وڏيرا شاهي ڪلچر جو خاتمو ڪير ڪندو..؟

 

خبرون آهن ته ٺل ڀرسان ڳوٺ عارف آباد ۾ بااثر وڏيري نياڻين جي تعليم جو واحد مرڪز اسڪول ڊهرائي ڇڏيو آهي، وڏيري جي ان عمل تي نه رڳو انتظاميا پر علائقي جي سڄاڻ حلقن کي ميدان تي اچڻ گهرجي ها، پر افسوس جو حسب روايت نه سڄاڻ حلقن کي ڪو خيال آيو نه وري انتظاميا سجاڳ ٿي آهي، اهڙي غفلت جو نتيجو اهو نڪري ٿو جو ٺل جي وڏيري جهڙا ٻيا ڀوتار تعليم جا ويري ٿي وڃن ٿا ۽ اهي اسڪولن کي ڪٿي ڊهرايو وڃي ٿو، ته ڪٿي وري قبضا ڪيا وڃن ٿا، ڪٿي اسڪول وڏيرن جي گهرن ۾ تبديل آهن، ته ڪٿي اوطاقن ۾، ڪٿي گدامن ۾ ته ڪٿي وري چوپائي مال جي واڙن ۾ تبديل آهن، وڏيري جي اندر جي باهه جيڪڏهن اڃا به نه ٿي اجهامي ته پوءِ ”نه رهي گا بانس، نه رهيگي بانسري“ تي عمل ڪندي اسڪول جو نالو نشان ئي مٽايو وڃي ٿو، جهڙي ريت مبينا طور ڳوٺ عارف آباد ۾ بااثر وڏيري مزدور گهرائي گرلس پرائمري اسڪول ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، هينئر اسڪول جا 3 ڪلاس ملبي جي ڍير ۾ ٻڌايا پيا وڃن، ٽيڪمن ۽ ڪوڏرن وسيلي اسڪول جي ڪلاس رومز ۽ هال کي ڊاهڻ کانپوءِ ڇت جا گارڊر، ٽيئر، سرون، دريون،د ر ۽ فرنيچر سينازوري جو مظاهرو ڪندي وڏيري ٽريڪٽر ٽرالي ۾ کڻائي ويو. هي واقعو تازو ناهي پر ان پويان به وڏي ڪهاڻي ٻڌائي وڃي ٿي اهو ان ڪري ته بااثر وڏيري کان نياڻين جي تعليم ۽ تعليم جو مرڪز بڻيل اسڪول هضم نه پئي ٿيو، ظاهر آهي ته جيڪڏهن ٻهراڙيءَ جون نياڻيون تعليم پرائي باشعور ٿي وڃن ها ته پوءِ وڏيري جي ڀوتارڪي خطري ۾ پئي ها ۽ ان جو هارپو ڪير ڪري ها، انهيءَ ساڙ ۾ بااثر پنهنجي ماڻهن سان گڏجي لڳاتار 5 ڏينهن نياڻين جي اسڪول جي عمارت کي ڊاهڻ ۾ لڳايو، پر افسوس آهي ته تعليم کاتي جي ڪنهن به ذميوار نه نوٽيس ورتو نه ئي وري علائقي ۾ پاڻ کي سجاڳ سڏائيندڙ حلقن سجاڳيءَ جو عملي مظاهرو ڪندي پوليس يا لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏنو، نتيجو اهو نڪتو جو وڏيري جو حوصلو وڌي ويو ۽ ان پنهنجي هانءُ تي بار بڻيل اسڪول کي ختم ڪري ڇڏيو. وڏيري جي دعويٰ آهي ته کيس زمين جو معاوضو نه ملڻ ڪري هن اهڙو عمل ڪيو، ٿيڻ ته ائين گهرجي ها جو تعليم کاتي جي آفيسرن سان لهه وچڙ ۾ اچي وڏيرو پنهنجو مسئلو حل ڪرائي ها، پر سندس ڏاڍ ۽ طاقت پنهنجي ڳوٺ تائين محدود هئي جنهن کي هن استعمال ڪري ڳوٺ وارن تي هڪ قسم جو داٻو ويهاريو، هينئر اسڪول نه هئڻ ڪري معصوم نياڻيون گهر ويـٺل آهن، جڏهن ته کيس ايس ڊي او جي باخبري جو عالم اهو آهي ته جو کيس اتو پتو ئي ڪونهي ته سندس اختياري هيـٺ ايندڙ هڪ اسڪول ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي. هي رڳو اسڪول ناهي رهيو پر انهن سڀني نياڻين جا گهر ڊهيا آهن، انهن جو مستقبل ڊهيو آهي، انهن جون اميدون ڊهيون آهن ۽ انهن توڙي سندن والدين جا اهي خواب بلڊوز ٿي ويا آهن، جيڪي نياڻين جي تعليم مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ ڏٺا ويا هئا، هي سنگين ڏوهه آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ ٿيندي، وس وارن جو اهو فرض بڻجي ٿو ته اهي دير ڪرڻ بنا معاملي جو نوٽيس وٺن ۽ اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردياڻين جي تعليم جاري رکڻ لاءِ في الحال متبادل انتظام ڪري ڏنو وڃي ۽ وڏيري تي ڪيس داخل ڪرائي سندس خلاف قانوني ڪارروائي سان گڏ اسڪول جي نئين سر تعمير کانئس ڪرائي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *