نو ڊو مور….!!

پاڪستان آمريڪا ٽريڪ ٽو ڊائيلاگ جي چوٿين اجلاس کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته پاڪستان هٿ جي ٺاهيل دهشتگردن ۽ پناهگيرن جي مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي، آمريڪا سان ڊگهي مدي وارن لاڳاپن، نئين آمريڪي پاليسي سان اختلاف آهي، پاڪ ڀارت لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ تي آمريڪا جي ڪردار کي ساراهينداسين، پاڪستان جي ڪوششن سان آمريڪا ۽ يورپ ڪيترن دهشتگرد حملن کان بچي ويا آهن، اسان جي ڪوششن سان آمريڪا ۽ يورپ ڪيترن ئي دهشتگردن جي حملن کان بچي ويا. خطي ۾ صورتحال ڏکي آهي، اڄ افغانستان حڪومت اختلافن جو شڪار آهي. افغانستان ۾ منشيات جي پيداوار ۽ لاقانونيت عروج تي آهي. افغانستان ۾ حالتن جي خرابي جو الزام پاڪستان تي نه ٿو ڏئي سگهجي، اسان افغانستان ۾ افغانين جي لاءِ امن چاهيون ٿا. پاڪستان ۾ دهشتگردن جو ڪو به منظوم وجود نه آهي. پاڪستان ۾ هٿ جي ٺاهيل دهشتگردن ۽ پناهگيرن جي مسئلن کي منهن ڏيڻو آهي، اسان کي پاڻي وسيلن، افغانستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن کي منهن ڏيڻو پوندو. امن عمل جي لاءِ وڌيڪ ڪم پاڻ افغانستان ۾ ٿيڻو آهي. اسان جي معيشت هن وقت دنيا ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشت آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته آمريڪا سان اعتماد جي کوٽ اڄ به برقرار آهي ۽ آمريڪا جي مشروط پاليسي سان افغان مفاهمتي عمل کي ڌچڪو پهتو آهي. خطي ۾ صورتحال ڏکي آهي ۽ نئين آمريڪي پاليسي سان اختلاف آهن. اسان هڪ مستحڪم ۽ محفوظ افغانستان چاهيون ٿا، هڪ ورهايل معاشرو مفاهمتي عمل کي مشڪل بڻائي رهيو آهي. افغانستان ۾ حڪومت پاڻ مشڪلاتن جو شڪار آهي، منشيات ۽ لاقانونيت عروج تي آهي ان لاءِ افغان مسئلن جو الزام پاڪستان تي نه ٿو هني سگهجي. افغانستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن کي ختم ڪرڻو پوندو. افسوسناڪ ڳالهه آهي جو پاڪستان تي قربانين باوجود الزام لڳي رهيا آهن. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ انٽلييجنس تعاون اڻٽر آهي. اسان نه ٿا چاهيون ته پاڪستان جي سرزمين ڪنهن به پاڙيسري ملڪ خلاف استعمال ٿئي. افغانستان ۾ وڏي ۽ وسيع ڪردار جي خلاف آهيون. افغانستان ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جو ڪردار اهميت جوڳو آهي. پاڪستان ۽ آمريڪا سوويت يونين ۽ القاعده کي گڏجي خطي مان ڪڍيو. پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري ڪيفيت سٺي نه آهي ان لاءِ ٻنهي ملڪن کي لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي پنهنجي ملڪي مفادن ۾ ڪري رهيا آهيون. دهشتگردي خلاف جنگ پاڪستان جي دفاع جي جنگ آهي ۽ پاڪ ڀارت تڪرار جي خاتمي لاءِ آمريڪي ڪردار جي آجيان ڪريون ٿا. هن وقت اختلاف موجود آهن ۽ آمريڪا سان اعتماد جي کوٽ اڄ به برقرار آهي پر رابطا ضرور قائم ٿيا آهن. دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي باري ۾ افغانستان کي پاڻ قدم کڻڻو پوندو باقي آمريڪا پاران پاڪستان تي الزام هڻڻ قطعي غلط ڳالهه آهي. ڪيترائي مسئلا افغانستان جي پنهنجي اندر موجود آهن جيڪي افغان حڪومت کي حل ڪرڻا آهن، اسان چاهيون ٿا ته اسان جا افغان ڀائر امن سان رهن، افغان امن اسان جي اولين ترجيح آهي ڇو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان جي لاءِ ضروري آهي. افغانستان ۾ امن اسان جي خواهش آهي پر الزام تراشي بدران مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. افغانستان دهشتگردي جي سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. افغانستان جي سڄي معيشت ۽ منشيات جي ڪاروبار جي ڪري پريشر گروپ چاهين ٿا ته اها جنگ جاري رهي. جڏهن ته افغان پناهگيرن جي باري ۾ آمريڪا جي الزام تراشي قابل قبول نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *