يمن ۽ سعودي عرب ۾ امن لاءِ ٽياڪڙي جي ضرورت

 

چوندا آهن ته جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ امن هوندو آهي تڏهن اهو ملڪ جنگ جي تيارين ۾ رڌل هوندو آهي ۽ جڏهن جنگ لڳي ويندي آهي ته ان کانپوءِ امن قائم ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا و يندا آهن. اهڙي ريت سياست جي ڪتابن ۾ ”اڻ ڌريو“ هجڻ کي مختلف معنائون ڏيئي هر ڪنهن ان لفظ کي پنهنجي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ڪنهن ملڪ جي اندر يا ڪجهه ملڪن ۾ ڪو تڪرار شروع ٿيندو آهي تڏهن اڻ  ڌريو هجڻ جون ڌار ڌار معنائون ڪيون وينديون آهن. هڪ معنيٰ موجب ته جيڪڏهن ڪي ٻه ملڪ پاڻ ۾ ڪنهن ڪالهه تي تڪرار ڪري رهيا آهن ته ٻيا ملڪ اهو چئي پاڻ کي ان تڪرار کان پاسيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته اهو تڪرار ٻن ملڪن جو پنهنجو مسئلو آهي، ان ڪري اسان اڻ ڌريا رهنداسين. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ٻيا ملڪ اڻ ڌريا رهن ٿا  ته پوءِ انهن ٻنهي ملڪن وچ۾ هلندڙ تڪرار يا جنگ جو فيصلو ڪرڻ  آسان  ٿي پوندو آهي پر اڻ ڌرڻو هجڻ جي هڪ ٻي معنيٰ  اها به آهي ته جڏهن ڪو سگهارو ملڪ ڪنهن اڀري ملڪ تي حملو ڪري ۽ اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن سگهارا ملڪ اها ڳالهه ڪن ته اهي ان ويڙهه ۾ اهي اڻ ڌريو ڪردار ادا ڪندا، تنهن جي ٻي معنيٰ اها ٿيئي ٿي ته سگهارا ملڪ چاهين ٿا ته اهو اڀرو ملڪ سگهاري ملڪ جو نشانو بڻجي وڃي ۽ اهي پنهنجي اخلاقي ڏوهه کي لڪائڻ لاءِ اڻ ڌريو هجڻ وارو راڳ  الاپيندا رهن. اسان اها ڳالهه يمن ملڪ جي صورتحال کي  آڏو رکي لکي آهي. جنهن ۾ هن وقت ڪجهه ملڪ پاڻ کي اڻ ڌريو رکڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ته ڪجهه ملڪ سعودي عرب جو پاسو وٺي جنگ کي اڃا به وڌيڪ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اسان يمن جي صورتحال تي ڳچ جيترو مواد پڙهندڙن آڏو اڳ ئي پيش ڪري چڪا آهيون ۽ ان سڄي صورتحال کي ڪنهن جذباتي اک سان ڏسڻ بجاءِ ان کي ٻن اسلامي ملڪن وچ ۾ هلندڙ تڪرار جي اک سان ڏسندي ان جي نبيري لاءِ تجويزون ڏيندا رهيا آهيون. هيلتائين جيڪي به بحث مختلف ٽي وي چئنلز ۽ ميڊيا ذريعي عوام تائين پهتا آهن، تن ۾ ٻه ڳاليهون خاص طور تي سامهون آيون آهن، هڪ ته يمن ۾  هلندڙ ويڙهه شيعا ۽ سني فرقن وچ ۾ هلندڙ آهي ۽ شيعا باغين جي اڳواڻ محمد الحوثي جي سربراهي ۾ وڙهندڙ هٿياربندن سني فرقي سان تعلق رکندڙ صدر  عبدالربوهه منصور هادي کي ملڪ مان فرار ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ۽ اهو هاڻي سعودي عرب ۾ پناهه وٺي ويٺل آهي. اسان جي خيال ۾ جيتوڻيڪ ان ويڙهه کي شيعا سني تڪرار جي حوالي سان جهڙي ريت پيش ڪرڻ جي ڪوشش  ڪئي وئي آهي، اها ڳالهه ائين هرگز ناهي. شيعا اڪثريت رڳو صنعا شهر ۾ رهي ٿي، جڏهن ته يمن جي باقي شهرن ۽ علائقن ۾ سني آبادي اڪثريت ۾ رهندڙ آهي. هونئن به جيڪڏهن اها سني ۽ شيعا ويڙهه هجي ها ته پوءِ يمن جي اندر ٻنهي فرقن جي  وڏي رتوڇاڻ ٿي چڪي هجي ها،ليڪن هيلتائين جيڪي رپورٽون مليون آهن تن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته يمن ۾ شيعا سني فرقا ته ضرور آهن. پر حقيقت ۾ يمن جو سڄو ملڪ ننڍن وڏن هٿياربند گروپن جي هٿن ۾ يرغمال بڻجي چڪو آهي ۽ هر ڪنهن گروپ پنهنجا پنهنجا علائقا ائين ورهائي ورتا آهن جيئن اسان وٽ لياري ۾ گينگ وار ۾ شريڪ ڏوهارين ڪجهه علائقا قبضي هيٺ آندا آهن. هن وقت به جيڪڏهن فرار ٿيل صدر عبدالربوهه منصور هادي کي طاقت جي زور تي جيڪڏهن يمن ۾ اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهاريو به وڃي تڏهن به يمن ۾ رتوڇاڻ جاري رهندي ۽ هٿياربند گروپ هڪٻئي خلاف جنگ جاري رکندا. هتي اها ڳالهه  به ياد رکڻ جي  آهي ته يمن جي صدر جي فرار ٿيڻ کانپوءِ يمن جي فوج به مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي آهي ۽  يمني فوج جو هڪ وڏو حصو حوثي باغين سان ملي ويو آهي، انهن فوجين ۾سعودي عرب جا مخالف سني فوجي به گهڻي تعداد ۾ شامل  آهن. اسان هتي ان ڳالهه سان متفق آهيون ته يمن ۾ جيڪي هٿياربند گروپ آهن اهي نه رڳو يمن جي گهروويڙهه ۾ ملوث آهن پر اهي سعودي عرب لاءِ پڻ خطرو بڻيل آهن. هن وقت سعودي عرب کي اهو خطرو هرگز ناهي ته يمن جا حوثي باغي حملو ڪري سعودي  عرب ۾ داخل ٿي ويندا  ۽ سعودي عرب جي سلامتي کي ڪو خطرو درپيش ٿي پوندو، بهرحال عام طور تي ائين ٿيندو آهي ته جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ ڪا رتوڇاڻ يا گهرو ويڙهه ٿيندي آهي ته پوءِ ان جنگ کان متاثر ٿيندڙ ماڻهو  لڏپلاڻ ڪري ڀرواري ملڪ ڏانهن هليا ويندا آهن ۽ اتي وڃي پناهه وٺندا آهن، جڏهن ته يمن ملڪ جي صورتحال اها آهي جو اهو هڪ اهڙي  هنڌ تي قائم آهي، جنهن جي ٽن پاسن کان عربي سمنڊ آهي ۽ رڳو هڪ پاسي کان ان جون سرحدون سعودي عرب سان ملن  ٿيون، هاڻ جيڪڏهن ڪي ماڻهو مهاجر بڻجڻ چاهين، تڏهن به انهن لاءِ پناهه وٺڻ جو رستو صرف سعودي عرب ئي آهي. جڏهن ته سعودي عرب ڪنهن به يمني شهري کي پوءِ کڻي اهو سني ئي ڇو نه هجي ان کي پنهنجي ملڪ اندر داخل ٿيڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندو، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب کي ماضيءَ ۾ يمن جي سنين به  وڏو نقصان ڏنو آهي،ماضيءَ ۾ يمني دهشتگردن جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ حملو ڪري ڪعبته الله شريف تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ان ڪري يمن جا شيعا هجن يا سني سعودي عرب لاءِ ٻئي قابل قبول ناهن. ڏٺو وڃي ته سعودي عرب کي ظاهري طرح ته ڪنهن به جنگي صورتحال جو ڪو به خطرو ناهي پر خطرو انهن ويڙهاڪ گروپن مان آهي، جيڪي سعودي عرب ۾ داخل ٿي، وڏيون تخريبي ڪارروايون ڪري سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *