نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس جو فيصلو………..

ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي بلوچ قومپرست اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي جي قتل ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو، ان کانسواءِ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير آفتاب احد شيرپائو ۽ بلوچستان جي اڳوڻي گهرو وزير شعيب نوشيرواني کي به ان ڪيس مان آجو ڪيو ويو آهي، ميڊِيا رپورٽن مطابق ڪوئيٽا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي اڳوڻو وفاقي گهرو وزير آفتاب احمد شيرپائو عدالت ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران عدالت مختصر فيصلو جاري ڪندي اڳوڻي صدر پرويز مشرف، آفتاب احمد شيرپائو ۽ شعيب نوشيرواني کي ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مقتول جي قبر کوٽن واري درخواست به رد ڪئي وئي، ٻڌڻي کانپوءِ جميل اڪبر بگٽي عدالتي فيصلي تي اعتراض واريندي ان کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. عدالت نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ نامزد ٽن ملزمن اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، اڳوڻي گورنر بلوچستان اويس احمد غني ۽ اڳوڻي ڊي سي ڊيرا بگٽي عبدالصمد لاسي جا داعمي وارنٽ جاري ڪندي سندن گرفتاري تائين ڪيس پينڊنگ ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو. واضح هجي ته نواب اڪبر بگٽي 26 آڪٽوبر 2006ع تي بلوچستان جي جبلن ۾ هڪ آپريشن دوران شهيد ٿي ويو هو، جنهن جو ڪيس 2009ع ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي داخل ٿيو، ان ڪيس ۾ آزاد ٿيل ٽنهي جوابدارن سوڌو 12 ماڻهن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو هو.

اڪبر بگٽي جي پٽ جميل بگٽي جي وڪيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالتي فيصلي مان مطمئن ناهيون، ان ڪري اهو فيصلو هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين، جاچ ٽيمن جي ڪارڪردگي به بيان ڪرڻ جوڳي ناهي، عدالت ۾ هڪ ملزم کي به پيش نه ڪيو ويو، ملزمن کي سزا ملڻ گهرجي ها.

اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف چيو آهي ته اڪبر بگٽي ڪيس ۾ عدالتي فيصلي ثابت ڪري ڇڏيو ته مون تي داخل ڪرايل سمورا ڪيس سياسي هئا، جن ۾ ڪابه سچائي نه هئي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پرويز مشرف جو چوڻ آهي ته اڄ آئون پرسڪون آهيان، ڇوته اڪبر بگٽي ڪيس ۾ عدالت طرفان ڪيل فيصلي ثابت ڪري ڇڏيو ته مون تي ٺاهيل ڪيس سياسي هئا، مون تي بي بنياد ڪيس داخل ڪرايا ويا، مون کي يقين آهي ته ٻين به ڪيسن جو فيصلو مستقبل ۾ اڪبر بگٽي ڪيس جيان ئي ايندو. آفتاب احمد شيرپائو چيو ته ڪيس ۾ بيگناهه هئاسين، ان ڪري اسين بري ٿيا آهيون، اسان جي خلاف ڪنهن به شاهدي نه ڏني هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *