نيب ۽ سياستدان

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته نيب سنڌ ۾ ڪارروائي ڪندي رهي ته ڪنهن به اعتراض نه هيو،هُن پنجاب ۾ کير سان ڌوتل ماڻهن ۾ هٿ ڇو وڌا آهن، پيپلز پارٽي ته 2008ع کان نيب کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي.مضبوط مخالف ڌر مضبوط جمهوريت لاءِ آهي ، ڪمزور پارليامينٽ مان ڪمزور جمهوريت جنم وٺندي آهي.سندس چوڻ هو ته ميان صاحب ٿورو دير سان سوچيندو آهي،پيپلز پارٽي ته 2008 ع کان چوندي پئي اچي ته نيب کي ختم ڪيو ۽ ڪرپشن خلاف پارلياماني ڪميشن بڻائي وڃي،جيستائين ننڍن صوبن  ۽ ننڍن ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي رهي ته نيب سُٺي هئي،هاڻي انهن غلطيءَ سان پنجاب جي ماڻهن ۾ هٿ وڌا آهن ته نيب خراب ٿي وئي.پنجاب جا ماڻهو ته صاف ۽ پاڪ آهن،ڪرپشن رڳو ننڍن صوبن جا ماڻهو ڪند آهن،اسانکي تاريخ مان سبق وٺڻو پوندو.جيستائين رينجرز سنڌ ۾ ڪارروائي ڪندي رهي ته بهترين هئي،هاڻي پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏنو آهي ته تڪليف ٿي رهي آهي. اسانکي ميٽرو ۽ اورينج لائين ريل تي ڪو به اعتراض ناهي ،پر جيڪڏهن انهن پئسن مان وڏا اسڪول ۽ اسپتالون ٺهن ها ته عوام جو گهڻو ڀلو ٿئي ها.

اسان جي ملڪ ۾ اهو نرالو قانون آهي ته ڪڪڙ چور ڦاهي چڙهيو وڃي ۽ اربين روپيا ڳهندڙ کي چهنڊي به نه پوي، نيب جڏهن تحرڪ ۾ آئي اهي ته پهرين صوبائي حڪومتون ان جي خلاف واويلا ڪنديون رهيون ته سياستدانن خلاف نيب ڪارروايون نه ڪري پر پارليامينٽ ۾ بحٽ مباحثا ڪرايا وڃن جئين ملي ڀڳت سان ان معاملي کي به فائين جي حوالي ڪري ڇڏجي جئين ڪو ان بابت ڳالهائي بنه سگهي، هاڻي جڏهن نيب پنهنجو رخ پنجاب طرف ڪري ڇڏيو ته وري پنجاب ۽ وفاقي حڪومت ميدان ۾ آهن ته نيب خراب آهي، ان خلاف مختلف قسمن جا الزام مڙهيا پيا وڃن مٿان وري ان خلاف جاچ ڪميٽي جوڙي پئي وڃي جئين نيب جا پر ڪتري نالي ماتر ادارو بڻائي ملڪ کي لٽڻ جو سلسلو جاري او ساري رکيو وڃي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *