نيب تحرڪ ۾ اچي وئي

نيب چيئرمين وزيراعظم نواز شريف جي خاندان ۽ پنجاب ۾ هلندڙ منصوبن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. حڪومت به نيب کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ خاص ڪميشن بڻائڻ يا اختيار گهٽائڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. نيب چيئرمين پنجاب نيب جي ڊائريڪٽر جنرل کي هدايت ڪئي آهي ته هو شريف ڀائرن خلاف ڪرپشن ڪيسن کي آخري نتيجن تائين پهچائڻ لاءِ عدالتن مان منع ناما جلد ختم ڪرائڻ جون ڪوششون ڪري. نواز شريف ۽ شهباز شريف خلاف رائيونڊ روڊ جي تعمير ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن، ٽيڪس چوري، مني لانڊرنگ ڪيس ۽ ايف آءِ اي ۾ ناجائز ڀرتين جا ڪيس نيب ۾ موجود آهن. نيب چيئرمين سمورا ڪيس اڪلائڻ لاءِ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ پنجاب نيب کي سخت هدايتون جاري ڪيون آهن. ذريعن موجب نيب چيئرمين جو چوڻ آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف پاران عدالتي منع ناما وٺڻ بعد آصف زرداري، راجا پرويز اشرف، يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين خلاف ڪرپشن جا ڪيس به سست رفتاري جو شڪار ٿي ويا آهن. قومي احتساب بيرو جي چيئرمين قمرزمان چوڌري جو چوڻ آهي ته نيب ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پر عزم آهي،پر اداري ۾ ڪارڪردگيءَ جي ضرورت هر وقت موجود رهندي آهي.نيب چيئرمين قمرزمان چوڌري ملتان ۾ نيب جي ڊويزنل آفيس جو دورو ڪيو،ان دوران نيب چيئرمين ڊويزنل آفيس جي سالياني ڪارڪردگيءَ جو جائزو ورتو ۽ اجلاس ۾ مانيٽرنگ ٽيم جي سينيئر ميمبر دويزنل آفيس جي ڪاميابين ۽ ناڪامين ببات ڄاڻ ڏني.ان موقعي تي قمر زمان چوڌري چيو ته نيب جا فاٽا ۽ گلگت بلتستان سوڌو 8 ڊويزنل آفيسون ڪم ڪري رهيون آهن.2015 ع ۾ نيب ملتان کي مان 1438 شڪايتون مليون،ملتان آفيس 124 مان 87 شڪايتن جي پڪ ڪئي جڏهن ته 61 مان 43 جاچ مڪمل ڪيون ۽ 43 مان 32 معاملا مڪمل ڪيا ويا. حڪومت قومي احتساب بيورو (نيب) کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ خاص ڪميشن جوڙڻ جون تياريون ڪري رهي آهي. جنهن لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي. ڪميشن جو سربراهه سپريم ڪورٽ جي رٽائر جج کي مقرر ڪيو ويندو. ڪميشن ۾اهل آفيسرن ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرن کي شامل ڪيو ويندو. نيب ڪميشن جي منظوري کانسواءِ ڪنهن به خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهندو. ڪميشن جي منظوري ۽ ثبوت ڪميشن جي سامهون رکڻ لازمي هوندو، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ سندن ويجهن وزيرن ۽ قانوني ماهرن جو اجلاس ٿيو،  جنهن ۾ ڪجهه تجويزون ڏنيون ويون، جن موجب نيب ڪميشن جي منظوري کانسواءِ ڪنهن خلاف به ڪارروائي نه ڪري سگهندو. ان سلسلي ۾ نيب جي قانون ۾ ترميم لاءِ اسيمبلي ۾ بل آڻڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي، جنهن ۾ سمورن سياسي ڌرين جا نمائندا شامل هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *