وقت کان اڳ چونڊن جو مطالبو….!

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر وقت کان اڳ چونڊن جو مطالبو ڪيو آهي، جيتوڻيڪ هفتو اڳ اين اي 120 ۾ پي ٽي آءِ کي ن ليگ جي ڳڙهه مان شڪست ملي آهي، ان هوندي به تحريڪ انصاف جي چيئرمين پاران ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو غير اهم آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته اشتهارن ۾ ته خوشحالي اچي رهي هئي، هاڻي خبر پئي ته قرضي ٿي ويا آهيون، قرض وڌندا پيا وڃن، قسطون ادا ڪرڻ لاءِ پئسا وٺڻا پئجي رهيا آهن، ملڪي جون معاشي حالتون ڳڻتي جوڳيون آهن، ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري نه پئي اچي، عوام تي ٽيڪس لڳائي پئسا گڏ ڪيا پيا وڃن، سڀني کان مهانگي بجلي برصغر ۾ پاڪستان ۾ آهي، مشرف دور کان گهٽ سيڙپڪاري زرداري جي دور ۾ آئي ۽ زرداري جي دور کان به گهٽ سيڙپڪاري نواز شريف جي دور ۾ آئي، جڏهن افغان پاليسي بڻجي رهي هئي ته اسان جو پرڏيهي وزير نه هيو، نواز شريف پاناما ڪيس ۾ لڳل هيو، ان جي پرواهه نه ڪئي، خواجا آصف، احسن اقبال هائوس ان آرڊر ڪرڻ جو چيو، ڀارت به اهو ئي چئي رهيو آهي، چار سال پنهنجو هائوس ان آرڊر نه ڪيو، نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ڪري رهيا آهن، سمورين سياسي جماعتن نيشنل ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو هيو، شاهد خاقان عباسي اڃا به چوندو آهي نواز شريف ئي منهنجو وزيراعظم آهي، ڪوئي مثال ٻڌايو ته نااهل شخص پارليامينٽ ۾ نٿو اچي سگهي پر پارٽي جو ليڊر بڻجي سگهي ٿو، جمهوريت جي گهرج آهي ته وزيراعظم پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري، چونڊ سڌارن جو بل منظور ڪرائي جمهوريت جو مذاق بڻايو پيو وڃي، شيخ رشيد به چئي رکيو آهي قطر سان ايل اين جي معاهدا سامهون رکو، وزيراعظم کي ايل اين جي ڪانٽريڪٽ تي پارليامينٽ ۾ بريفنگ ڏيڻ گهرجي، وزيراعظم چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪري مينڊيٽ ٻيهر وٺي، ملڪ ۾ فوري چونڊون ڪرايون وڃن، چيئرمين نيب، نواز شريف، اسحاق ڊار جو نالو اي سي ايل ۾ وجهي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه کي نه هئڻ گهرجي، نيب جو نئون چيئرمين چاهيون ٿا، اليڪشن ڪميشن تي اعتماد ناهي، اتفاق راءِ آهي ته حڪومت فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڇو نه ٿي رڪي، اليڪشن ڪميشن هڪ ايڊمنسٽريشن ادارو آهي، اليڪشن ڪميشن کي اختيار ناهي ته اها توهين جو نوٽيس ڏئي، خواجا آصف جو حشر نواز شريف جهڙو ٿيندو.

ڏٺو وڃي ته گذريل عام چونڊن کانپوءِ خاص ڪري پي ٽي آءِ پاران ڪي پي ڪي ۾ حڪومت قائم ڪرڻ بعد عمران خان وڏي واڪي اها دعويٰ ڪندو رهي ٿو ته هن صوبي ۾ تعليم ۽ صحت سميت ٻين شعبن ۾ وڏي پئماني تي بهتري آندي آهي ۽ هن ڪي پي ڪي ۾ انقلاب برپا ڪيو آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عمران خان پاڻ کي نوجوانن جو ليڊر سڏائيندي تبديلي جي ڳالهه ته ڪري ٿو، پر سندس بيانن ۾ عملي عنصر نظر نٿو اچي.هن وقت اسان جي موجوده ملڪي نظام ۾ طاقت جو مرڪز ڪير آهي ۽ ڪنهن کي قانونسازي جو اختيار آهي؟ اهي ٻه اهڙا سوال آهن، جيڪي اسان جي جمهوري نظام لاءِ گهڻي اهميت رکن ٿا ۽ انهن جا جواب ملڻ سان اهو واضح ٿي ويندو ته اسان جي ملڪ ۾ جمهوري نظام ڪيترو خودمختيار ۽ ادارن وٽ ڪيترا اختيار آهن. ساڳي ريت اسان جي ملڪي سياست ۾ روز نوان ڊراما معمول بڻجي چڪا آهن، عمران خان جيان اچانڪ اهڙا مطالبا ڪيا ٿا وڃن، جن جو ڪو منطق ئي نه آهي ۽ اهڙيون بي تُڪي ڳالهيون ماحول کي خراب ڪن ٿيون. هڪ پاسي رياستي ادارا سمجهن ٿا ته هو ئي قومي سلامتي جي بهترطريقي سان نگراني ڪري سگهن ٿا، ان ڪري بنيادي فيصلن جو حق انهن کي حاصل هجڻ گهرجي، ٻئي پاسي ايوانن مان اهڙي قانونسازي ٿي ڪئي وڃي، جيڪا عوامي نمائندن جي ذاتي مفادن جي واضح عڪاسي ٿي ڪري، آخر عوام ان نظام مان تنگ نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ڪندو!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *