نواز شريف جي اڄ نيب اڳيان پيشي….!

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف سمورين اڳڪٿين کي غلط ثابت ڪندي واپس ملڪ پهچي ويو. اڄ نئب جي عدالت ۾ اڪيلو پيش ٿي حاضري کان آجپي جي درخواست ڏيندو.  ان سلسلي ۾ نجي ٽي وي جي رپورٽ آهي ته نواز شريف جي گهرو ذريعن ٻڌايو آهي ته نواز شريف ملڪ پهچي اڄ اڱاري تي وڪيلن کان سواءِ اڪيلو احتساب عدالت ۾ پيش ٿيندو. شريف پنهنجي گهر ڀاتين سان صلاح بعد ملڪ موٽڻ جو فيصلو ڪيو . نواز شريف کي نئب عدالتن ۾ پيش نه ٿيڻ جي صلاح ڏني وئي هئي. هن پاڻ ان جي ابتڙ فيصلو ڪيو آهي. نواز شريف ۽ ٻارن خلاف 3 ريفرنس  آهن. جن ۾ العزيزيه  اسٽيل مل، جدا اسٽيل مل ۽ لنڊن فليٽ جا ڪيس شامل آهن. مريم نواز في الحال لنڊن ۾ ئي رهندي. ڇاڪاڻ ته بيگم ڪلثوم نواز جا 3 آپريشن تازو ئي مڪمل ٿيا آهن. نواز شريف کي سندس وڪيلن واپس اچڻ جي صلاح ڏني هئي. شهباز شريف سان به ان معاملي تي ڳالهيون ڪيون ويون. حسين نواز، حسن نواز ۽ مريم نواز واپس نه پيا اچن. ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ تصديق ڪندي چيو آهي ته نواز شريف سياسي ۽ عدالتي ٻنهي معاملن جي ڪري واپس آيو آهي، نواز شريف پهرين شنوائي تي اڳين حاضرين مان آجپي جي درخواست ڏيندو. ٻي ٻڌڻي تي نواز شريف جا ٻار به پيش ٿيندا. جڏهن ته ڪيس ۾ نئب سان سهڪار ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو بعد ۾ وڪيلن جي صلاح سان ڪيو ويندو.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وطن واپسي کان اڳ پنهنجي گهر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائينديچيوته اسان ڪابه ڪرپش نه ڪئي آهي نه ئي سرڪاري پئسو کاڌو آهي. مون هر هر چيو ته اسان تي ڪرپشن ڪڪ بيڪ يا ڪميشن جو ڪو به ڪيس نه آهي ڳالهه پاناما جي هئي ته پوءِ سزا اقاما تي ڇو ٻڌائي وئي. ريفرنس پئسا کائڻ يا ٺيڪن مان پئسا ڪمائڻ جو هجي ها ته هي ڪهڙي قسم جو احتساب آهي. فيصلو به انهن ئي ڏنو، اپيل به انهن ئي ٻڌي ۽ هاڻ نگران جج اهي ئي بڻجي ويا آهن. اهو ارادو نه هو ته لنڊن ويٺو رهندو ۽ واپس نه ويندس. گهر واري جي طبعيت پڇڻ لاءِ آيو هيس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *