نيب جو گهرو وزارت کي لکيل خط

نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي. نيب پاران گهرو وزارت کي ٻه جدا جدا خط موڪليا ويا آهن، هڪ خط ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻئي ۾ ان جي ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر جو نالو شامل ڪرڻ جو چيو ويو آهي. واضح رهي ته نيب جي ريفرنس تي احتساب عدالت اسلام آباد ۾ ٻڌڻي جاري آهي ۽ گذريل ڏينهن نواز شريف حاضري کان ٻن هفتن جي ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي هئي جنهن تي نيب سندن نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ گهرو وزارت کي خط لکيو آهي.

نيب جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال العزيزيه ۽ فليگ شپ ڪيسز جا  ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. انهن ضمني ڪيسز ۾ نواز شريف، حسن ۽ حسين نواز جي خلاف نوان ثبوت حصو هوندا. رپورٽون آهن ته ضمني ريفرنس ۾ حسن ۽ حسين نواز جي آف شور ڪمپنين جا نوان تفصيل به شامل هوندا ۽ العزيزيه ريفرنس اسٽيل ملز ريفرنس ۾ پڻ نوان ثبوت فراهم ڪيا ويندا. نيب ٻئي ضمني ريفرنس جلد احتساب عدالت ۾ داخل ڪندي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزيرچيو آهي ته شريف خاندان جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت ڏيهه اچڻ بعد ڪيو ويندو، جيڪو آئين ۽ قانون مطابق هوندو.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه  به موقعي جو فائدو کڻندي گهرو وزارت کان مطالبو ڪيو آهي ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ نيب جي خط تي عمل ڪيو وڃي. گهرو وزارت نيب جي خط تي عمل نه ڪيو ته شرجيل ميمڻ کي آزاد ڪرڻو پوندو، قانون موجب سڀني سان هڪ جهڙو ورتاءُ ڪرڻ گهرجي. شريف خاندان جي خلاف ريفرنس آهي شرجيل ميمڻ جي خلاف ريفرنس به ناهي، شرجيل ميمڻ پاڻ پيش ٿيو هو شريف خاندان جي ماڻهن کي پڪڙيو ويو ۽ پوءِ ڇڏيو ويو جيڪو غيرقانوني عمل هيو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *