وڏي ٻوڏ جو خطرو ۽ انتظاميه تي فرض..؟

 

گڊو بيراج وٽ انتهائي وڏي ٻوڏ جو وهڪرو ساڍا 7 لک ڪيوسڪس تي پهچي ويو، پاڻي چاڙهه ۾ تيزي، گڊو بيراج وٽ انتهائي وڏي ٻوڏ جو وهڪرو هلندڙ آهي جتي گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 هزار ڪيوسڪس پاڻي وڌيو آهي جنهن ۾ تيزي اچي رهي آهي. گذريل 72 ڪلاڪن کان سليمان جبل، مظفر ڳڙهه ۽ راجن پور ۾ جاري تيز برساتن سبب چاڙهه ۾ تيزي اچي رهي آهي. چاچڙان شريف وٽ گيج 11.5 فٽ ٿي ويو آهي جيڪو 2010ع واري مها ٻوڏ جي گيج کان رڳو 6 انچ گھٽ آهي. جڏهن ته پنجنند وٽان سنڌوءَ ۾ ڇوڙ گھٽجي 127948 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو. آبپاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته اها معمولي لاٿ به عارضي آهي ۽ پنجنند وٽان ڇوڙ وڌندو. سکر بيراج تي 24 ڪلاڪن ۾ 61 هزار ۽ ڪوٽڙي وٽ 54 هزار ڪيوسڪس پاڻي وڌيو آهي. هوڏانهن تربيلا، ڪالا باغ ۽ چشما وٽ وهڪري ۾ واڌ جاري آهي. ڪابل نديءَ جو وهڪرو انتهائي تيزيءَ سان وڌڻ سبب ڪالا باغ وٽ ٻيهر وڏي ٻوڏ ۽ چشما وٽ وهڪرو 6 لک ڪيوسڪس کان وڌي ويو آهي جڏهن ته تونسا وٽ وهڪري ۾ ڪالهه سڄو ڏينهن گھٽ وڌائيءَ وارو سلسلو جاري رهيو. ڪالهه منجھند 3 وڳي تائين وهڪرو 5 لک ڪيوسڪس کان وڌي ويو هو جيڪو شام 6 وڳي کان پوءِ ٻيهر 5 لک ڪيوسڪس کان گھٽجي ويو. ٻئي طرف ڪابل نديءَ ۾ پاڻي تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ اتي پاڻي سپر فلڊ جي ويجھو پهچي ويو هو ۽ اڄ اتي سپر فلڊ جي صورتحال پيدا ٿي ويندي. گڊو ۽ سکر بيراجن وچ ۾ سئو سيڪڙو ڪچو ٻڏي وڃڻ بعد ڪچي مان لڏپلاڻ ۾ وڌيڪ تيزي اچي وئي آهي ۽ ڪچي واسي پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي چوپائي مال سميت  تيزيءَ سان پڪي تي اچي رهيا آهن. بندن تي قائم ڪيل ڪئمپن ۾ متاثرن لاءِ ڪنهن به قسم جون سهولتون موجود ناهن. پاڻي جي وڏي وهڪري سبب شينڪ بند، جي اسپر، اولڊ ٽوڙي، نيو ٽوڙي، ڪي ڪي، يارهون ميل ۽ ٻين بندن تي دٻاءُ بدستور تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. آبپاشي ۽ روينيو عملدار متاثرن جر بحالي وارو ڪم ڪرڻ بدران وي آءِ پيز جي خدمتن ۾ پورا لڳا پيا آهن. سکر بيراج جي ساڄي پاسي جي دروازن مان پاڻيءَ جي نيڪال ۾ آهستي آهستي بهتري اچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته پاڻيءَ جي تيز وهڪري سان دروازن هيٺان لٽ اڳتي نڪري رهي آهي. ڪالهه مليل انگن اکرن موجب تربيلا وٽ ان فلو 3 لک 78 هزار ڪيوسڪس ۽ آئوٽ فلو 3 لک 39 هزار ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو جتي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش باقي 3 فٽ رهي آهي. ڪالا باغ جو مٿاهون وهڪرو 532000 ڪيوسڪس هيٺاهون وهڪرو 528000 ڪيوسڪس، چشما وٽ ان فلو 610000 ڪيوسڪس هيٺاهون وهڪرو 608000 ڪيوسڪس، تونسا وٽ مٿاهون توڙي هيٺاهون وهڪرو 493000 ڪيوسڪس، گڊو وٽ مٿاهون وهڪرو 745167 ڪيوسڪس هيٺاهون وهڪرو 729338 ڪيوسڪس، سکر وٽ مٿاهون وهڪرو 661662 ڪيوسڪس هيٺاهون وهڪرو 639462 ڪيوسڪس ۽ ڪوٽڙي وٽ مٿاهون وهڪرو 277000 ڪيوسڪس ۽ هيٺاهون وهڪرو 269700 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو. جهلم زون ۾ منگلا جو ان فلو 61 هزار ڪيوسڪس ۽ آئوٽ فلو 52 هزار ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو. مرالا وٽ چناب جو ڇوڙ 98 هزار ڪيوسڪس، بلوڪي وٽ راوي جو ڇوڙ 32 هزار 7 سئو ڪيوسڪس، سليمانڪي وٽ ستلج جو ڇوڙ 39 هزار 6 سئو ڪيوسڪس ۽ نوشهره وٽ ڪابل جو ڇوڙ هڪ لک 57 هزار 5 سئو ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ سان نيشنل ڊزاسٽر منيجمينٽ اٿارٽي ”اين ڊي ايم اي“ جي چيئرمين جنرل اصغر نواز جي  سي ايم هائوس ۾ وڏي وزير سان ملاقات ، ٻنهي ڄڻن ۾ ٻپڏ ، برسات جي تباهين ، رليف ۽ بحالي جي ڪمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ، ان موقعي تي سنڌ جو چيف سيڪريٽري  ، ترقي ۽ رٿا بند ي کاتي جو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري . پي ڊي ايم اي جو ڊائريڪٽر به موجود هيا.  ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ چيو ته موسمي تبديلي سبب قدرتي آفتون معمول بڻجي چڪيون آهن،جنهن سان منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي سطح تي حڪمت عملي جوڙي وڃي،سڀ صوبا به ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته 2010 کان 2012 تائين برساتي تباهين کان پوءِ  ٽي چار سال وڏي وزير چيو ته حيرت آهي ته ڪجھه ماڻهو چون ٿا ته سمنڊ ۾ پاڻي ضايع ٿي رهيو .درياڳ جو پاڻي سمنڊ ۾ نه وڃڻ سبب ٺٽي ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳهي ويو آهي ۽ ٻنهي ضلعن جي زمين ڪلر ۽ سم جي ورچڙهي رهي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *