هندو ميرج بل2016

سنڌ اسيمبلي سومر ڏينهن ”سنڌ هندوز ميرج بل 2016ع جي يڪراءِ منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، جنهن تحت هندو، جين ۽ سکهه برادرين ۾ ٿيندڙ شادين جي رجسٽريشن لازمي ٿيندي. بل جا مقصد بيان ڪندي سينئر وزير نثار احمد کهڙي چيو ته هندو ۽ ٻين غير مسلم ڪميونٽيز ۾ ٿيندڙ شادين جي رجسٽريشن نه ٿيندي هئي ۽ شادين جا دستاويزي ثبوت نه هجڻ سبب انهن برادرين کي مشڪلاتون آڏو هيون. هن قانون تحت انهن کي مسلمانن وانگر شادين جي رجسٽريشن جو حق ڏنو ويو آهي. بل مطابق شادين جي رجسٽريشن يونين ڪائونسل يا يونين ڪميٽي يا ڪنهن بلدياتي اداري ۾ ٿيندي. قانون انهن شادين تي به لاڳو هوندو، جيڪي شاديون قانون جي منظوري کان اڳ به ٿي چڪيون آهن. قانون جي شيڊول اي ۾ سرٽيفڪيٽ آف ميرج (نڪاح نامو) به جوڙيو ويو آهي. بل تي بحث دوران مسلم ۽ غير مسلم ميمبرن هن قانون جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ اهڙو ڪو قانون نه هو، هي قانون جي تمام گهڻو اڳ ضرورت محسوس ڪئي پئي ويئي.

سنڌ اسيمبلي هندو ميرج بل منظور ڪري ورتو آهي. پران ۾ هڪ جهول رهجي ويو آهي ته عليحدگي بعد زال ۽ ٻارن کي ڪهڙا حق ملندا. بي بي سي موجب ن ليگ جي اڳواڻ نند ڪمار جو چوڻ آهي ته بل ۾ شادي رجسٽريشن جو طريقو واضح ڪيو ويو آهي پر جوڙي جي عليحدگي بعد زال ۽ ٻارن کي ڪهڙا حق هوندا. اهو بل ۾ ذڪر ناهي ڪيو ويو. بل مطابق شادي ۾ 2 شاهدن جي موجودگي ۽ والدين جي اجازت لازمي قرار ڏني وئي. اسان چاهيون پيا ته پنڊت ۽ شادي ڪرائيندڙن جي به رجسٽريشن ٿيڻ گهرجي پر حڪومت چيوته اهو بعد ۾ ڏٺو ويندو. جڏهن ته جن جي پهريان شادي ٿي چڪي آهي اهي به رجسٽريشن ڪرائي سگهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *