ٺل جا مغوي نه موٽيا

ڪرم پور مان 9 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٺل واسي شاهه بخش سٻايو ۽ محمد ابراهيم عرف بابو ٻرڙو آزاد نه ٿي سگهيا. ٻئي طرف ڪالهه ڇهين ڏينهن به مغوين جي آزادي لاءِ ٺل جي مختلف پارٽين ۽ مغوين جي وارثن احتجاجي جلوس ڪڍيو، جيڪو شهر جي مختلف چوڪن ۽ رستن کان ٿيندو پريس ڪلب پهتو،جتي مڇريل ماڻهن ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي. مظاهرين ڪرم پور پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي،مظاهري ۾ جسقم(بشير قريشي)، جسم، ايس يو پي، پ پ شهيد ڀٽو، جي يو آءِ، رائيس مل مستري ايسوسيئشن، ايس اين پي ۽ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن جمال الدين جوش ٻرڙي، ڪامريڊ لطف الله لاشاري، اختر حسين جعفري، سيد فضل محمد شاهه،غلام حسين ڪنراڻي، محمد صديق ٻرڙي، رحمت الله ٻرڙي، نور حسن ٻرڙي، محمد حسين ٻرڙي، استاد حيدر علي سٻايو، سڪندر علي سٻايو، مجاهد ٻرڙي، وسيم قريشي، آصف جوش ٻرڙي، ماما شمن سومري، مظلوم سنڌي ۽ ٻين چيو ته  ٺل کان ڪرم پور دوستن وٽ ويل ابراهيم عرف بابو ٻرڙو ۽ شاهه بخش سٻايو کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو، جن جو هن مهل تائين ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، هنن چيو ته پوليس  انتظاميه مغوين کي آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي مغوين کي جلد آزاد ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت توڻي اعليٰ ختيارين کي هن معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ جلد از جلد مغوين جي بازيابي لاءِ ڪارائتيون ڪارروايون ڪيون وڃن ته جيئن مغوين کي جلد بازياب ڪرائي سگهجي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *