ارجنيا جو صدر موريسيو، يوڪرين جو صدر پوروشينڪو، وزيراعظم پاولو لازارينڪو، جارجيا جو اڳوڻو وزيراعظم، يو اي اِي صدر خلفيه بن زيد، سعودي شاهه سلمان، قطرجو وزيراعظم حماد بن جسام، عراقي اڳوڻو صدر ايادالادي، ارون جو اڳوڻو وزيراعظم علي ابوالرغيب، سوڊان جو صدر احمد علي، چيني صدر شي جن پنگ جو ڀاءُ، برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون جا والدين، مصري اڳوڻو صدر منيب مبارڪ، لبيائي اڳوڻُ سربراهه معمر قذافي جو خاندان، آزربائيجان جي صدر جا ٻار فهرست ۾ ڄاڻايا ويا آهن.

اداڪارن ۾ اميتاب بچن، ايشوريا راءِ، جيڪي چن ۽ ٻين جا نالا آهن، جڏهن ته آسٽريليا، نيوزيلينڊ، فرانس فهرست بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. آئيس لينڊ جي صدر تي استعيفيٰ لاءِ دٻاءُ آهي، برطانيا ۽ آزربائيجان اهڙي ڪاروبار کي جائز قرار ڏنو. ڏکڻ آفريڪا ترديد ڪئي. هوڏانهن معاشي ماهر گيبرل زڪمين جو چوڻ آهي ته پاناما ليڪس جي دستاويزن جي جائزي مان پتو پوي ٿو ته ڳجهي نموني ٺاهيل دولت جي ماليت 7 کرب 60 ارب ڊالر ٿئي ٿي، جيڪا دنيا جي سموري دولت جو تقريبن 8 سيڪڙو آهي ۽ ان رقم ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *