نيشنل ايڪشن پلان ۾ وڌيڪ تيزي جو فيصلو

گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف ۽ پاڪ فوج جي قيادت ۾ ٿيل اجلاس دوران ”نيشنل ايڪشن پلان“ ۾ عملي تيزي تي زور ڀريندي اهو چيو ويو آهي ته ان پلان هيٺ آپريشن جي ڪري ملڪ ۾ اندروني طور سگهاري تبديلي آئي آهي ۽ امن امان جي حالت ۾ چٽي بهتري آئي آهي. هن چيو ته هو ڪنهن به هڪ صوبي جي ڳالهه نه پر سڄي ملڪ ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي حوالي سان ڪي ڳالهيون هجڻ گهرجن ها، جنهن نموني عمل ٿيڻ گهرجي ها،  اهو نه ٿيو آهي. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ خواجا آصف ، خيبر پختونخواهه کان سواءِ سمورن صوبن ۽ گلگت بلتستان جا وڏا وزير ۽ چيف سيڪريٽري، ايجنسين جا سربراهه ۽ ڪي پي ۽ ڪشمير جا گورنر شريڪ ٿيا. نيشنل ايڪشن پلان جي جائزي واري اجلاس کانپوءِ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته رياست جي اختيار کي چئلينج ڪرڻ وارن کي سختي سان ڪچليو ويندو. اسلام جي آڙ ۾ فساد ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ان سلسلي ۾ مسجدن ۽ عبادتگاهن تان نفرتون ڦهلائڻ جي اجازت پڻ نه ڏني ويندي. هن چيو ته ڪئين دهشتگرد هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر ان هوندي به دهشتگردي ڪچلڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو. هن اين جي اوز توڙي مدرسن جي پرڏيهي امداد تي ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن کي ڪابه خبر ناهي ته ڪير ڪيترا پئسا ڏئي ٿو، ڪنهن کي ڏئي ٿو ۽ ڇا تي خرچ ٿين ٿا. هن چيو ته ان سموري وهنوار کي هڪ سرشتي پوئيو ويندو. هن چيو ته ملڪ ۾ ”بندش پيل“ تنظيمن جو انگ 61 آهي جڏهن ته جماعت الدعوا جي خاص نگراني ڪئي پئي وڃي. هن ”ضرب عضب“، فوجي عدالتن ۾ پيل ڪيسن ۽ آيل فيصلن توڙي گرفتار ٿيل دهشتگردن ۽ انهن کي سوگهو ڪرڻ لاءِ ڪيل آپريشن جي باري ۾ تفصيل پڻ ڏنا آهن. نيشنل ايڪشن پلان کي دهشتگردي مخالف ايڪشن ۾ ڪُل-طرفو ۽ گهڻ-پاسائون ڪم ڪرڻو آهي، پر وزيراعظم جن ڪمزورين جي نشاندهي ڪئي آهي، جيڪي جهول ٻڌايا آهن انهن کي درست ڪرڻ پڻ انتهائي ضروري آهي. ان ڪرڻ سان ان سموري اهم ترين رٿا جي باري ۾ عوام توڙي ميڊيا ۾ ڪي به هيٺ مٿاهيون نظر نه اينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *