ٻن ڏينهن اندر 30 جانيون ڳڙڪائيندڙ ڪچو شراب

حيدرآباد ۾ شراب پيئڻ سبب وڌيڪ 5 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 30 ٿي ويو، حيدرآباد شهر جي پڃاري واري علائقي ۾ 2 ڄڻا 22 سالن جو وسيم، 25 سالن جو اسحاق عرف لنگا مسيح، لطيف آباد نمبر12 جو رهواسي خورشيد احمد راجپوت، لطيف آباد نمبر9 سادات ڪالوني جو رهواسي ذوالفقار انصاري ۽ لطيف آباد نمبر 4 بچاءُ بند ويجهو وڌو مسيح زهريلو شراب پيئڻ سبب فوت ٿي ويا، جنهن تحت حيدرآباد ضلعي ۾ 3 ڏينهن اندر زهريلي شراب سبب فوتين جو انگ وڌي 30تائين پهچي ويو آهي، هوڏانهن حيدرآباد پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي حيدرآباد پير فريد جان سرهندي جي حڪم تي ايس پي هيڊڪوارٽر ڪيپٽن حيدر رضا ۽ ايس پي سٽي عمرطفيل جي سربراهي ۾ ضلعي ۾ منشيات فروشن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ڪالهه حيدرآباد پوليس شهر، لطيف آباد، ٽنڊو ڄام ۽ هوسڙي جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي 27 کان وڌيڪ منشيات فروشن کي گرفتار ڪري 9 شراب جون بٺيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، ٽنڊو ڄام پوليس منظور شاهه جي شراب جي اڏي تي ڇاپو هڻي منشيات فروش مراد شاهه کي 2 هزار ليٽر شراب سميت گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، سخي پير پوليس منشيات فروش سلو کي گرفتار ڪري 15 ليٽر شراب هٿ ڪري ورتو آهي، حسين آباد پوليس لطيف آباد نمبر 3 ۾ ڪارروائي ڪري ٻن منشيات فروشن علي شير حاجاڻو ۽ گل محمد لاشاري کي ڪچي شراب سميت ۽ لطيف آباد نمبر 4 مان جاويد علي ۽ هرسن ڪولهي کي گرفتار ڪري ورتو، بي سيڪشن پوليس 10 نمبر مان منشيات فروشن لالي ڪولهي ۽ عامر کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 15 شراب جون بوتلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته ٽنڊو ڄام ۽ هوسڙي پوليس مختلف ڪاررواين ۾ لاڌو ڪولهي ۽ بهادر کوسو کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي پيماني تي شراب هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *