نئين ڪابينا جي جوڙجڪ اوچتو ملتوي…

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ مري ۾ ٿيل اجلاس ۾ مختلف اڳواڻن کي وزارتون ڏيڻ جي معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو پر هو حتمي فيصلي تي پهچي نه سگهيا  آهن، مسلم ليگ (ن) جي اهم اڳواڻن ۾ وزارتن جي ڇڪ ڇڪان سبب وفاقي ڪابينا کي حتمي شڪل نه ملي سگهي ۽ حلف برداري تقريب عين موقعي تي ملتوي ڪئي وئي، اطلاع آهن ته  خواجه آصف پنهنجي ڪٽر مخالف چوڌري نثار جي گهرو وزارت طلب ڪري ورتي آهي جڏهن ته قادر بلوچ پڻ ساڳئي وزارت جو خواهشمند هجڻ جي ڪري معاملا سلجهي نه سگهيا آهن چوڌري نثار کي پرڏيهي وزارت، عبدالقادر بلوچ کي گهرو، خواجه آصف کي ناڻي واري وزارت ۽ خواجه سعد رفيق کي ساڳئي ريلوي واري وزارت کانسواءِ باقي اڳوڻي ڪابينا برقرار رکڻ تي مشاورت ڪئي وئي جڏهن ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نواز شريف سان ملاقات ۾ معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف پڻ موجود هو پر معاملا سلجهڻ نه ڪري وفاقي ڪابينا جي حلف برداري تقريب ملتوي ڪئي وئي آهي جيڪا هاڻي جلد ٿيڻ جو انديو به ڏنو ويو آهي.

مري ۾ مشاورتي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته  ووزيراعظم ڀلي تبديل ٿيو هجي پر پاليسيون پراڻيون جاري رهنديون، اين اي 120 تان پهرين کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪنداسين، سي پيڪ ميت سمورن ترقياتي منصوبن کي جاري رکيو ويندو، وزيراعظم جي تبديلي سان ڪجهه نه ٿو ٿئي، مسلم ليگ (ن) جون اڳوڻيون پاليسيون جاري رهنديون. سي پيڪ سميت سمورا ترقياتي منصوبا جاري رهندا. نواز شريف سان ڪابينا جي جوڙجڪ بابت مشاورت ٿي آهي، نئين ڪابينا هڪ ٻن ڏينهن ۾ حلف کڻندي، چئن ڏينهن ۾ جمهوري عمل کي وڏي اڪثريت سان بحال ڪيو ويندو. نواز شريف ڪابينا جي حلف کڻڻ کانپوءِ لاهور ويندو. چوڌري نثار جي ڪابينا ۾ شموليت جي حوالي سان مشاورت جاري آهي، فيصلو چوڌري نثار کي به ڪرڻو آهي ته هو ڇا ٿو چاهي. پرچو آئوٽ ٿيڻ جو انتظار آهي. پوءِ ڏسنداسين ته ڇا ٿو ٿئي، پنهنجي وڏي پروٽوڪول جي حوالي سان به سندس چوڻ هو ته هي پروٽوڪول نه پر سيڪيورٽي آهي.

واضح ڪندا هلون ته پانامه ليڪس جي فيصلي کان اڳ چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ڪرڻ جا اعلان ڪري وري ملتوي ڪرڻ بعد نيٺ اندر جي باهه ڪڍندي چيو هو ته هو فيصلي اچڻ بعد وزارت تان استيعفيٰ ڏيڻ بعد نئين ڪابينا جو حصو نه بڻجندو ، چوڌري نثار اصول پسند سياستدان ليکيو ويندو آهي هاڻي ڏسجي ته هو پنهنجي ان قول تي قائم رهي ٿو يا وري نئين ڪابينا ۾ ڪا ذميواري کڻي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *