وفاق پاران سنڌ حڪومت کي ٻوڏ متاثر لاءِ هڪ ارب روپيا فراهم ڪيو ويندو

 

وزير اعظم ميان نواز شريف اڱاري ڏينهن گهوٽڪي جي شينڪ بند جو دورو ڪيو. وزير اعظم ميان نواز شريف ڳالهائيندي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏجي درياءَ جي حفاطتي بندن کي مضبوط بڻائين ته جيئن ٻوڏ کي هميشه لاءِ روڪي علائقي واسين جي زرعي زمينن توڙي گهرن کي محفوظ ڪري سگهجي. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏو وزير سنڌ سيد قائم علي شاهه ۽ سندس ٽيم  ڏينهن رات بندن جي نگراني ڪري رهي آهي، ٻوڏ متاثرن کي ڪچي واري علائقن مان ڪڍي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي جيڪو سنڌ حڪومت جو هڪ بهتر قدم آهي،  ٻوڏ متاثرن کي انتطاميه پاران سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ته جيئن سندن مشڪلاتون گهٽجي سگهن. هُن چيو ته ضلعي گهوٽڪي جي ٻوڏ متاثرن سان همدردي تحت هُن قادرپور شينڪ بند جو دورو ڪيو آهي ته جيئن ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد ڪري سگهجي، هُن اعلان ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي هڪ ارب روپيا فراهم ڪيا ويندا. ميان نواز شريف چيو ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي حفاظتي بندن کي مستقل بنيادن تي مضبوط بڻائين ته جيئن هميشه لاءِ ٻوڏکي روڪي سگهجي. ان کان اڳ وڏي وزير سنڌ سيد قائم علي شاهه آجياڻي واري تقرير ڪندي چيو ته اسين وزيراعظم ميان نواز شريف جا ٿورائتا آهيون ته هُو ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪهي آيو آهي. هن چيو ته 2010 واري مها ٻوڏ کانپوءِ سنڌ جي حفاظتي بندن کي پنهنجي وسيلن تحت 6 فوٽ مٿي ڪيو ويو آهي ته جيئن ٻوڏ جي ڪنهن امڪاني نقصان کان بچي سگهجي وڏي وزير دانهيو ته  فيڊرل فلڊ ڪميشن وارا بند جو ڪم نه ٿا ڪرائين، انهن کي  سنڌ جي بندن جو مرمتي ڪم ڪرائڻ جو پابند بڻايو وڃي ته جيئن ٻوڏ کان هميشه لاءِ بچي سگهجي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير نثار احمد کهڙي وزيراعظم کي چيو ته درياءَ جي ٻنهي طرفن کان حفاظتي بندن کي حفاظتي اپائن تحت اسٽون پچنگ ڪرائي هميشه لاءِ ٻوڏ  کي روڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن جي زندگين ۽ سندن ملڪيتن کي بچائي سگهجي. ان کان اڳ سيڪريٽري آبپاشي سيد ظهير حيدر شاهه ۽ ڪمشنر سکر محمد عباس بلوچ وزيراعظم کي حفاظتي بندن جي ڪم ۽ ٻوڏ متاثرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ متعلق تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير آبپاشي ۽اطلاعات نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير صحت ڄام مهتاب حسين ڏهر، صوبائي وزير زراعت علي نواز خان مهر ، بحالي واري کاتي جو صوبائي صلاحڪار علي حسن هگورجو ۽ ايم.پي.اي احمد علي پتافي سميت چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ، اين.ڊي.ايم.اي جو چيئرمين ميجر جنرل (ر) اصغر نواز، آٰءِ. جي سنڌ، پي.ڊي.ايم.اي جو ڊائريڪٽر جنرل سيد سلمان شاهه ۽ ڪمشنر سکر محمد عباس بلوچ موجود هئا. هوڏانهن سنڌ جي سينئر وزير بندن جي مرمت جي حوالي سان وزير اعظم کي چپ ڪرائي ڇڏيو. ت وزير اعظم ميان نواز شريف قادر پور شينڪ بند جي دوري دوران بريفنگ ملڻ وقت چيو ته سنڌ حڪومت بندن جي مرمت جو ڪم ٻوڏ اچڻ وقت هنگامي بنيادن تي ڪرائي رهي آهي پر جيڪڏهن اهو ڪم اڳ ۾ ڪرايو وڃي ها ته هينئر هنگامي صورتحال پيدا نه ٿئي ها. جنهن تي سنڌ جي آبپاشي ۽ اطلاعات واري سينئر وزير نثار کهڙو وزير اعظم کي جواب ڏنو ته بندن جي تعمير ۽ مرمت جو ڪم اصل ۾ انڊس واٽر ڊولپمينٽ اٿارٽي جو آهي جيڪو وفاقي ادارو آهي ان پاران ڪم نه ڪرائڻ باوجود سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن آڌار هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرائي رهي آهي. جنهن تي وزير اعظم خاموش ٿي ويو ۽ وري اهڙي ڪا ڳالهه نه چوري ۽ نه ئي ڊيمن بابت ڪا ڳالهه ڪڍي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *