نواز اوباما- ملاقات، رسمي يا نتيجا ڏيندڙ

سوال اهو ٿو اٿي ته وزير اعظم نواز شريف جي جي آمريڪي ياسترا جنهن کي ڪجهه ڌريون ڪامياب ته ڪجهه ڌريون ناڪام قرار ڏئي رهيو آهن، جنهن جي وضاحت ڪجهه هن ريت آهي ته واشنگٽن وائيٽ هائوس ۾ ٿيل پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف ۽ آمريڪي صدر براڪ اوباما ۾ ملاقات دوران آمريڪي صدر پاڪستان سان لاڳاپن ۾ واڌ جي خواهش جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ميان نواز شريف خواهش ڏيکاري ته پاڪ – آمريڪا وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو، وزيراعظم نواز شريف پنهنجي وفد سميت واشنگٽن جي بليئر هائوس مان وائيٽ هائوس پهتو، جتي آمريڪي صدر براڪ اوباما ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سندس شاندار استقبال ڪيو ٻنهي اڳواڻن خوشگوار ماحول ۾ هڪٻئي سان هٿ ملايو ان موقعي تي ڳالهائيندي آمريڪي صدر براڪ اوباما ميان نواز شريف جي وائيٽ هائوس آمد تي سندس ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ مضبوط لاڳاپا قائم آهن، جن ۾ هو واڌ چاهي ٿو آمريڪي صدر واضح ڪيو ته پاڪ – آمريڪا لاڳاپا رڳو سڪيورٽي تائين محدود ناهن، پاڪستان دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي صدر براڪ اوباما ان موقعي تي آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي مجموعي ڪردار جي ساراهه پڻ ڪئي ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف،ڀرپور مهمانوازيءَ تي آمريڪي صدر جا ٿورا مڃيا ميان نواز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا 70 ورهين تي ٻڌل آهن، سندس دوري سان ٻه طرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ان کان اڳ وزيراعظم نواز شريف سان نائب آمريڪي صدر جو بائيڊن بليئر هائوس ۾ نيرن تي ملاقات ڪئي ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار تي به غور ڪيو ويو ملاقات دوران نائب آمريڪي صدر به دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار جي ساراهه ڪئي ۽ سهڪار جاري رکڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.

جئين ته پاڪستان جا اهم مسئلا هڪ لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي اڳڀرائي جيڪا وقفي وقفي سان جاري اهي ۽ جنهن جو شڪار سرحد لڳ آباد ڳوٺن جا مقامي ماڻهو بڻجي رهيا آهن، ڪشمير مسئلو پڻ پنهنجي جڳهه تي اهميت رکي ٿو ڇو جو ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڪشمير تڪرار تمام پراڻو ۽ حل طلب رهيو آهي جنهن بابت پاڪستان گڏيل قومن سميت هر فورم تي دانهيو آهي، پاڪستان ۾ جاري رهشتگردي ته به ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن، جوهري هٿيارن جا معاملا به پنهنجي جڳهه تي اهميت رکن ٿا، اهڙا ٻيا به مسئلا هن جن جو حل ٿيڻ انتهائي اهم آهي، پاڪ آمرڪي سربراهن جي ملاقات ۾ انهن مسئلن تي ڪو خاص ڌيان ناهي ڏنو ويو البته رسمي بيان بازي ضرور ڪئي آهي جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته وزير اعظم صاحب جي آمريڪي ياترا فوٽو سيشن کانسواءِ ڪا فائدي مند ناهي رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *