وحشي صفت جو هڪ ڀيرو ٻيهر انسانيت تي حملو

ڏهرڪي جي قطب ٽائون ۾ سورنهن سالن جي عرفان پٽ فيض الله شيخ پنهنجي ئي برادري جي ڇهن سالن جي زيب ڌيءَ محمد نواز شيخ کي بهاني سان بٺي لڳ هڪ خالي پيل جاءِ ۾ کڻي وڃي حوس جو نشانو بنائڻ بعدکيس واهه ۾ اڇلائي فرار ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي نينگري جي والد محمد نواز، امڙ زرينه پنهنجي ننڍڙي پٽ ۽ ننڍي ڌيءُ سان گڏ زيب کي گڏهه گاڏي تي کڻي ٿاڻي تي پهتا، جتان پوليس وارن کين ليٽر ڏئي اسپتال روانو ڪيو، متاثر ٻارڙي جي امڙ دانهون ڪندي سرڪاري اسپتال ڏهرڪي پهتي ته ڊاڪٽرن ٻارڙيءَ کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بدران اهو چئي ايمبولينس به نه ڏني ته اسان وٽ ليڊي ڊاڪٽر ڪونهي، هي ڪيس اسان جو نه آهي ۽ اوهان نينگري کي کڻي گهوٽڪي اسپتال وڃو، جنهن بعد محمد نواز پنهنجي نياڻي کي بس ۾ کڻائي گهوٽڪي اسپتال ويو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي نينگري زيب جي پيءُ محمد نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان گڏهه گاڏو هلائيندو آهيان، منهنجي نياڻي سان ظلم ٿيو آهي، هن چيو ته غربت سبب اسان جا پاڙي وارا ۽ برادري جا ماڻهو به ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن پوليس ڏي وياسين ته هنن ڪچي پني تي فرياد وٺي اسان جي هٿ ۾ ليٽر ڏنو ۽ سرڪاري اسپتال وارن منهنجي نينگري کي هڪ سئي به نه هنئي ۽ ايمبولنس به نه ڏني ۽ چيو ته هي ڪيس گهوٽڪي جو آهي هتي ڊاڪٽرياڻي موجود ڪونهي. هوڏانهن، واقعي بعد عرفان شيخ جي والد فيض الله وارا پنهنجو گهر خالي ڪري ويا آهن، جڏهن ته ڏهرڪي پوليس نالي ماتر ڪارروائي ڪئي پر جوابدار هٿ نه آيو،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *