نيپرا جي رپورٽ-احتساب ڪير ڪندو؟

نيپرا پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته 15 -2014ع ۾ سرڪاري پاور پلانٽ رڳو 41 سيڪڙو بجلي پيدا ڪري سگهيا آهن، جناح پن بجلي منصوبي مان به گهربل بجلي پيدا نه ٿي سگهي، ٿرمل پاور پلانٽن کي به هٿ سان بند ڪيو ويو آهي. نئين ميٽر سسٽم کي پڻ ناڪام قرار ڏيندي نيپرا جو چوڻ آهي ته ان سان 70 سيڪڙو صارفين کي غلط بل ملي رهيا آهن، رپورٽ ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي ڪارڪردگي مڪمل طور تي ناقص ڄاڻائي وئي آهي، سنڌو درياءَ تي قائم ڪيل جناح هائيڊرو پراجيڪٽ جي ڪارڪردگي تي پڻ سوال اٿاريا ويا آهن، ٻڌايو وڃي ٿو ته منصوبي تي 17 ارب روپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود خرابيون ختم ناهن ڪيون ويون، ٽي سال گذري ويا، پر منصوبو درست نموني ڪم ئي نه پيو ڪري ۽ ان مان رڳو ٽن سالن ۾ 72 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، رپورٽ ۾ آئيسڪو جي ڪارڪردگي پهرين ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي ٻي نمبر تي بهتر قرار ڏني پئي وڃي، باقي بجلي ورهاست وارين ٻين ڪمپينن جي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي ناهي. هونئن ته پاڪستان وجود ۾ اچڻ کانپوءِ قوم ڪيترن ئي وڏن سانحن ۽ بحرانن کي منهن ڏنو آهي، انهن ۾ توانائي جو بحران به شامل آهي، جيئن جيئن ملڪ جي آبادي ۾ اضافو ٿيندو ويو، تيئن تئين وري گهُرجن ۾ به واڌ ٿيندي رهي، پر وڏي افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ جڏهن کان بجليءَ جي بحران ڪرُ کنيو، ان وقت کان وقت جي حاڪمن توڙي سياستدانن انهيءَ قومي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ سنجيدگي ڏيکارڻ بجاءِ ان تي سياست شروع ڪئي ۽ پنهنجي سياسي دڪانداري چمڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر تڏهن به بجلي بحران وارو مامرو حل نه ٿيو، ويتر ان کي ڳنڀير بڻائي عوام کي بيوقوف بڻائڻ ۽ ان معاملي کي ووٽ حاصل ڪرڻ جو وسيلو ۽ ذريعو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪيترائي ڀيرا اڳين توڙي موجوده حڪومت ۾ پاڻي ۽ بجلي وزارت جو قلمدان سنڀاليندڙن جي واتان بجلي بحران حل ڪرڻ جا واعدا ۽ وچن به ٻڌا ويا، ايتري تائين جو ملڪ جي چيف ايگزيڪٽو به بجلي جي معاملي تي بيان ۽ ٽائيم فريم ڏيڻ کان وسان ڪين گهٽايو، پر خبر ناهي ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ اڳڀرائين جو عوام کي ثمر ڇونه ملي سگهيو؟ نيپرا جي سالياني رپورٽ ۾ موجوده وفاقي حڪومت کي بجلي جي بحران جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وفاقي سرڪار عوام جي فلاح لاءِ منصوبا جوڙي اڳيان وڌڻ جون دعوائون ته کوڙ ڪيون آهن، پر انهن مان اڪثر اڃا لاڀائتيون ثابت ناهن ٿيون، اسين رڳو بجليءَ جي معاملي تي ئي ڳالهايون ته ان جي ورهاست واري نظام ۾ بهتري ۽ پيداوار ۾ اضافو ڪرڻ جون ڳالهيون رڳو بيانن تائين ئي محدود لڳن ٿيون، هتي اهو به سوال اڀري ٿو ته ڇا مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سنڌ ۾ ٿرمل پاور پلانٽ ان ڪري بند ڪرايا آهن ته جيئن ان تي سياست ڪري سگهجي يا وري انهن بجلي گهرن کي ان وقت ٻيهر فعال بڻايو ويندو، جڏهن عام چونڊون ويجهو اينديون ۽ ان کي ووٽ وٺڻ جو وسيلو بڻايو ويندو؟ جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته مرڪزي سرڪار جو اهو رويو صوبن خاص ڪري سنڌ سان تعصب ظاهر ڪري ٿو ۽ ان سان مستقبل ۾ خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. نوان ميٽر لڳائي عوام ڏانهن واڌو بل موڪليا ويا، انهن کي قرضي بڻايو ويو، ٻڌايو ُوڃي ته هاڻي پاڻي ۽ بجلي وزارت جي وفاقي توڙي مملڪتي وزيرن ۽ انهن جي ماتحت ڪم ڪندڙ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين خلاف ڪير احتساب ڪندو؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *