ويڪسينن جي اوچتي کوٽ ڇو

سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز انڪشاف ڪيو آهي ته صحت کاتي وٽ ڪتن جي ڏاڙهڻ ۽ نانگ جي ڪکجڻ وارن مريضن کي لڳندڙ اينٽي ريبيز ۽ اينٽي سنيڪ ويڪسينون تقريبن ختم ٿي چڪيون آهن، جيڪاڳالهه نهايت ئي ڳڻتي جوڳي آهي، هن چيو ته اسان ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت کي خط لکيو آهي ته فوري طور تي 5 هزار اينٽي سنيڪ فراهم ڪئي وڃي. جڏهن ته سنڌ سرڪار کي به درخواست ڪئي آهي ته اها به 25 هزار اينٽي ريبيز ويڪسين فراهم ڪري. هن ان سلسلي ۾ انگ اکر ڏيندي چيو ته گذريل 6 مهينن دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪتن جا ڏاڙهيل 6   هزار 522 جڏهن ته نانگ جا ڪکيل 5 هزار 474 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان وڏو انگ عورتن ۽ ٻارڙن جو هو. جڏهن ته گذريل مهيني دوران ڪتن جي ڏاڙهڻ جا 7 هزار 108 ڪيس رپورٽ  ٿيا هئا. سنڌ جي صحت کاتي جي ان اهم عملدار جي ان انڪشاف کان پوءِ هاڻ ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه رهيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار يا سنڌ سرڪار گهربل ويڪسين فراهم ڪرڻ ۾ معمولي به ڪوتاهي ڪئي ته سنڌ ۾ ڪيترائي ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي سگهن ٿا، جيئن ته ڪتن جي ڏاڙهيل ۽ نانگ جي ڪکيل مريضن لاءِ جيڪي ويڪسينون استعمال ٿينديون آهن، اهي صحت کاتي وٽ کڻي اڻ لڀ ٿي چڪيون هجن پر اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته اڄ به اهي ٻئي ويسڪينون اڪثر نجي ميڊيڪل اسٽورن تان آساني سان ملي وينديون. نجي ميڊيڪل اسٽورن وٽ اهي ويڪسينون ڪيئن ٿيون پهچن، تنهن لاءِ به اڪثر ماڻهن وٽ پنهنجا رايا ۽ خيال آهن، سندن چوڻ آهي ته جيڪي ويڪسينون سرڪاري ا سپتالن ۾ اماڻيون وڃن ٿيون، اهي مريضن کي لڳڻ کان اڳ ئي ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ٿي وڃن ٿيون، چيو وڃِي ٿو ته  صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪتي ۽ نانگ کاڌل مريضن جا جيڪي انگ اکر پيش ڪيا آهن، انهن انگن اکرن کي جيڪڏهن حقيقي سمجهيو به وڃي، تڏهن به اها ڳالهه وري به مڃڻ ۾ نه ٿي اچي ته سرڪاري اسپتالن  ۾ آندل مريضن کي اها ويڪسين مفت لڳائي وئي هوندي، پر انهن مريضن کي انهن ئي اسٽورن ڏانهن اماڻيو ويو هوندو، جن اسٽورن تي اها ويڪسين وڪرو ڪئي وئي هوندي. اهو ئي سبب آهي جو سرڪاري اسپتالن وٽ ڪاغذن ۾ ته ويڪسينن وارو اسٽاڪ ختم ٿي چڪو آهي، ليڪن ميڊيڪل اسٽورن تي اها ويڪسين اڄ به موجود آهي. اسان سنڌ سرڪار يا صحت کاتي پاران سرڪاري اسپتالن کي فراهم ٿيندڙ دوائن بابت ته اها ساراهه ضرور ڪنداسين ته هاڻ سرڪاري اسپتالن مان مريضن کي دوائون ڳچ مقدار ۾ فراهم ٿينديون نظر اچي رهيون آهن ۽ سرڪاري اسپتالن مان مريضن کي دوائون نه ملڻ واري دانهن  به گهڻو ڪري گهٽجي چڪي آهي، پر ان سان گڏوگڏ اهڙين شڪايتن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ چيو وڃي ٿو ته سرڪاري اسپتالن ۾ جيڪي دوائون مريضن کي ڏنيون پيون وڃن، اهي دوائون نهايت ئي غير معياري هجڻ ڪري مريضن کي ڪو به فائدو نه ڏيئي رهيون آهن. اڪثر دوائون جعلي ڪمپنين جون تيار ڪيل هونديون آهن، ان ڪري مريضن کي مرض ۾ ڪا به فرحت حاصل نه ٿي ٿيئي ڪجهه حلقن جا الزام آهن ته انهن دوائن جا اڪثر ڪارخانا ٽنڊي آدم ۾ آهن، جيڪي گهرن ۾ قائم آهن، جتي نقلي دوائون تيار  ۽ پيڪ ڪري سرڪاري اسپتالن کي فراهم ڪيون وڃن ٿيون ۽ اهو سڀ ڪجهه صحت کاتي جي صوبائي وزير جي نڪ هيٺان تڏهن زور وٺندو آهي، جڏهن صحت کاتو اتحادي پارٽي حوالي ڪيو ويندو  آهي. بهرحال الزامن کي تيستائين حقيقي قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي جيستائين انهن الزامن جي مڪمل جاچ ڪرائي حقيقتون سامهون نه ٿيون اچن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *