وفاقي گهر وزير جي پريس ڪانفرنس….

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته  ڌرڻي وارن جو هن ڀيري پاڪستان سيڪريٽريٽ ۾ داخل ٿيڻ جو منصوبو آهي، عمران خان جيڪو ٻج پوکي رهيو آهي، خدشو آهي ته اهو پاڪستان جون پاڙون هلائي نه ڇڏي، تڪراري خبر کان پهرين ڪجهه حقيقتون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇوته عوام کي خبر ناهي ته سچ ڇا آهي ۽ ڪوڙ ڇا آهي، ملڪ ۾ حقيقتن تي ٻڌل ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، سچ به ميڊيا تي هلي رهيو آهي ته ڪوڙ به، خبر تي ايڪشن وٺڻ منهنجو ڪم آهي ۽ منهنجي وزارت خبر تي ايڪشن کنيو، آرمي چيف سان لڪ ۾ ملاقات نه پر سڀني جي سامهون ٿي ۽ اها ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي، پر ڪجهه ماڻهو شين کي ڊرامائي انداز ۾ پيش ڪري رهيا آهن، لڳي ٿو ته ڊان ليڪس ۽ پاناما ليڪس ملڪ کي ٻوڙي ڇڏيندا، ڇوته خبر جي حقيقت کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي، جنهن سان قومي مفادن کي نقصان پهتو، جڏهن ته پرويز رشيد کي لاڳاپيل صحافي کي تڪراري خبر ڇڀرائڻ کان منع ڪرڻ گهرجي ها ۽ جيڪڏهن صحافي نه مڃي ها ته پوءِ ڊان اخبار جي انتظاميا سان ڳالهايو وڃي ها. گذريل ٽن سالن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن اجلاس ۾ سول ۽ ملٽري قيادت وچ ۽ ڪوبه تلخ ڪلامي ناهي ٿي ۽ نه ئي آءِ ايس آءِ چيف ۽ وزيراعليٰ پنجاب ۾ ڪي ڏند چڪ ٿيا آهن، ان ڪري تلخ ڪلامي واري ڳالهه بلڪل ڪوڙي ۽ بي بنياد آهي. پرويز رشيد صحافي کي پنهنجي آفيس گهرايو، پرويز رشيد کي چيو اهي ته هو پنهنجو موقف ڪميٽي جي سامهون پيش ڪري، ميڊيا ۾ اشو نه بڻايو وڃي، جيڪا ڳالهه هو مڃي ويو.

گذريل ڌرڻي ۾ طاهر القادري ۽ عمران خان به وڏي ڌام ڌوم سان آيا ۽ معاملو طئي ٿيو، ڌرڻي سبب چئن مهينا اسلام آباد بند رهيو، گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ ڪنهن کي به سياسي طور تي نه روڪيو، ان ڪري رستا، حڪومتي اداري ۽ عدالتن کي کولي رکڻ منهنجي ذميواري آهي، عمران خان کي چيو ته جتي منهنجي ذميواري اچي وئي ته اها آئون پوري ڪندس ۽ هن ڀيري اسلام آباد کي بند ڪرڻ جو پيغام مليو، پي ٽي آءِ جي رٿابندي کي اڳيان رکندي ريڊ لائين ٺاهي آهي ۽ پوليس کي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪير به مٿي چڙهي ته پوءِ ان کي جواب ڏنو وڃي، هنگامي کان عورت کي روڪيو ته هن چيو ته هوءَ فوجي آفيسر جي ڌيءُ آهي ۽ سندس اهو چوڻ فوج کي بدنام ڪرڻ جي برابر آهي، جڏهن ته آئون پاڻ فوجي جو پوٽو، فوجي جو پٽ ۽ فوجي جو ڀاءُ آهيان.  آرمي چيف سان هميشه سٺي ماحول ۾ گڏجاڻي ٿي آهي، ڪوئيٽا سانحي تي گڏجاڻي ٿي، آرمي چيف وزيراعظم کي چيو ته خبر جي جاچ ڪٿي پهتي، جنهن تي مون ٻڌايو ته جاچ تيار آهي، مون جاچ رپورٽ ۽ تجويزون ٻئي ڏينهن وزيراعظم کي ٻڌايون، جتي مون وزيراعظم کي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ اسحاق ڊار ۽ شهباز شريف به موجود هئا،آرمي چيف وزيراعظم کي چيو ته جيڪڏهن مناسب سمجهيو ته جاچ پڌري ڪرڻ کان پهرين اسان سان شيئر ڪري وٺو، جيڪڏهن ترديد ڪرڻي آهي ته پوءِ آرمي هائوس يا آءِ ايس پي آر ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *